سنڌ جي وحدت خلاف وري ڪوششون
پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي،
سنڌ جي سرزمين جو صدين کان وٺي پنھنجي وحدت سان وجود رھندو آيو آھي. سنڌ جي انھيءَ وحدت خلاف ھزارين سازشون ٿينديون رهيون آهن پر اھي ڪامياب نه ٿي سگھيون آھن. شير خدا حضرت عليءَ عليه السلام جو قول آھي ته “جنھن تي احسان ڪريو، تنھن جي شر کان ڊڄو.” ستيتاليھن ۾ جن کي سنڌ ڌرتيءَ ڇپر ڇانوَ ڏني، اُنھن ئي ھن ڌرتيءَ جي سيني تي وار ڪيا. سڀني کان پھرين سنڌي ٻوليءَ خلاف سازش ڪئي وئي، ان کان پوءِ ڌرتي ڌڻين کي ئي پنھنجن شھرن ۾ بي گھر ڪيو ويو ۽ ماريو ويو. ڳالھه ايستائين پوري نه ٿي ته سنڌ جي سرزمين جا ٽڪرا ڪرڻ لاءِ ٿوري ٿوري وقت ۾ سازشون ڪيون ويون. اڄ به ھڪ ڀيرو ٻيھر ايم ڪيو ايم اڳواڻ سينيٽر فيصل سبزواري چيو آهي ته مڪاني حڪومتن کي فعال ڪرڻو پوندو يا وري نوان صوبا ٺاهڻا پوندا. ھن سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فيصل سبزواري چيو ته بدقسمتي سان مڪاني حڪومتن جو جيڪو قانون آهي، اهي اختيار ناهن ڏنا ويندا، ڪنهن به صوبي ۾ مڪاني حڪومتن کي اختيار نه ڏنا ويا. سندس چوڻ هو ته آئيني ترميم ۾ سڀني جماعتن جيان ايم ڪيو ايم به پنهنجو حصو وڌو. ايم ڪيو ايم جڏهن به ڪنھن حڪومت جو حصو رھي آھي، تڏھن ايوان ۾ ووٽ وٺڻ وقت پنھنجو اھڙو موقف رکندي آھي جنھن سان سنڌ يا سنڌين خلاف تعصب ۽ سازش واضع ٿي آھي. ڪيئي ڀيرا ايوانن ذريعي به اھڙيون ترڪيبون استعمال ڪيون ويون آھن جو قانوني ۽ آئيني سھارو وٺي، سنڌ جي وحدت خلاف ڪم ڪيو وڃي پر اتان به سنڌ جي سپوتن سخت مزاحمت، مخالفت ۽ قانوني ويڙھہ وڙھي، سرزمين سنڌ لاءِ فرض نباھيو آھي. آئين ۾ به نون صوبن ٺاهڻ جو ذڪر ناهي، صرف انهن جي حدن ۾ معمولي ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي، سو به تڏهن جڏهن ڪا صوبائي اسيمبلي اهڙي ڦيرڦار لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان بل پاس ڪري. صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ ۽ نوان صوبا ٺاهڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. ڦيرڦار جو مقصد هڪ صوبي مان ڪنهن علائقي کي ڪڍي ٻئي صوبي ۾ ته شامل ڪري سگهجي ٿو، پر ان بنياد تي نئون صوبو نٿو ٺاهي سگهجي. ان ڪري انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو نالو به سنڌ ورھائڻ جي ترڪيب آھي. اسان سمجهون ٿا ته ايوانن ۾ ويٺل سنڌ جي نمائيندن کي ماضيءَ جي اھڙين سمورين ترڪيبن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي. اميد ٿا ڪريون ته ھاڻي به سنڌ ورھائڻ جي ھر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.
مزید خبروں کے لئے براہ مہربانی ہماری ویب سائٹ ملاحظہ کریں www.dailymoomal.com