دنيا ۾ پوليو جو انت ۽ اسان وٽ اضافو !!!

پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي،

ھن وقت سڄي دنيا اندر پوليو وائرس تي مڪمل طور تي ضابطو آندو ويو آھي، جڏھن ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪيس سامهون ايندا رهن ٿا. اڃا ٿورا ڏينهن اڳي لڪي مروت ۾ هڪ ٻارڙي ۽ ڊي آءِ خان ۾ هڪ ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ پوليو جا 45 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان سنڌ ۾ 12، بلوچستان ۾ 20، خيبرپختونخواهه ۾ 6 ۽ پنجاب ۾ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي. صحت جي ماھرن ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو آھي، جڏھن ته 160 ماحولياتي نمونن ۾ پڻ پوليو جي تصديق ٿي چڪي آھي، جنهن بابت ذريعن جو چوڻ آھي ته ڪو به ڪمزور ٻار جنهن جي عمر هڪ سال يا وڌيڪ هجي ان کي پوليو وائرس متاثر ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻارن کي معذور بڻائيندڙ پوليو ھڪ خطرناڪ قسم جو وائرس آھي، جنھن جو شڪار ننڍي عمر جا ٻار ٿين ٿا. ھيء وائرس متاثر ٻار جي فضلي ذريعي گندي پاڻي ۾ اچڻ کان پوءِ ھوا ۾ ڦهلجي ٻين ٻارن ۾ ساھه کڻڻ رستي جسم ۾ داخل ٿي کين متاثر ڪري معذور بڻائي ٿو. پوليو جي شروعاتي نشاني بدن ۾ ٿڪاوٽ، بخار، مٿي جو سور، الٽي، ڄنگھن ۾ سور ۽ ٻيون علامتون شامل آھن. جيڪڏھن شروع ۾ ئي احتياط کان ڪم وٺي ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جي ويڪسينيشن يا ڦڙا پياريا وڃن ته جئين ٻارن ۾ ان وائرس خلاف قوت مدافيت پيدا ٿي سگهي ۽ کين پوليو وائرس کان بچائي سگهجي. عالمي سطح تي پوليو جي مرض جي خاتمي لاءِ 1988ع کان وٺي ڪوششون ورتيون ويون هيون. پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو شهيد محترمه بينظير ڀٽو بطور وزيراعظم 1994ع ۾ پوليو خلاف مهم شروع ڪئي ھئي، ھن وقت تائين ان تي مڪمل ڪنٽرول اچي وڃڻ گھربو ھو پر بدقسمتيءَ سان 30 سالن کان پوءِ به اسان اڄ تائين پنهنجن ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. 1994ع ۾ پاڪستان ۾ ساليانو تقريبن 20 هزارن کان وڌيڪ ٻار پوليو کان متاثر ٿيندا هئا پر مسلسل پوليو خلاف قومي مهمون هلائڻ جي ڪري پوليو ڪيسن جو تعداد گهٽ ٿيندو ويو پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ پوليو وائرس جو مڪمل خاتمو ناهي ٿي سگهيو. پوليو جو وائرس ھڪ انسان ذريعي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي آساني سان منتقل ٿي سگھي ٿو جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليو خلاف ڦڙا پيارڻ يا ويڪسين ئي حل آهي. پاڪستان سميت دنيا مان پوليو وائرس جي خاتمي ۽ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ صحت جي عالمي اداري، يونيسيف، بل گيٽس فائونڊيشن سميت ٻيا عالمي ۽ مقامي ادارا پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن ته جئين پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو آڻي ٻارن کي هن مهلڪ بيماري کان بچائي سگھجي. ھر حڪومت پاران پوليو جي خاتمي خلاف سخت قدم کڻڻ ۽ هر مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪيل انتظامن سبب ڪافي حد تائين ٻارن کي محفوظ بڻايو ويو آهي پر پوءِ به ڪن علائقن ۾ پوليو جي وئڪسين ۽ ڦڙن بابت غلط تاثر پکڙيل آھي. اسان سمجهون ٿا ته اھڙن علائقن ۾ پوليو بابت آگاھي مھم کي روزاني بنياد تي ھلايو وڃي ته جيئن ان ھن مھلڪ بيماريءَ کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھجي.

وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽن لاء مهرباني ڪري اسان جي ويب سائيٽ جو دورو ڪريو

www.dailymoomal.com

Leave a Reply