اسان جي باري ۾
روزاني مومل ” آزاديءَ جي اظهار ۽ سچ جو آواز ” 1996 ۾ مومل جي ٽائٽل سان ھڪڙو ماھوار رسالو، خوبصورت انداز سان سنڌ جي مرڪز، ڪراچيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ظاھر ٿيو، جيڪو تيزيءَ سان مشھور ٿيڻ لڳو. ھيء رسالو سنڌ جي نامور اديب، صحافي ۽ پبلشر آزاد جتوئي شايع ڪيو ھو. ان زماني ۾ سياسي ۽ روايتي انداز جا رسالا مارڪيٽ ۾ موجود ھئا پر مومل رسالو سياست، سماجيات، ادب ۽ انٽرٽينمنٽ وغيره سميت زندگيءَ جي سڀني ذائقن سان گڏ نمايان ٿيو. اھوئي سبب ھو جو مومل رسالو باقي رسالن جي مقابلي ۾ منفرد بڻيو. آزاد جتوئي سان صحافتي ڪم ۾ سندس گھر ڌياڻي حسينہ جتوئي ھميشه مددگار رھي. آزاد جتوئي پنھنجي ونيءَ کي ھر پليٽ فارم تي اڳتي آندو ۽ سندس ھمت افزائي ڪئي. جڏهن حسينہ جتوئي صحافت، ادب، اشاعت ۽ اشتھارن جي شعبن ۾ قابليت ماڻي ڇڏي، تڏھن آزاد جتوئي تان بہ ڪم جو ڪافي دٻاءُ گھٽجي ويو. آزاد جتوئي فقط پنھنجي ونيءَ کي برابري ڏيارڻ ۾ دلچسپي نہ ورتي ھئي بلڪه ھن جو مشن ھو تہ عورت جو معاشري ۾ مقام بلند ڪجي، انھيءَ ڪري اخبار جو نالو بہ ھڪ مشھور ۽ تاريخي عورت ڪردار مومل تي مقرر ڪيائين. جن ڏينهن ۾ آزاد جتوئي ماھوار مومل رسالو ڪڍيو ھو، تڏهن رسالن جي حوالي سان ھڪ نواڻ نظر آئي، ماھوار مومل سنڌي ٻوليءَ لاءِ سٺو اضافو ثابت ٿيو. ناليوارن ليکڪن جي تحريرن سميت جديد انداز سان سجيل مئگزين ھو، جنھن ۾ سمورا موضوع شامل ھئا. ماھوار مومل مئگزين 8 ورھين تائين، 1996ع کان 2004ع تائين، لڳاتار شايع ٿيندو رھيو ۽ پوءِ ڪن مجبورين سبب شايع ٿيڻ بند ٿي ويو. چئن ورھين جي وقفي کان پوءِ نومبر 2008ع ۾ ھيء ماھوار رسالو، ھاڻي روزاني مومل اخبار جي صورت ۾ منظر عام تي آئي، جيڪا چئن صفحن تي روزانو ڪلر ايڊيشن ۾ شايع ٿي. مومل اخبار جي پاليسي اظھار آزادي، ملڪي سلامتي جي اوليت ۽ سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارڻ آھي. ھن اخبار نوان نوان ٽرينڊز ۽ سلسلا متعارف ڪرايا. روزاني مومل اخبار جديد سنڌي صحافت جو منفرد ۽ بھترين نمونو بڻجي پڌري ٿي ھئي. اخبار جي باني ايڊيٽر آزاد جتوئي، جيڪو تمام متحرڪ صحافي ۽ اديب ھو، جي سربراهيءَ ۾ ھڪ بھترين ۽ محنتي ڪارڪنن جي ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪيو تہ اخبار تيزيءَ سان مقبول ٿي وئي. مومل اخبار جو پھريون سال صحافين، ليکڪن، پڙھندڙ ۽ اشتھار ساز ڪمپنين تائين پير ڄمائڻ ۾ گذريو پر ٻيو سال، 2009ع سڄي سنڌ ۾ ساراهيندڙ مقام حاصل ڪري ورتائين. ان جو سبب اھو ھو تہ آزاد جتوئي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ايڊيٽوريل لکيا. اخبار جو ايڊيٽوريل صفحو سگھارن ليکڪن ۽ تجزيي نگارن جي تحريرن سان سينگاريل هوندو ھو. اخبار ۾ ايڪسڪليوسو رپورٽنگ ۽ خصوصي رپورٽون باڪس ۾ نمايان لڳنديون ھيون. اخبار جا نمائيندن کان سندن علائقن ۽ شھرن جا فيچرز لکرايائين. اخبار جي سرڪيوليشن لاءِ آزاد جتوئي پاڻ مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جا دورا ڪندو ھو. آزاد جتوئيءَ جي زندگي ائين ئي ڏينهن رات مصروفيتن ۾ گذري رھي ھئي جو روزاني مومل اخبار جي آفيس ۾ 26 آگسٽ 2009ع تي اوچتو کيس دل جو دورو پيو ۽ ھن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. آزاد جتوئي جي وفات کانپوءِ اخبار جو ڪم سندس زال حسينه جتوئي سنڀاليو. اخبار جي نيوز سيڪشن، مينجمينٽ ۽ پبلشنگ سميت سڀ ذميواريون سنڀاليون. اخبار ۽ ذاتي مصروفيتن جي بار وڌڻ سبب حسينہ جتوئي، ايڊيٽر جي عھدي لاءِ سنڌ جي نامور اديب ۽ شاعر شمشيرالحيدري کي مقرر ڪيو، جنھن ٽي سال پنھنجي ذميواري احسن نموني سان نباھي. مومل اخبار انھن ٽن سالن ۾ بہ پنھنجو معيار قائم رکيو. شمشيرالحيدري ڪيترن ئي رسالن جو ايڊيٽر رھي چڪو ھو، ان جو وسيع تجربو يقيني طور تي مومل اخبار لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو. ھن سگھارا ايڊيٽوريل لکيا جيڪي وقت سر ضروري ھئا. روزاني مومل اخبار جو ھر دور يادگار رھيو آھي. سنڌي اخبارن جي ڪثير تعداد ۾ مومل اخبار سٺي ساک رکندڙ اخبار ۾ شمار ٿئي ٿي. چيف ايڊيٽر حسينہ جتوئي مالي مشڪل حالتن باوجود بہ روزاني مومل اخبار کي سنڌ جي معاملات کان آگاهه رکڻ جو ذريعو بڻائي اشاعت جاري رکي آھي. حسينه جتوئي جو نظريو آھي تہ: “روزاني مومل اخبار اظھار آزاديءَ جي حق سان، ھميشه سچ جو ساٿ ڏيندي رھي، اھوئي زندگيءَ جو نصب العين
About Us
Daily Moomal “Freedom of Speech and Voice of Truth” In 1996, a monthly magazine titled Moomal was launched in Sindhi language from Karachi with a distinguished way that quickly became popular. This magazine was published by Sindh’s famous writer, journalist and publisher Mr. Azad Jatoi. At that time magazines of political and traditional style were available in the market, but Moomal magazine appeared with all the flavors of life including politics, sociology, literature and entertainment etc. It was a modern style magazine with articles from famous writers, covering all topics. When Azad Jatoi published a monthly magazine, a new trend began in Sindhi literature regarding magazines. His wife Hasina was always helpful to Mr. Jatoi in his journalistic work. Mr. Azad encouraged his wife on every platform. When Hasina became competent in the fields of journalism, literature, publishing and advertising, Mr. Azad’s work pressure was reduced. Jatoi was not only interested in giving good equality to his wife, but his mission was to raise the status of women in society, that’s why he named the newspaper after a famous historical character, Moomal. The newspaper became very popular due to the hardworking team headed by Mr. Jatoi. This magazine was published continuously for 8 years from 1996 to 2004 till it modified and upgraded to daily newspaper. After a gap of four years, it was republished in November 2008 titled as Daily Moomal as the best example of refined modern Sindhi journalism. The policy of Momal newspaper is freedom of expression, the priority of national security and raising voice on the problems of Sindh. Moomal in four-page color edition was published daily, which introduced new trends. The first year of Moomal newspaper was spent in gaining a foothold among journalists, writers, readers and advertising companies, but in the second year, 2009, it gained a position of appreciation in the whole of Sindh. The reason for this was that Azad Jatoi wrote editorials on the burning issues of Sindh. The editorial page of the newspaper was decorated with the writings of talented writers and analysts. The newspaper featured exclusive reporting and special reports in the box. The representatives of the newspaper wrote the features of their regions and cities. Azad Jatoi used to visit different cities and villages for the circulation of the newspaper. Azad Jatoi’s days and nights were always occupied but unfortunately on August 26, 2009, he had a sudden severe heart attack in the office of daily Moomal newspaper and departed his life. After the death of Azad Jatoi, all the responsibility of newspaper was taken over by his wife including news section, management and publishing of the newspaper. Due to the increasing burden of the newspaper and personal engagements, Mrs. Jatoi appointed Sindh’s famous writer and poet Shamshirul Hyderi for the post of editor, who fulfilled his responsibility for three years. Moomal newspaper maintained its quality even in these three years.Shamshirul Haidari had been the editor of many magazines, his vast experience certainly proved useful for the newspaper. He wrote powerful editorials that were necessary at the time. Every era of daily Moomal newspaper has been memorable. Among the many Sindhi newspapers, daily Momul is considered as a newspaper with good reputation. Chief Editor Hasina Jatoi continues to publish the daily Moomal newspaper as a means of informing about the affairs of Sindh despite the financial difficulties. Hasina Jatoi aims to: “Daily Momal newspaper with the right to freedom of expression, always supporting the truth, that is the mission of life.”