ملڪ جي سياسي صورتحال ھن وقت بحراني ڪيفيت واري نظر اچي رھي آھي. خاص طور تي آزاد نمائيندا جيڪي حقيقي طور تي پي ٽي آئي جا آھن، اڪثريت ھوندي بہ آئيني طرح حڪومت نٿا ٺاھي سگھن. جيتوڻيڪ آزاد نمائيندن جي شڪل ۾ پي ٽي آئي پنھنجي حمايت مجلس وحدت المسلمين جي حق ۾ ڪئي آھي تہ جيئن ايم ڊبليو ايم جي آڙ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪري سگھي. ان کان پوءِ بلاول ڀُٽي زرداري پريس ڪانفرنس ۾ چيو تہ ھن وقت ڪابہ پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناھي. انھيءَ صورتحال کي ڏسندي پي ٽي آئي مخالف ڌرين قومي حڪومت جوڙڻ جو فارمولو استعمال ڪرڻ لاءِ اتحاد ڪيو. اھا سياسي ڊولپمينٽ ھڪ ڏينهن اندر ايتري تيزيءَ سان ٿي جو سياسي بحران پيدا ٿي ويو. جماعت اسلامي، جي يو آئي ف ۽ جي ڊي اي اڳئي ڌرڻن ۽ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي. پاڪستان هن وقت معاشي، سياسي پاڙيسري ملڪن پاران پيدا ڪيل امن و امان جي بحراني ڪيفيتن ۾ مبتلا آهي. ايشا کنڊ ۾ ضلعي حڪومتن جي نظام جو بنياد 1884 ۾ وائسرا لارڊ هڪ اهڙي ايڪٽ جي وسيلي نافذ ڪيو جنهن ۾ ضلعن ۽ تعلقن جي بنياد تي بورڊ قائم ڪري ماڻهن جا مسئلا حل ٿي سگهن. پر هن وقت اهو نظام مفلوج ۽ ناڪاره ٿي ويو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان نظام کي فعال بڻايو ويو پر وري به ناڪام ٿي ويو. آمر ايوب پڻ اهڙو نظام قائم ڪيو پر ان به عوام کي ڪو فائدو نه ڏيئي سگهيو ۽ نظام ناڪام ٿي ويو. آمر ضيا به اهڙو نظام عوام لاءِ آندو پر ان به عوام کي ڪو خاطر خواهه فائدي ڏيڻ کان قاصر رهيو. اڄ به عوام جون دليون پنهنجي مٽيءَ سان گڏ ڌڙڪن ٿيون ۽ هڪ بهتر نظام جي انتظار ۾ آهي ته جيئن عوام جا مسئلا بهتر نموني حل ٿي سگهن. ايندڙ وقت ۾ بلدياتي نظام بهتر نموني عوام جا مسئلا حل ڪري سگهندو. پر ان جي به پڪ ناهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين ڪرپشن جو خاتمو نه ٿيندو تيستائين ڪوبه نظام بهتر دڳ تي هلي ڪونه سگهندو. ڇاڪاڻ ته ڪوبه نظام اڃان سٺي دڳ تي هلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي منڊو ڪيو وڃي ٿو. پوءِ عوام وڏن سورن ۾ اچي وڃي ٿو. ملڪ ۾ وڌندڙ مهنگائي جو ڪيس آخرڪار ڪهڙي عدالت ۾ وڙهجي؟ سيشن ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾؟ هن وقت ملڪ جي انارڪي ۽ لاقانونيت جي حالت اها آهي جو واپارين سبزين کي لڪائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي بصر مارڪيٽ ۾ وڏي مشڪل سان نمودار ٿي وڪامجي رهيو آهي. آهي ڪو ملڪ ۾ راڻي راڻو؟ آهي ڪو آفيسر جيڪو چيڪ ۽ بيلنس ڪري؟ سڀ ننڊ ۽ آرام ۾ آهن. عوام ان انتظار ۾ به آهي ته مهنگائي تي ڪيس به ڪريون پر ان جو ڪهڙين ڪورٽن ۾ حاضريون کائڻيون پونديون؟ هر ماڻهو هڪ ٻئي کان سوال ڪري رهيو آهي ڪير ڪنهن کي مثبت جواب ڏيڻ گوارا ئي ڪونه ٿو ڪري. گذريل ڏينهن شھباز شريف ميثاق معيشت جي ڳالھہ ڪئي آھي پر اسان سمجهون ٿا تہ ڪابہ حڪومت کي مضبوطيءَ سان پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي تہ جيئن ملڪ ۾ ڪار وهنوار اڳتي وڌي سگھي.