لاڙ جو لاکيڻو ڪردار ۽ شانتي نڪيتن جهڙو اسڪول

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ

لاڙ جي زرخير مٽي تي جنم وٺندڙ ڊاڪٽر محمد سومار کوسو جديد سنڌ جو  هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن سان ملندي آئون اڪثر سوچيندو آهيان ته هي شخص ڀٽائي جي سر رامڪلي جو رمتو جوڳي آهي يا سر راڻي مومل جو سامي سج وڙاءِ آهي. هن جي جيءُ جو جوڳ، مارو ماڻهن جي لاءِ آهي. هن جي مقصد جي مومل وطن جي مٽيءَ تي علم جي جوت آهي. سگهاري سنڌ جي لاءِ هن نئين ڏينهن نوان سپنا ڏٺا آهن. انهن جي ساڀيا جي لاءِ سينو ساهيو آهي. هن جهڙا بهادر، هن جهڙا  سٻاجهڙا، هن جهڙا سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ سورما تمام ٿورا آهن. ڊاڪٽر محمد سومار کوسي جو ڪردار سمجهائيندو آهي ته سورمو رڳو اهو ناهي، جيڪو جنگ جي ميدان ۾ تلوارن جا تجلا پيش ڪري، سورمو اهو به جيڪو جهالت  جي خلاف جهيڙو جوٽي علم جا ڏيئا ٻاري. سورمو اهو به آهي. جيڪو سهپ ۽ رواداري جي ريت کي قائم رکي سماج کي نئين سر اڏڻ  ۾  پنهنجي حصي جو پورهيو پوري ايمانداري سان ادا ڪري.

                 ڊاڪٽر محمد سومار کوسي جو ڪردار هڪ پوري تحريڪ آهي. هڪ هر هاريءَ جي پٽ جي حيثيت ۾ پڙهڻ، شاگرد سياست ۾ حصو وٺڻ، هڪ مسيحا جي حيثيت ۾ مقامي صحت کاتي جي نوڪري کان وٺي صحت جي عالمي اداري تائين خدمتون ڏيڻ، پنهنجي ڳوٺ جي بند پيل اسڪول کي گود وٺي ننڍڙو شانتي نڪتين جوڙڻ ۽ پنهنجن سان ڪچهري جو رواج وجهڻ تائين هن شفيق ۽ سچار انسان جي پوري زندگي جستجو جو نالو آهي. هن سدائين عام ماڻهو جي مدد ڪرڻ سان گڏ اهو اتساهه ڏنو آهي ته ماڻهو ماٺ ڪري ويهڻ جي بدران ٿورن وسيلن کي ميڙي سچائي سان محنت ڪري ته وڏي دنگ ڀيڙو ٿي سگهي ٿو. زندگي ڏاڍي حسين ۽ دلڪش آهي. زندگي جو حسن ماڻڻ جي لاءِ راڻي وانگر لوڪ ڏاهپ جي ڏيا سان ڪوڙ ۽ ٺڳي جي ٽڪساٽن کي ٽپڻو آهي.  رات ڪيڏي به ڪاري ۽ ڊگهي هجي پر پرڀات نيٺ ته ٿيڻي آهي.

ڊاڪٽر محمد سومار کوسي تلهار ويجهو موجوده دڪي اسٽاپ جي ڀرسان هَر هاري لونگ خان کوسي جي گهر ۾ 14 جنوري 1963ع تي  جنم ورتو. ان وقت سندس ڳوٺ ڪڏهن فقير  محمد کوسو  ته ڪڏهن  وري  دين محمد کوسو ۽ شير محمد کوسو  جي نالي سڏبو هو. غريب هارين جا ڪجهه گهر هوندا هئا. ڳوٺ ۾ ڪير به پڙهيل  لکيل ڪو نه هوندو هو. ايوب خان جي زماني ۾ جڏهن تعليم عام ڪرڻ جي لاءِ هڪڙي سرڪاري مهم هلي هئي، جنهن کي عرف عام ۾ زوري تعليم ڏيڻ جي مهم سڏبو هو ۽ ڳوٺن ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي هئي ته جيڪڏهن ڪو والدين ٻار نه پڙهائيندو ته ان کي سرڪار پاران جيل ڀيڙو ڪيو ويندو. انهيءَ مهم جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر محمد سومار جي والد لونگ خان به پوليس هٿان ٻڌجڻ کان پاڻ بچندي کيس ڳوٺ کان چار پنج ڪلوميٽر پري موجود اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پوءِ جيئن ڀُٽي صاحب جو دور آيو ته لونگ خان به پنهنجي  ننڍڙي پٽ کي چيو ته هاڻ اسڪول کي ڇڏ، مون سان گڏ ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪر. پٽ کي پڙهڻ جو شوق، سو هٿ جوڙي پنهنجي والد کي چيائين ته آئون پڙهندس، خرچ به اوهان کان ڪو نه گهرندس، رڳو مون کي پڙهڻ جي موڪل ڏيو. جيئن تيئن موڪل وٺي هن پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ خرچ پکي جي لاءِ ڀرپاسي  جي هوند وارن وٽ مال جي ڏهائي کان وٺي گاهه ڪرڻ تائين هن جي ننڍڙن ۽ معصوم هٿڙن پورهيو شروع ڪيو. پنجون درجو پاس  ڪري محمد سومار انگريزي تعليم جي لاءِ سعيدپور ۾ داخلا ورتي. هتي به پڙهائي سان گڏ مزدوري جو ڪم به جاري رکيو. اٺون پاس ڪرڻ کان پوءِ هن ٻين ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ جي ڪرت شروع ڪئي. وقت ملڻ تي پنهنجي والد صاحب سان هارپي ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو.  ائين مئٽرڪ ڪرڻ سان هن جي اندر ۾ تمنا جاڳي ته هاڻ پرائمري ماستر جو آڊر ملي ويندو پر عمر گهٽ هجڻ سبب نه مليو. اڳتي پڙهائي  جي لاءِ ڏکن ڏاکڙن ۾ رتي برابر ڪمي نه آئي هئين سو هن آرٽس ۾ داخلا جي لاءِ درخواست ڏني پر پرنسپال خالد وهاب اهو چئي جواب ڏيئي ويهي رهيو ته توکي آرٽ ۾ داخلا ڪونه ڏبي، تون سائنس ۾ پڙهه. تون ذهين شاگرد آهين. هڪ ته سرڪاري اسڪالرشپ ملي ويندي، ٻيو منهنجي  وس ۾ جيڪي فيون وغيره هونديون، اهي معاف ڪندس. ڪتاب لائبريري مان ڏيندس، تون رڳو پڙهه. اردو ڳالهائيندڙ پرنسپال خالد وهاب اعليٰ ظرف وارو سٻاجهو انسان هو. خالد وهاب جي حوصلا افزائي تي هن نه رڳو انٽر ڪيو پر ميڊيڪل ۾ به داخلا ورتي. ميڊيڪل جي پڙهائي وارو دور ڏاڍو تڪليفن وارو گذاريو. ڪڏهن ڪڏهن بک تي ويلا به ڪٽڻا پئجي ويندا هئا. آپا قمر واحد هن ذهين شاگرد کي مهرباني ڪري پارٽ ٽائيم اڀري سڀري نوڪري  ڏياري. وري ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪيائين. هاسٽل ۾ رهڻ دوران جهيڙن جهٽن سبب ڪڏهن ڪڏهن ٽيوشن پڙهائڻ جو عمل متاثر ٿي ويندو هو. انهيءَ معاملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هن ڪلهوڙا ڪالوني ۾ جاءِ ورتي.

ان وقت ڊاڪٽر قادر مگسي سميت هن جا مختلف ڪلاس ميٽ دوست شاگرد سياست ۾ سرگرم هوندا هئا. انهن سان گڏ ڊاڪٽر محمد سومار کوسي به شاگرد سياست ۾ حصو ورتو. جيئي سنڌ جي شاگرد تنظيم جو لائبريرين  رهيو. سرخ انقلاب جي اثر ۾ هن پيپلز پبلڪ هائوس لاهور مان به مارڪسي ادب جا ڪتاب گهرايا. ميڊيڪل جي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محمد سومار کوسي ڪميشن جو امتحان ڏنو. سرڪاري نوڪري جي سلسلي ۾ هن جي پهرين مقرري عمرڪوٽ ۾ ٿي، پوءِ ٻين جاين تي به نوڪري ڪئي. پر هن جو وڏو عرصو غير سرڪاري ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ گذريو آهي. غير سرڪاري ادارن ۾  يونيسيف، ڊبليو ايڇ او  ۽ ٻيا ادارا شامل آهن. اڄ به ڊاڪٽر محمد سومار کوسي جي روزي روٽي جو وسيلو غير سرڪاري ادارن ۾ نوڪري  آهي.

ڊاڪٽر محمد سومار کوسي جو اولاد حيدرآباد ۾ پڙهيو پر هن کي سدائين الڪو رهيو ته پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ٻارن جي لاءِ ڪجهه ڪجي. انهيءَ سوچ لوچ ۾ هن نومبر 2013ع  ۾ هڪ بند پيل سرڪاري اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول احمد ڏيٿو  ‘گود ورتو’. ڊاڪٽر محمد سومار کوسي اسڪول جي لاءِ هم خيال دوستن جي مدد سان ڪاٺين وارا ڪچا چونئري ۽ لانڍي جي شڪل جا ڪمرا ٺاهي مڊل تائين پڙهائي شروع ڪرائي. شانتي نڪتين جهڙو ماحول ڏيڻ جي لاءِ وڻ ٻوٽا، وليون ۽ گل پوکيا.   لنڊن، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ مختلف سبجيڪٽن جي ماهر دوستن کان وقت وٺي آن لائين ڪلاس شروع ڪرايا. آن لائين ڪلاسن جي لاءِ هن نيٽ ورڪ واسطي پنهنجي خرچ تي پي ٽي سي ايل جو ٿنڀو لڳرايو. صبح مهل آن لائين سائنس، رياضي ۽ انگريزي جي پيرڊ سان شروع ٿيندڙ اسڪول ۾ هن هڪ شاندار لائبريري پڻ قائم ڪئي. سرڪار پاران ايس اين اي منظور نه هجڻ جي ڪري سرڪاري استادن سان گڏ ڊاڪٽر محمد سومار کوسي پرائيوٽ استاد به رکيا. ائين وڻن ٻوٽن ۽ گلن جي وچ ۾ چوئنرن جي اندر هلندڙ اسڪول ڏسي ڊاڪٽر سومار کوسي جو من مهڪڻ لڳو. هن غريب شاگردن جي لاءِ ڊريسن ۽ ڪتابن سان گڏ  رسيس ٽاڻي کاڌي جو بندوبست ڪرڻ کان پوءِ  سنگت وٽان ڦڙو ڦڙو ڪري پنهنجو حصو ملائي  شاگردن جي لاءِ ڪجهه ليپ ٽاپ به استادن کي هٿ ڪري ڏنا.

هن وقت 400 جي لڳ ڀڳ شاگرد هن منفرد اسڪول ۾ علم پرائي رهيا آهن. ڊاڪٽر محمد سومار کوسي جي دوست، ايڊيوڪيشن ورڪس جي چيف انجنيئر نظام دين شيخ جي ذاتي  دلچسپيءَ سان ڪجهه ڪمرا ٺهيا آهن. ايشين بئنڪ جي پراجيڪٽ ۾ هن اسڪول کي شامل ڪيو ويو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو ته هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ملڻ وارو آهي. حقيقت اها آهي ته هن اسڪول کي هائير سيڪنڊري جو درجو ملڻ گهرجي. مهاٻوڏ جتي سنڌ جي ٻين اسڪولن کي متاثر ڪيو، اتي ڊاڪٽر محمد سومار کوسي جي هن اسڪول کي به متاثر ڪيو آهي.

ڪچا ڪمرا ڊهڻ سان گڏ سولر پئنل به ٽُٽي ويو آهي. تعليم جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو صوبائي وزير سردار علي شاهه به هن اسڪول جي لاءِ مهربان رهيو آهي. سردار علي شاهه جي موجودگي ۾ اسين آسوند آهيون ته ڊاڪٽر سومار کوسي جي آسن ۽ اميدن جو شانتي نڪتين جهڙو  ادارو ضرور ترقي ماڻيندو .ڊاڪٽر محمد سومار کوسي جي ڀاءُ افتخار ۽ سندس ساٿين حسن رند، شوڪت زنئور ۽ مهر شاهه پنهنجن سان ڪچهري جهڙو منفرد پروگرام شروع ڪيو. ڊاڪٽر محمد سومار ۽ سندس ساٿين هن پروگرام ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو. هن وقت تائين 18 پروگرا ٿي چڪا آهن. “پنهنجن سان ڪچهري” جي هر سالياني پروگرام ۾ مختلف شعبن ۾ ڪارڪردگي ادا ڪندڙ ڪردارن کي ڀيٽا ڏيڻ سان گڏ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي.

ڊاڪٽر محمد سومار کوسو پنهنجن آدرشن کي اڳيان رکي جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو آهي، تڏهن محسوس ٿيندو آهي ته رڃ جهڙي سماج ۾ مور جو ٽهوڪو ڪيئن ٻرندو آهي. زندگي سان پيار ڪرڻ جو سبق ڏيڻ جي لاءِ هن  اتساهه جا مختلف ليک لکيا آهن. منهنجي اها خوش نصيبي آهي ته ڊاڪٽر محمد سومار کوسو مون کي به پنهنجن دوستن ۾ شامل سمجهندو آهي. منهنجين ڪمين ڪوتاهين تي ڍڪ رکي مون کي ڀاڪر ۾ ڀريندو آهي. مون ۽ منهنجن دوستن ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني جي اڳواڻي ۾ مختلف وقتن  تي ڊاڪٽر محمد سومار کوسي جي اسڪول جو وزٽ ڪيو آهي. مرحوم مامي جمن دربدر جي موجودگي ۾ اسڪولي ٻارن سان گڏ راڳ ٻڌو آهي. پنهنجن سان ڪچهري ڪئي آهي.

ڍاٽ جي  دڙن جي وچ ۾ وڏي ۽ ويڪري ڏهر ۾ آباد  چيلي چارڻ جي نگري چيلهار ۾ جڏهن سانجهي ٽاڻي آڪاش جا نوَ لک تارا معصوم ٻارن جي مرڪ جو عڪس ٿيندا آهن، تڏهن آئون لاڙ جي هن لاکيڻي شخص جي شاندار ڪردار تي سوچي بي اختيار چپن تي هي لفظ آڻيندو آهيان ته، “اي سنڌ جا سپوٽ پٽ، تون واهه واه جي واڄٽ کان پاسيرو ٿي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيو آهين. مون کي يقين آهي ته تنهنجي پيار جا  پتنگا پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن جي محبت جي مچ ۾ ٻري جوت کي جيئدان ڏيندا. ڪڏهن به وقت جي لهس ۾ لڏي واپس نه ورندا. مھا ڪوي ٽئگور جو روح تنھنجي ھن شانتي نڪتين ۾ نئين سنڌ جي سوڀن کي ڏسي سچي شانتي ماڻيندو