ارسا ايڪٽ سنڌ  سُڪائڻ جو نالو آھي

پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي،

سنڌو درياھه تي پنجاب ۾ 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو منصوبو سنڌ دشمن منصوبو آھي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌ جي حق ۽ حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي، سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ آھي. لڳي ائين پيو ته ھن ايڪٽ ذريعي سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ جي سازش آھي. سنڌو درياھه مان زبردستي ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڊيم ٺاهي سنڌو درياھه کي ننڍڙي نديءَ جھڙو ڪرڻ جا سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن نه سنڌ جو ھر فرد پنھنجي جياپي جي پاڻيءَ لاءِ آواز اٿاريندو. سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي تڪرار اڄ جو ناهي اهو ننڍي کنڍ ۾ انگريز راڄ يعني 1859ع کان هلندو پيو اچي. دنيا جو اهو مڃيل عالمي قانون آهي ته درياهن، واهن، ڪئنال، توڙي واٽرن تي پهريون حق پڇڙي وارن جو هوندو آهي ۽ پڇڙي وارن جي مرضي بنا درياهن، ڪئنالن توڙي واٽرن تي ڪو به بند ٻڌڻ ڪو به ٻنڊو ڏيڻ غير قانوني عمل هوندو آهي پر پنجاب انگريز راڄ کان وٺي دنيا جي عالمي اصولن معاهدن جي ڪڏهن به پاسداري نه ڪئي. جڏهن سنڌوءَ تي ان وقت ڌاڙي هڻڻ واري ڪوشش ٿي رهي هئي ته سنڌي ماڻهو انگريز سرڪار اڳيان دانهڻ شروع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ برطانوي حڪومت ان جو نوٽس ورتو اها دانهن جڏهن مرڪزي سرڪار ڏانهن وئي ۽ انگريز سرڪار ڪاٽن ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ پنجاب کي نوٽيس ڏنو ته سنڌ جي مرضي کان سواءِ سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ڪو به ڪئنال ڪو به واهه کوٽڻ ۽ ٺاهڻ غير قانوني، غير آئيني عمل هوندو. جڏهن انگريزن پنھنجي آمريتي راڄ ۾ ئي سنڌو درياھه تي زنجير ڪونه وڌا ته پوءِ ملڪ آزاد ٿيڻ کان پوءِ سنڌو درياھه کي وڍ ڪُٽ ڇو ڪئي وئي؟ سنڌو درياهه تي تربيلا ۽ منگلا ڊيم موجود آهن، ان علاوه به وقت بوقت درياھه مان پاڻيءَ جي ڪٽوتي ٿيندي رھي ٿي. مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌوءَ مان ڇهه نوان ڪينال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر غيرقانوني عمل آهي، عالمي قانون جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي، اھا ڳالھہ اٽل آھي ته  سنڌو درياھه صدين کان وٺي اسان جو رھندو آيو آھي، سنڌو درياهه تي پهريون ۽ بنيادي حق سنڌين جو ئي آهي. اڄ درياھه جي جاگرافيائي حالت ماضيءَ واري درياھه کان قطعي تبديل آھي. درياهه جو پاڻي سمنڊ تائين نه پهچڻ ڪري سمنڊ زرخيز زمينن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. لکين ايڪڙ آباد زمين کي، سمنڊ چڙھي اچڻ ڪري کارو بڻائي ڇڏيو آھي. اسان سمجهون ٿا تہ سنڌو درياھه کي بچائڻ لاءِ سڀ کان وڏو فرض ايوانن ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن جو آھي، اھي نمائندا ڀلي کڻي ڪھڙي بہ جماعت سان تعلق رکندڙ ھجن پر سنڌ جي ڪري کين حقيقي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.

Leave a Reply