قرارداد پاڪستان جي مقاصد جي نامڪمل تڪميل
اعجاز ممنائي
23 مارچ يوم قرارداد پاڪستان آهي هيءُ قومي ڏينهن هر سال وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائجي ٿو اسلام آباد دارالحڪومت کان وٺي چئني صوبن جي گاديءَ وارن شهرن ۾ هن ڏينهن جون تقريبون منعقد ڪيون وڃن ٿيون پر افسوس آهي ته ان ڏينهن جي اهميت کي اڃان نه سمجھي سگهيا آهيون جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن جي اهميت ۽ افاديت کي عملي جامو نه پهرائينداسين ته ان ڏينهن جو هدف يا مقصد فوت ٿي ويندو اسان جي مستقبل جي معمار کي صرف اهو ٻڌايو ويو آهي ته اسان هن ڏينهن تي پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي هئي ان ڪري هن ڏينهن جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ ڏينهن ملهايون اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته ان موضوع تي استادن جون لکيل تقريرون به جوش ۽ جذبي سان پيش ڪندا هئاسين ۽ لڪير جا فقير ٿي انعام جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا هئاسين باقي عملي طور ڪا به خبر نه هوندي هئي ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڇا آهي اڄ جڏهن شعوري دنيا ۾ پير پايون ٿا ته هيءُ هڪ خالي خواب نظر نه ٿو اچي بلڪه هڪ وڏو هدف سامهون اچي ٿو جنهن جي حاصلات لاءِ پاڪ و هند جي قائدين جدوجهد شروع ڪئي ۽ هڪ وڏي عرصي کان پوءِ پاڪستان حاصل ڪريورتو 1857ع واري جنگ آزاديءَ کان پوءِ
هندستان جي مسلمانن جي جدوجهد 83 سالن جو سفر طئه ڪري هڪ اهڙي جاءِ تي اچي بيٺي هئي جو کين اٽل فيصلي ڪرڻ جي ضرورت پئجي ويئي انڪري 23 مارچ 1940ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو لاهور ۾ تاريخي جلسو ڪري پنهنجي لاءِ الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ مطالبو ڪيو قائد اعظم محمد علي جناح ۽ سندس ساٿي مسلمل صلاح مشورن ۽ جدوجهد کان پوان نتيجي تي پهتا هئا ته جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي انهن کي الڳ ملڪ ٺاهي ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ مذهبي رسمون آزاديءَ سان بجا آڻي سگھن قرآن مجيد جي حڪم جي روشنيءَ ۾ هڪ اهڙي معاشري جو قيام عمل ۾ آندو وڃي جنهن ۾ حقيقي اسلام رائج ڪيو وڃي اهو اسلام جيڪو سلامتيءَ جو مذهب ۽ خداوند ڪريم جو پسنديده دين هجي ان مقصد جي حصول لاءِ سڃي هندستان جي مسلمانن ان تاريخي جلسي ۾ شرڪت ڪئي ان وقت علامه عنايت الله مشرقي واري خاڪسار تحريڪ جو عروج هو ۽ لاهور ۾ ان تحريڪ جو ڳڙهه هوندو هو جڏهن ته ان وقت پنجندر حيات خان جي يونينسٽ پارٽيءَ جي حڪومت هوندي هئي ان وقت جي حڪومت خاڪسار تحريڪ جي جوشيلن نوجوانن کان خوف کائيندي هئي ان ڪري ان جو زور ختم ڪرڻ لاءِ عسڪري جماعتن جي وردين ۽ پريڊن تي پابندي لڳائي ڇڏي مسلم ليگ جي اعلانيل تاريخي جلسي کان رڳو ٻه ڏينهن اڳ 313 خاڪسارن جو هڪ جٿو پنهنجي مخصوص وردي پهري لاهور جي بازارن ۾ گشت ڪرڻ نڪتو پر حڪومت قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي کين طاقت سان روڪڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو پوليس دستن جو سربراهه هڪ انگريز اي ايس پي مسٽر پيٽي هو جنهن خاڪسار تحريڪ سان ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ کين پنهنجي فرعوني چهري سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڳيان به خاڪساري هئا سو ڪجهه دير بعد هڪ پاسي خاڪساري بيلچا هئا ته ٻئي پاسي انگريز رائفلون سڌيون ٿي ويون هر طرف گولين جي گونج ٿيڻ لڳي ۽ ڏسندي ڏسندي 35 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي پوليس اهلڪار پڻ شديد زخمي ٿي پيا جنهن ۾ مسٽر پيٽي پڻ شامل هو اها خبر پوري ملڪ ۾ جھنگ جي باهه وانگر پکڙجي ويئي ۽ صورتحال انتهائي نازڪ ٿي ويئي خود ليڊرن تائين جيئن ئي اها خبر پهتي ته سڀني جو رخ لاهور طرف ٿي ويو قائداعظم محمد علي جناح جيئن ئي لاهور پهتو ته حالات کي نظر ۾ رکندي جلوس جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو پر مسلمانن ۽ خاڪسار تحريڪ جي گڏيل اجلاس ۾ هر صورت ۾ پهچڻ جو اعلان ڪيو قائداعظم محمد علي جناح سڀ کان اڳ زخمين جي عيادت ڪئي ۽ ان کان پوءِ اجلاس ۾ شريڪ ٿيو اجلاس ۾ پهچندي ئي خاڪسارن جي حمايت ۽ حڪومت جي خلاف جوشيلا نعرا گونجڻ لڳا پر جڏهن قائداعظم محمد علي جناح تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو ته پنڊال ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي اهو قائداعظم محمد علي جناح جي ڪردار ۽ شخصيت جو رعب هو ان پنهنجي تقرير ۾ ماڻهن کي يقين ڏياريو ته خاڪسارن سان پورو پورو انصاف ڪيو ويندو شهيدن توڙي زخمين ۽ انهن جي پونئيرن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪيو ويو ته اجلاس ۾ قائداعظم زندهه باد ، مسلم ليگ زندهه باد جا نعرا گونجڻ لڳا اجلاس ۾ قائداعظم حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان واقعي جي فوري طور تي خودمختار ۽ غير جانبدار تحقيقات ڪرائڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي ۽ 23 مارچ تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪنهن به صورت ۾ رڪاوٽ پيدا نه ڪئي وڃي ان کان پوءِ هڪ انگريزي اخبار ۾ پاڻ هڪ مضمون ۾ تجويز ڏني ته حڪومت کي هڪ اهڙو قانون ٺاهڻ گھرجي جيڪو ان ڳالهه کي تسليم ڪري ته هندوستان ۾ ٻنهي قومون رهن ٿيون انهن جو وجود تسليم ڪري حڪومت ۾ حصيدار بڻايو وڃي مگر لاهور جي جلسي دوران حتمي فيصلو ڪيو ويو 23 مارچ جي لاءِ آئيني صورتحال متعلق هڪ مفصل قرارداد بنگال جي مولوي اي ڪي فضل الحق پيش ڪئي جيڪا هن ريت هئي : آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جو متفقه فيصلو آهي ته هن ملڪ جي لاءِ تيستائين ڪوبه آئيني منصوبو نه ئي قابل عمل هوندو ۽ نه مسلمانن لاءِ قابل قبول هوندو جيستائين ان کي ان جي بنيادي اصولن تي استوار نه ڪيو وڃي ته جغرافيائي حدن کي نظر ۾ رکندي جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي انهن لاءِ الڳ رياستي وفاق قائم ڪيو وڃي جيئن هو آزاد ۽ خودمختيار هجن ان قرارداد جي تائيد چوڌري خليق الزمان ڪئي ۽ ان جي حق ۾ مولانا ظفر علي خان ، سردار اورنگزيب خان، حاجي سر عبدالله هارون، نواب اسماعيل، قاضي محمد عيسيٰ ۽ آئي آئي چندريگر وڏي جوش ۽ جنون سان تقريرون ڪيون انهن تقريرن برصغير جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي مطالبي تي مجبور ڪري ڇڏيو ائين سڄي ملڪ مان آيل لکين ماڻهن جي شرڪت ان ڳالهه جي پختي گواهي هئي ته هندستان ۽ انگريزن جي تعصب کي ڏسي آزاد فضا ۾ رهڻ جا خواهشمند هئا ان سان گڏ پوري دنيا کي اهو به ڏيکارڻو هو ته مسلمان هڪ منظم ۽ مهذب قوم آهي. ان بنياد تي پاڪستان ته وجود ۾ اچي ويو علامه اقبال جي فڪر ۽ قائداعظم جي رهنمائيءَ جا مثال اسان جي ڪورس جي ڪتابن ۾ شايع ٿي ويا پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جنهن پاڪستان ۾ اسان رهون ٿا ۽ پنهنجي زندگي گذريون ٿا ڇا اهو پاڪستان هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو هو جنهن کي هڪ طويل جدوجهد کان پوءِ قائداعظم محمد علي جناح اسان جي لاءِ حاصل ڪيو هو جيڪو سفر اسان جي بزرگن شروع ڪيو اڄ تائين منزل تي ڇونه پهچي سگھيا آهيون اسان پنهنجن پيرن تي به نه بيهي سگھيا آهيون ته آخر ان ۾ ڪنهن جو قصور آهي اسان جي مجاهدن جو قربانيون ائين رائگان ڇو ٿي ويون اسان جي بزرگن واري جمهوريت آمريت ۾ ڪيئن تبديل ٿي ويئي بادشاهي بدديانتي ۽ فتني ۽ فساد جا عنصر ڪيئن داخل ٿيا اسان جي قوم سياسي، مذهبي، قومي ۽ لساني جهيڙن جي ور ڪيئن چڙهي ويئي اها چٽي حقيقت آهي ته جتي قانون جي بالادستي ۽ حاڪميت نه هوندي اتي مافيا خودبخود وجود ۾ ايندي آهي جنهن جي ڪُک مان اقتصادي قارون، مذهبي جنون پسند ۽ سياسي فرعون جنم وٺندا آهن اهڙيءَ طرح معاشري ۾ ماڻهن جو استحصال ٿيڻ لڳندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو آقا ۽ غلام، امير ۽ غريب، حاڪم ۽ محڪوم، ظالم ۽ مظلوم ديندار ۽ بي دين جي تقسيم ۾ ورهائجي ويندا آهن چوندا آهن ته انقلاب آڻڻ سولو هوندو آهي پر ان جي حفاظت ڪرڻ ڏکيو عمل آهي سو اسان سان به ائين ئي ٿيو ۽ اسان اڃان اهو طئه نه ڪري سگھيا آهيون ته اسان کي ڪميونسٽ سان گڏ هلڻو آهي يا سوشلسٽ سان، اسان کي نيشلسٽ ۽ لبرل ڊيموڪرٽڪ سسٽم جي چونڊ ڪرڻي آهي يا وحدت جو پيغام ڏيندڙ اسلام جي پرچار ڪرڻي آهي. ڇوته اسلام زمان ۽ مڪان جي حدن کان به اڳتي وٺي وڃي ٿوجڏهن ته ٻيا سڀ سسٽم محدوديت جو سبق ڏين ٿا اهو ئي سبب آهي جو هندوازم، عيسائيت توڙي يهوديت اسلام جي خلاف محاذ آرائي پئي ڪئي آهي ۽ مسلمانن ۾ طاقت کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پاڪستان ۾ جنرل ضياءَ الحق کي ايجنڊاءِ تحت اقتدار ڏنو ويو ان دوارن افغانستان ۾ روس آيو، ايران ۾ اسلامي انقلاب اچي ويو ۽ کوڙ ساريون وڏيون تبديليون رونما ٿيون جنرل ضياءَ الحق تڪفيريت ۽ انتها پسندي کي هٿي ڏيارڻ لاء عسڪري پسند قوتن جي تربيت شروع ڪئي ۽ دهشتگرديءَ جو باضابطه آغاز ڪيو ڇوته کين خبر هئي ته توحيد جو نظريو هڪ خدا جي تصور ڏيڻ سان گڏ اتحاد جو درس ڏئي ٿو ۽ اتحاد ۾ ئي برڪت آهي . ان اتحاد سان مسلمان ترقيءَ جون منزلون طئه ڪن هان پر دهشتگردن چونڊي پاڪستان جي سرمائي کي قتل ڪيو ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي ڪوششن ۽ علامه اقبال جي سوچ سان بنجڻ واري پاڪستان جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون. ۽ پاڪستان جي بنيادن کي کوکلو ڪري ڇڏيو ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اڄ پاڪستان اخلاقي، معاشرتي، سياسي ۽ معاشي پستيءَ جي آخري منزل تي وڃي پهتو آهي هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جي زخمي روح جو علاج ڳوليون ۽ خودمختيار ۽ مستحڪم پاڪستان جو ٻيهر بنياد رکون ائين رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهب جا ويڇا ختم ٿي ويندا ۽ اسان حقيقي اسلام جا پيروڪار بڻجي وينداسين ۽ پاڪستان جي مقصدن جي تڪميل به ٿي ويندي.