لاهور(ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي قائد نوازشريف چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سڀ گڏجي ٽيم جيان ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍندا، اتحادي حڪومت ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو، شهبازشريف ڏکين حالتن جو صبر سان مقابلو ڪيو، ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته ڏيڍ سال حڪومت نه وٺڻ گهرجي ها، مسلم ليگ نون کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو، سڀ گڏجي ملڪ کي ڏکي حالتن مان ٻاهر ڪڍندا. پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته اميدوارن ميرٽ تي پاڻ مڃرايو آهي، سڀ گڏجي ٽيم جيان ڪم ڪندا. هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري پراجيڪٽ مڪمل ڪرايا. نوازشريف چيو ته شهبازشريف ڏکين حالتن جو صبر سان مقابلو ڪيو، گذريل ڏيڍ سال جي حڪومت بابت ماڻهن چيو هو ته حڪومت نه وٺڻ گهرجي ها. ن ليگ جي قائد چيو ته شهبازشريف ملڪ کي معاشي خطري کان بچايو، اقتدار ۾ اچي هو عوام کي ترقي وٺرائيند