ملڪ ريڊ زون مان نڪري گرين زون ۾ اچي چڪو آهي:احسن اقبال
ٺٽو: (رپورٽر) پلاننگ اينڊ ڊوالپمينٽ کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ريڊ زون مان نڪري گرين زون ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي سامونڊي علائقن جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي منصوبي جو معائنو ڪرڻ جي لاءِ مان هتي آيو آهيان، اهو منصوبو سنڌ حڪومت شروع ڪيو، 37 ڪلو ميٽر وفاقي حڪومت جي تعاون سان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت مقامي حڪومت سان گڏجي سنڌ جي ترقي لاءِ خاص طور تي سامونڊي علائقي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سمنڊ تيزي سان هزارين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي چڪو آهي، اهو منصوبو سنڌ جي سامونڊي علائقن جون زمينون سمنڊ کان بچائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.