DAILY MOOMAL

تازيون خبرون

Today's News Paper

Click Here to read the news paper

Share Now :

Other Pages

Moomal International

Moomal National

Moomal Sports

Moomal showbiz

Picture2

پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ 24 معاهدن تي صحيحون،پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي:ترڪ صدر

اسلام آباد( بيورو) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. اسلام آباد ۾ مختلف معاهدن ۽ يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب دوران خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال اسان جا به هيرو آهن. ترڪ صدر ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ 24 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري سان ملاقات دوران واپاري معاملن تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته ترڪيه پنهنجي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پنج ارب ڊالرز جي تجارتي معاهدي تي ڳالهيون ٿيون، جڏهن ته دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ٿيو. رجب طيب اردگان وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو ترڪيه جي زلزلي سبب متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ آيو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جو ثبوت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه جي معارف فائونڊيشن جا اسڪول پاڪستان جي تعليمي شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، جڏهن ته قبرص واري معاملي تي پاڪستان جي حمايت اسان لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. اردگان جو چوڻ هو ته دنيا جي هر فورم تي پاڪستان سان گڏجي فلسطين لاءِ آواز بلند ڪيو، فلسطيني عوام جي مدد اسان جو اخلاقي فرض آهي ۽ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين.

Picture3

چيمپيئنز ٽرافيجون ڪراچيءَ ۾ ميچون، ٽريفڪ پلان جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس نيشنل اسٽيڊيم ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي ميچن لاءِ ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو. ٽريفڪ پوليس موجب، ڪراچيءَ ۾ چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون 19 کان 21 فيبروري ۽ پهرين مارچ تي کيڏيون وينديون، جنهن دوران سر شاهه سليمان روڊ ٽريفڪ لاءِ کليل رهندو. پارڪنگ لاءِ ڪارساز کان ايندڙ شوقين نيشنل ڪوچنگ سينٽر ۽ چائنا گرائونڊ ۾ گاڏيون پارڪ ڪري سگهندا. ملينيم مال ۽ نيو ٽائون کان ايندڙ به ساڳين پارڪنگ هنڌن تي گاڏيون پارڪ ڪندا.

Picture2

مشهور ڪرڪيٽر پاران 12 سالن تائين قائم رهندڙ شاديءَ جي خاتمي جو اعلان

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر جي پي ڊومني ۽ سندس گهرواري 12 ورهين تائين قائم رهندڙ شاديءَ جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، جي پي ڊومني ۽ سندس گهرواري طلاق بابت سوشل ميڊيا تي گڏيل پوسٽ ذريعي مداحن کي آگاهه ڪيو، ٻنهي جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان لاڳاپا خراب هئا، جنهن سبب جوڙي عليحدگي جو فيصلو ڪيو.ٻنهي جي شادي 12 ورهين تائين قائم رهي ۽ جوڙي کي ٻن نياڻين جو اولاد پڻ آهي.ڊومني ۽ سندس گهرواري پوسٽ ۾ لکيو ته گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ هنن ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، شادي جون ڪيئي خوبصورت يادون ۽ ٻن پيارين نياڻين جو اولاد آهي.هنن مداحن کان اپيل ڪئي ته هن نازڪ وقت ۾ سندن پرائيويسي جو خيال رکيو وڃي.ياد رهي ته جي پي ڊومني عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي چڪو آهي، هن ڏکن آفريڪي ٽيم لاءِ 46 ٽيسٽ، 199 ون ڊي ۽ 81 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ حصو ورتو.

شاديءَ کان اڳ هڪ هم جنس پرست ڇوڪريءَ مون تي فدا ٿي هئي: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا پريانڪا چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته شادي کان اڳ هڪ هم جنس پرست ڇوڪري مون تي فدا ٿي وئي هئي.پريانڪا چوپڙا نه رڳو بالي ووڊ پر هالي ووڊ ۾ به پنهنجي ڪم سبب شهرت رکي ٿي ۽ نڪ جونس سان شادي کانپوءِ هوءَ عالمي سطح تي شوبز شخصيتن ۾ سڃاتي ويندي آهي.خوبصورتي ۽ دلڪش ادائن سبب پريانڪا چوپڙا تي مرد ته عاشق هئا ئي پر هڪ خوبصورت هم جنس پرست ڇوڪري به پريانڪا چوپڙا تي فدا ٿي وئي هئي.اهڙو انڪشاف پريانڪا چوڙا ٽي وي شو ”ڪافي ود ڪرن“ ۾ ڪيو، جنهن ۾ هوءَ اداڪارا دپيڪا پڊڪون سان گڏ شريڪ ٿي.شو جي ميزبان ڪرن جوهر طرفان پڇيل سوال ته ڇا توهان جو ڪنهن هم جنس پرست عورت سان واسطو رهيو؟ تي جواب ڏيندي پريانڪا چوپڙا چيو ته نه رڳو اهو پر وڏي ڏکيائي سان ان مان جان ڇڏائڻي پئي.اداڪارا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اهو واقعو ڪجهه سال اڳ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ پيش آيو، اها ڇوڪري ڏاڍي سُهڻي هئي ۽ هن منهنجي تعريف ڪندي ڪجهه وقت گڏ گذارڻ جي آڇ ڪئي هئي.پريانڪا چيو ته ان وقت مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته ڪهڙو جواب ڏيان پر پوءِ مان ان کي چيو ته منهنجو بواءِ فرينڊ آهي ۽ مان ڇوڪرن کي ئي ترجيح ڏيندي آهيان.

Editorials :::: ساٿ هلندو رهي،لاٽ ٻرندي رهي

روڊ حادثن جو ڪارڻ ۽ ان جو حل
 
پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي،
 
سنڌ ۾ روڊ حادثن ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. ھائي ويز تي روزانو ڪنھن نه ڪنھن حادثي جي رپورٽ نظر اچي ٿي. ھڪڙي ھفتي اندر ئي ٽي چار وڏا روڊ حادثا ٿي چُڪا آهن جنهن جو ڪارڻ تيز رفتاري، ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ۽ رستن جي خراب حالت آھي. ھڪڙو حادثو سن ۽ مانجھند ڀرسان ڳوٺ سرائي سولنگي انڊس هاءِ وي اسٽاپ تي غلط سائيڊ تان ايندڙ ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽَڪر جي نتيجي ۾ خيرپور کان ڪراچي ويندڙ ڪار سوار مشهور قصيده نوحه ۽ منقبت خوان گلگت بلتستان واسي نينگر 16 ورهين جو خواجه ڪاظم علي سميت پنج ڄڻا فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا. ٻنهي گاڏين ۾ زوردار ٽَڪر سبب زخمي ۽ فوتين جا مڙھ ڪيتري دير تائين گاڏين ۾ ڦاٿل رهيا، جنهن کانپوءِ ريسڪيو رضاڪارن حادثي واري هنڌ پهچي ڪٽر مشين سان گاڏيون ڪٽي زخمين ۽ فوتين جا مڙھه مانجهند جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيا. فوتي روهڙي کان ڪراچيءَ وڃي رھيا ھئا ته سن وٽ حادثو پيش آيو. ان کان پوءِ قاضي احمد ڀرسان آمري روڊ تي نوابشاهه کان سيوهڻ ويندڙ ميلي جي پانڌيئڙن جي تيز رفتار وين گڏهه گاڏي کي بچائيندي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، حادثي جي نتيجي ۾ 6 مسافر فوت جڏهن ته 10 سخت زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن وري خيرپور ۾ قومي شاهراهه تي لاهور کان حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ پانڌيئڙن جي ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 16 ڄڻا فوت جڏهن ته 25 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. اھڙي طرح روزانو ڪنھن نه ڪنھن روڊ حادثي ۾ انساني زندگيون موت جو کاڄ بڻجي رھيون آھن. سنڌ کان ٻاھر نڪرون ٿا ته اسان کي سٺا رستا ڏسڻ اچن ٿا پر سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ مسافر پاڻ ئي سمجھي وڃي ٿو ته سنڌ جي حدن ۾ پھچي ويا آھيون. اھڙن رستن تي وري وڏين گاڏين جا ڊرائيور حد کان وڌيڪَ تيز رفتاريءَ سان گاڏيون ھلائين ٿا جنھن جي نتيجي ۾ حادثا ٿين ٿا. حڪومت کي گھرجي ته رفتار جي مقرر حد تي ڊرائيورن کان عملدرآمد ڪرائي. تيز رفتار گاڏين کي حد اندر اسپيڊ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪوبه نظام ناهي. بس يا وين ڊرائيور کي اسٽاپ تي پھچڻ جي جلدي ھوندي آھي ان ۾ ھو وڏي لاپرواهي سان گاڏيون ھلائي مسافرن جي زندگين کي خطري ۾ وجھن ٿا. ان حوالي سان سنڌ سرڪار صوبي ۾ روڊن جي حفاظت جي قانون تي عمل لاءِ روڊ چيڪنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي. اوور لوڊنگ، اوور اسپيڊنگ ۽ ٻين ٽريفڪ ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي خاص روڊن تي چيڪنگ به ڪندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته روڊن تي عوام جو تحفظ ۽ سندن ڀلائي سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته انساني زندگين کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به ڀڃڪڙي کي برداشت نه ڪيو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومتي قدمن جو مقصد ٽريفڪ ڀڃڪڙين کي هاڪاري طريقي سان منهن ڏئي روڊن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻو آهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت پاران اھڙا اپاءَ وٺڻ ضروري آهن، جيڪي روڊ حادثن جي شرح کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿين .ڊرائيورن کي بهتر تربيت ڏيڻ ۽ ٽريفڪ جي قانون بابت شعور ڏيڻ ضروري آهي. سڀ کان اھم ڳالھہ ته ٽريفڪ پوليس جو نظام درست ڪرڻ، ڪرپشن کان پاڪ ھجڻ ۽ رشوت خور اھلڪارن خلاف سخت سزائن تي عملدرآمد ڪرائڻ گھرجي ته جيئن روڊ حادثن کان محفوظ رھڻ ۾ مدد ملي سگھي.
 
 
وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽن لاء مهرباني ڪري اسان جي ويب سائيٽ جو دورو ڪريو www.dailymoomal.com
 
 

Reach Your Target Audience with Daily Moomal Karachi!

Are you looking for an effective way to promote your products or services to the Sindhi-speaking community in Sindh?

Look no further than Daily Moomal Karachi!

As a leading Sindhi newspaper published from Karachi and distributed all over Sindh, Daily Moomal Karachi offers a unique opportunity to reach your target audience.

Why Advertise with Us

* Wide circulation: Our newspaper is distributed throughout Sindh, ensuring maximum visibility for your ads.

* Targeted audience: Reach the Sindhi-speaking community, including potential customers and clients.

* Cost-effective: Our advertising rates are competitive and offer great value for your marketing budget.

Advertise with Us Today!

Contact us to learn more about our advertising options and rates.

Phone: 03131189598

Email: moomalkhi@yahoo.com

www.dailymoomal.com

Don’t miss out on this opportunity to reach your target audience!