ملڪ ۾ اليڪشن کانپوءِ نتيجا پڌرا ٿي چڪا آھن. ٻئي مرحلي ۾ مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومتون ٺاھڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن. اليڪشن 2024 جا نتيجا پوري ملڪ ۾ زير بحث آھن. سنڌ جي نتيجن مان شھري ۽ ٻھراڙي وارو فرق نظر اچي ٿو. ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ايم ڪيو ايم واضح اڪثريت سان کٽي آئي آھي، جڏھن ته باقي ضلعن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي تمام وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آھي. 1988 جي اليڪشن جي نتيجن ۽ 2024 جي اليڪشن جي نتيجن ۾ حيرت انگيز ھڪجھڙائي آھي. اڄ کان 36 سال اڳ پوري پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف 9 پارٽين جو ٺاھيل اسلامي جمھوري اتحاد ( آءِ جي آءِ) ۽ سنڌ قومي اتحاد ڀرپور حصو ورتو ھو. ٻنھي اتحادن کي سنڌ ۾ بدترين شڪست ملي ھئي. ٽن ڏھاڪن کان پوءِ ھڪ دفعو ٻيھر ھن اليڪشن ۾ پ پ جي مخالفن گڏجي چونڊ وڙھي. انھن پارٽين ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)، ايم ڪيو ايم، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ پاڪستان (اياز لطيف پليجو) اي اين پي ۽ آزاد اميدوار گڏ ھئا پر سنڌ جي عوام 1988ع وارو ساڳيو فيصلو ڏنو، جنھن مطابق ٻنھي اليڪشنن ۾ پير پاڳاري (شاھ مردان شاھ) پاڻ ۽ سندس پٽ سيد صدر الدين شاھ، الاھي بخش سومرو، محمد ميان سومرو، غلام مصطفي جتوئي، شفقت شاھ ڄاموٽ، مظفر حسين شاھ، ارباب غلام رحيم، ڪوڙل شاھ، عبدالحميد جتوئي، لياقت علي جتوئي، اعجاز علي جتوئي، رسول بخش پليجو، ابراھيم جتوئي، غوث علي شاھ، پير صبغت اللھ شاھ موجودھ پير پاڳارو، وريام فقير، ممتاز علي ڀٽو، غلام مرتضي جتوئي ۽ مسرور خان جتوئي، سندن ڀائيٽيو شاھ نواز جتوئي، لاڙڪاڻي مان جمعيت علماءِ اسلام جو علي محمد حقاني ۽ ھن اليڪشن ۾ مولانا راشد محمود سومرو، ۽ سندس پارٽي جا ڪيترائي اميدوار ھارائي ويا. 1988 اليڪشن ۾ سنڌ قومي اتحاد جي صدر جي ايم سيد جنھن پاڻ ڪيترن ئي پ پ مخالف اميدوارن جي ورڪ ڪئي ۽ انھن جي چونڊ جلسن کي خطاب ڪيا، پاڻ سنڌ قومي اتحاد جي شڪست، ان جي سببن تي ھڪ طويل خط پڻ جاري ڪيو ھو.
1988 جي اليڪشن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کانسواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالفن کي صرف ٻه قومي اسيمبلي جون سيٽون ارباب امير حسين ٿرپارڪر مان ۽ سيد علي گوھر شاھ راشدي سانگھڙ مان کٽي سگهيا ھئا، جڏھن ته صوبائي اسيمبلي ۾ 7 آزاد ميمبر، ڪشمور مان شاھ علي ڊومڪي، سڪرنڊ مان سيد امداد محمد شاھ، ٿرپارڪر مان سيد علي مردان شاھ، ارباب فيض محمد، سانگهڙ مان غلام حيدر نظاماڻي، خليفو محمد عاقل ۽ موري مان غلام مرتضي جتوئي (آءِ جي آءِ) جي ٽڪيت تي کٽي آيو. ٻئي طرف ڪراچي ۽ حيدراباد مان ايم ڪيو ايم 2024 واري اليڪشن واريون لڳ ڀڳ ساڳيون سيٽون کٽيون آھن.
2024 جي تازي اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام حيران ڪن نتيجا ڏنا آهن ۽ پ پ مخالف صرف ٻن ميمبرن جن ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) فنڪشنل مسلم ليگ جو سيد راشد علي شاھ ۽ سانگھڙ مان غلام دستگير راڄڙ ڪامياب ٿيا آھن. ٽي ميمبر گهوٽڪي مان نادر اڪمل لغاري، ڄام مھتاب ڏھر، جيڪب آباد مان ممتاز علي جکراڻي آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيا آھن. قوي امڪان آھي ته اھي ٽئي ميمبر پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا. جڏھن ته قومي اسيمبلي تي انھن ضلعن مان ھڪ به پاڪستان پيپلز پارٽي جو مخالف اميدوار ڪامياب نه ٿيو آھي.
2024 جي اليڪشن ۾ جمعيت علماء اسلام (ف) جي قومي اسيمبلي تي 16 اميدوارن جن ۾ٻن تي راشد محمود سومرو ۽ ھڪ تي سندس وڏي ڀاءَ ناصر محمود سومري حصو ورتو ۽ صوبائي اسيمبلي تي 36 اميدوارن حصو ورتو پر سندن ڪوبه اميدوار کٽي نه سگهيو. سندن دعوا آھي ته پوري سنڌ مان کين قومي اسيمبلي تي 4 لک 65 ھزار 7 سئو 97 ووٽ ۽ صوبائي اسيمبلي تي 4 لک، 20 ھزار 9 سئو 18 ووٽ مليا آھن.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ايس يو پي جي اميدوارن سيد زين شاھ کي اين اي 208، قومي اسيمبلي تي 58 ھزار 7 سئو 85 ووٽ، سيد منير حيدر شاھ کي سيوھڻ واري حلقي اين اي 226 تي 30 ھزار 8 سئو 76 ووٽ ملي سگھيا. صوبائي اسيمبلي تي 6 اميدوارن مان سيد زين شاھ کي پي ايس 38 سڪرنڊ 40 ھزار 8 سئو 50، پي ايس 39 قاضي احمد مان چوڌري عارف نياز آرائين کي 15 ھزار 15، پي ايس 72 گولاڙچي مان امير حسن پنھور 24 ھزار 2 سئو 96، پي ايس 78 ڪوٽڙي مان سيد منير حيدر شاھ 10 ھزار 8 سئو 50، پي ايس 77 سيوھڻ، ڀان شريف مان روشن علي ٻرڙي کي 10 ھزار 2 سئو 68، پي ايس 79 ڄامشوري مان ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو ھڪ ھزار 4 سئو42 ووٽ کڻي سگهيا. ايس يو پي کي صوبائي اسيمبلي تي ٽوٽل ھڪ لک 2 ھزار 7 سئو 10 ووٽ مليا.
قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي کي پي ايس 60 قاسم آباد واري تڪ تان صرف 6 ھزار 9 سئو 22 ووٽ ملي سگھيا. سنڌ جي ھڪ ٻي قوم پرست پارٽي عوامي تحريڪ (رسول بخش پليجو) 9 صوبائي اسيمبلي جي حلقن مٺي، گولاڙچي، ٽنڊو باگو، ميرپورخاص، ٽنڊو الھيار، شھدادپور، سامارو ۽ نوشھرو فيروز جي ٻن حلقن تان ٽوٽل 3 ھزار 4 سئو 41 ووٽ کنيا. سندن ڪو به اميدوار ھڪ ھزار ووٽ به نه کڻي سگهيو. 9 اميدوارن مان صرف ٻه اميدوار 5 سئو ووٽ کڻي سگھيا.
خادمين سنڌ (سنڌ ترقي پسند پارٽي) جي ڊاڪٽر قادر مگسي پي ايس 67 بلڙي شاھ ڪريم مان 16 ھزار 6 سئو 2 ووٽ کنيا. پي ايس 37 نواب شاھ مان خادمين سنڌ جي عورت اميدوار مسرت زھره ملاح 7 سئو 24 ووٽ کنيا. جڏھن ته آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ پي ايس 32 ڪنڊيارو تان سنڌو نواز گھانگھرو 4 ھزار 3 سئو 47 ووٽ، پي ايس 13 لاڙڪاڻي مان استاد لياقت علي ميراڻي 2 ھزار ھڪ سئو 65 ووٽ، پي ايس 2 ٺل مان پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) جي عروسا لاشاري 66 ووٽ، پي ايس 60 قاسم آباد مان پ پ (شھيد ڀٽو) جي سيد حسنين شاھ 5 سئو 71 ووٽ کڻي سگهيو. پي ايس 17 نصيرآباد تان عوامي ورڪرز پارٽي جي ڪامريڊ سينگار نوناريء ھڪ ھزار ھڪ سئو 5 ووٽ، پي ايس 4 ڪشمور تان عوامي ورڪرز پارٽي جي بيگم خاتون ھڪ سئو 30 ووٽ کنيا. پي ايس 98 ڪراچي تان ايڊووڪيٽ سيد خليل احمد شاھ عوامي راڄ تحريڪ پارٽي (اڻ رجسٽرڊ) ھڪ سئو 75، ساڳي پارٽي جي اميدوار ميان الياس عباسي پي ايس 110 ڪراچي واري حلقي تان صرف 30 ووٽ کنيا. مشھور سماجي ورڪر ايڊووڪيٽ محمد جبران ناصر پي ايس 110 تان 3 ھزار 8 سئو 34 ووٽ کنيا. اھڙي طرح حيدرآباد شھر جي ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ايم ڪيو ايم جا عبدالعليم خانزادو ۽ سيد وسيم حسن ڪامياب ٿيا آھن، اتان پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار ٻئي نمبر تي به ووٽ نه کڻي سگهيا. صوبائي اسيمبلي جي حيدرآباد شھر وارين چئن سيٽن مان ٽن تي ايم ڪيو ايم ۽ ھڪ سيٽ تي آزاد (پي ٽي آءِ) جو اميدوار کٽي آيو آھي. 2018 ۾ کٽيل صوبائي اسيمبلي سيٽ تان پاڪستان پيپلز پارٽي جو عبدالجبار خان ھارائي ويو.
2024 جي اليڪشن نتيجن ۾ ڪراچي مان پاڪستان پيپلز پارٽي جي 7 اميدوارن کي قومي اسيمبلي تي ڪاميابي ملي آھي، جن ۾ ضلعي ملير مان عبدالحڪيم بلوچ، آغا رفيع اللھ، ڄام عبدالڪريم جوکيو، اوڀر ضلعي مان اسد عالم نيازي، ڏکڻ ضلعي مان مرزا اختيار بيگ ۽ لياري مان نبيل گبول، ڪياماڙي ضلعي مان عبدالقادر پٽيل ڪامياب ٿيا آھن، جڏھن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي 2018 ۾ کٽيل اميدوار قادر مندوخيل ھارائي ويو. ياد رھي ته 1988 جي اليڪشن ۾ ڪراچي مان پاڪستان پيپلز پارٽي جا صرف ٻه ميمبر بينظير ڀٽو (لياري) ۽ امير حيدر ڪاظمي چونڊجي آيا ھئا. ڪراچي مان پاڪستان پيپلز پارٽي کي صوبائي اسيمبلي جون صرف 10 سيٽون ملي سگهيون، جن ۾ پنج سيٽون ملير ضلعي مان ھڪ سيٽ ڪورنگي مان فاروق اعواڻ، ضلعي اوڀر مان سعيد غني، ڪياماڙي مان لياقت آسڪاڻي (رند)، يوسف بلوچ لياري مان کٽي سگهيا. لياري جي ٽن سيٽن مان پ پ صرف ھڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي. جماعت اسلامي صوبائي اسيمبلي تي 2 سيٽون کٽيون. قومي اسيمبلي تي جماعت اسلامي کي ھڪ به سيٽ نه ملي سگهي. قومي اسيمبلي تي ڪراچي ۾ آزاد (پاڪستان تحريڪ انصاف) کي ڪابه سيٽ نه ملي سگھي، جڏھن ته صوبائي اسيمبلي تي آزاد اميدوارن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد مان 13 سيٽون مليون آھن. اليڪشن 2024 جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ووٽ ۽ سيٽن ۾ اضافو ٿيو آھي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ووٽ جي حوالي سان سنڌ پرست پارٽي طور تي نظر اچي رھي آھي. سنڌ جي عوام 1988 جي ڀيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڌيڪ سيٽون ڏياري نئون مثال قائم ڪيو آھي