امن امان مٿان لامارا ڏيندڙ انتھا پسندي
پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي، .

گذريل مھيني ميرپورخاص پوليس پاران ھڪ ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاھنواز جي عدالت جي حڪم تي ٻيھر پوسٽ مارٽم رپورٽ ميڊيا تي اچي وئي آھي جنھن مطابق سندس جسم ساڙڻ سميت ڪُلھي جي ھڏي به ٽٽل ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قبر ڪشائي بعد شروعاتي رپورٽ پوليس سرجن حيدرآباد ۽ لمس جي چئن ڊاڪٽرن پاران جاري ڪئي وئي جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز جي پنجن پاسراٽين سميت ڪُلھي جي ھڏي به ٽٽل ھئي، ھڪ ھڏيءَ جا ڪجهه حصا پڻ گم ٿيل آھن. رپورٽ ۾ پاسراٽين ٽٽڻ بابت ٻڌايو ويو آھي ته ڊاڪٽر جي کاٻي پاسي واري پھرين پاسراٽي گولي لڳڻ سبب ٽٽل ھئي، جڏھن ته زوردار ڌڪ لڳڻ سبب ساڄي پاسي واريون 4 پاسراٽيون ٽٽل ھيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز جي لاش جو اڳيون حصو، چھرو ۽ مٿي جا وار ۽ چمڙي به سڙيل ھئي. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اھو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته ڊاڪٽر جي ٻنھي ھٿن جا نُنھن ۽ پير به جزوي طور ساڙيل ھئا. ھن پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ اھو واضع ٿي ويو ته ڊاڪٽر شاھنواز کي گوليون هڻڻ کان اڳي تشدد به ڪيو ويو ھو. پوليس جي تحويل ۾ ان طرح جو تشدد ٿيڻ ڪيترن ئي شڪن شبهن کي جنم ڏئي ٿو. جنھن انتھا پسند انبوھہ ڊاڪٽر شاھنواز خلاف فتوائون جاري ڪري کيس قتل ڪرڻ لاءِ انعام رکيا، ڇا ان ڊاڪٽر شاھنواز مٿان تشدد ڪيو يا ان قسم جا ٻيا سوال اڀري اچن ٿا. ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري لاش کي بہ دفنائڻ نہ پئي ڏنائون. ميت کي قبر ۾ دفن ڪندڙ والد کان مڙھہ کسي باھہ ڏيڻ، وري خوشيءَ منجھه جشن ملهائي، پوليس لاءِ پنجاھہ مڻ گلن جا ريڊ ڪارپيٽ وڇائي، مبارڪون ڏنيون ويون. ان کان پوءِ به ڊاڪٽر شاھنواز جي پونيرن کي ڊيڄارڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. انھيءَ ماحول ۾ سنڌ جو شعور ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي حق ۾، سندن پونيرن سان گڏ بيٺو ۽ وارثن پاران قتل جي درخواست داخل ڪرائي وئي. انھيءَ ڪيس ۾ گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ميرپورخاص بئنچ پير عمر جان سرهندي ۽ پوليس طرفان داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ متاثر خاندان طرفان داخل ايف آءِ آر کي درست قرار ڏيندي جاچ پوليس کان ايف آءِ اي منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ميرپورخاص بئنچ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس بابت ٻن آئيني درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت حڪم ڏنو ته قتل جي ايف آءِ آر جي جاچ پوليس کان وٺي سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي نگراني ۾ ايف آءِ اي حوالي ڪئي وڃي. عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص جي اڳوڻي ايس ايس پي کي اڃا تائين گرفتار ڇو ناهي ڪيو ويو؟ ھاڻي ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل جي الزام هيٺ گرفتار ٿيلن پاران ھڪ ڀيرو ٻيھر مذھبي آڙ ۾ انتھا پسندن جو گروهه سرگرم ٿي چُڪو آھي. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن پير عمر سرھندي جي وڏي ڀاء ھڪ ويڊيو بيان ذريعي سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ لنجار ۽ صوبائي وزير سيد سردار شاھ خلاف گھٽ وڌ ڳالھائيندي ڌمڪايو. اسان سمجهون ٿا ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو ڪيس ھن وقت عدالت ۾ ھلندڙ آھي. ان ڪري عدليه کي آزاديءَ سان پنھنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن حق ۽ انصاف جي فتح ٿي سگھي. ڪنھن به ڌر کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه گھرجي ۽ امن امان خراب ڪندڙن کي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي.

Leave a Reply