پيانگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪِم جونگ اُن پنهنجي ملڪ جي فوج کي جنگي تياريون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪم جونگ ان ملڪ جي اولهه ۾ وڏي ملٽري آپريشن جي اڏي تي فوجين جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ جنگ لاءِ تياري تيزي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سرڪاري طور تي هلندڙ ڪورين سينٽرل نيوز ايجنسي پنهنجي رپورٽ ۾ اڏي جو هنڌ ظاهر نه ڪيو آهي. رپورٽ موجب اتر ڪوريا جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته فوج کي موجودهه صورتحال جي گھرجن موجب جنگي تيارين کي تيز ڪرڻ لاءِ سرگرم طور تي نئين دور جي شروعات ڪرڻ گھرجي.
- Post published:9 March 2024