ڇڙواڳ جياپو سدائين بي چسيءَ جو سبب ٿئي ٿو، بنا ڪنھن مقصد يا حاصلات جي زندگي سڪل وڻ جيان ھجي ٿي، جا نہ ڪنھن کي ڇانوَ ڏئي ۽ نہ ئي ڪو ڦل آڇي، سواءِ ٻارڻ جي! ان تناظر ۾ اسان جو لطيف ان قسم جي ڇڙواڳ سماجي واھپي کي ڪنهن نه ڪنهن مقصد سان جوڙي جيئڻ جا انيڪ روپ، خيال ۽ سوچون ڏئي وقت ۽ حالتن سان ھلڻ جا گس گهڙي، باخبر جياپي ڏانھن وِکَ کڻائي باشعور معاشرو بڻائڻ گهري ٿو ۽ زندگي ۾ ھر شخص کي پاڻڀرو ٿي حاصلاتن پٺيان ھلڻ جي تاڪيد ڪري ٿو، قصن ڪھاڻين جي تجسس ۾ ڦاٿل خلق کي ان ئي انداز ۾ مختلف روپن ۾ آرٽ اوتي جياپي لاءِ اتساھي ٿو.
گنج مان ورتل ترتيب وار مواد مان “سسئيءَ جو سلسلو” پيش ڪرڻ جو مکيا سبب به اهوئي آهي ته پاڻ ڀرو ٿي حاصلاتن جون منزلون طئي ڪجن، يعني سسئي مطلب زندگي ۽ پنھون مطلب زندگي جو مقصد، ايئن پھاڙ يعني ڏاڍو، ظالم، جابر، حاڪم ۽ ڪيچ اصل ۾ منزل يا حاصلات آهي. وقت ۽ حالتن پٽاندڙ اِنَ رُڃَ ۽ سُڃَ مان اُٺن يعني رائج ڪيل رسمون اپنائيندڙ ماڻھون، سھولتڪار جن جي مدمقابل ٿي سگهارو ٿيڻ واري جرئت ۽ ڏانُ جيڪو سوچن کي نوان دڳ ڏئي منزلن جا ڪشالا ڪاٽڻ سمجهائي ٿو.
پَسَڻ ڌاران پِرِينءَ جي، جهَلي تان نَہ رَھان،
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نہ لَھان،
فَرِدا مُون ڦِٽِي ڪَئِي، واعدي ڏي نہ وَھان،
صَباحَ سِينءَ نہ سَھان، خواہِ ميڙيين خواهِ ماريين.
سسئي چوي ٿي ته، “مقصد” يعني محبوب يا پرينءَ جي حاصلات بنا پاڻ جهلي نٿي رھي سگهان، بيحد پريشان ۽ لاچار آھيان. جيسين پرين کي ڳولهي ھٿ نٿي ڪريان، رسمن جي پاسداري واري روش تي ويھڻ ڪونه ٿو ٿي سگهي، سڀاڻي تائين جو انتظار برداشت نٿي ڪري سگهان، الائجي مري وڃان، الائجي جيئري ھجان…!
ان شعر جو حاصل مطلب به اهوئي آهي ته جيڪو ڪم اڄ ۽ ھاڻي ڪرڻو آھي، سو سڀاڻي تي ڪين رکجي. اڄوڪو ڪم، ھاڻي ئي ڪري ڇڏجي، سڀاڻي وارو آسرو سستيءَ جو سبب بڻجي ٿو. سڀاڻي جي ڪنهن کي ڪھڙي خبر ته جيئرو به رھندو الائجي نه. ھڪ ذميوار ۽ نڀائيندڙ فرد وارو اصول اپنائي پنھنجو ڪم پاڻ ۽ اڄ جو ڪم ھينئر ئي نڀائڻ سان ٿئي ٿو. جيئن لطيف جي لفظن ۾:
ڪلھ ڪرين سو اَڄُ، جو اَڄُ ڪرين سو ھاڻِ،
موج ڀريو مھراڻُ، متان! ڪاھي ھڻئِي ڪُنَ ۾.
…..
فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نقَدُ کَنيو نارِ،
ھيءَ جا واڳَ وِلِھِيءَ جي، ويرَمَ ڏي نه وارِ،
جيڪِي مُٺِيءَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺيءَ کي.
مطلب ته سسئي سڀئي آسرا ترڪ ڪري حاضر وقت جون سختيون (باھ) قبول ڪري نڪري پئي، (اي ڌڻي) ھن ڏکيءَ جي پنڌ، منزل ۾ سڃ جي واٽ ۾ گردش ۽ تاخير نه اچي، جيڪا مصيبتن ۾ موتُ يا مشڪلن مان حاصلات ڪندي (ھڪ ھڪاڻي ڪندي)
جنھن سڀاڻي تي ويساھ نه رکيو ۽ اڄ کي يعني (موجوده حالات سان مقابل ٿي بيٺي، اھڙين سڀاڳين جون منزلون، مشڪلون آسان ٿيو وڃن ٿيون، يعني جياپي کي سمجهڻ واري سُڌِ تڪليفن ۾ پوڻ سان ئي ٿئي ٿي، جتان دنياوي سڀئي راز حاصل ڪري سگهجن ٿا.
اَچين ته اَڄُ ڪَريان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪِي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺيءَ کي.
موت کي موجود ڏسي سسئي پرينءَ جي طلب ڪري ٿي ته (اي پرين!) جي اچي نڪر ته تنھنجي تعظيم ڪريان (حق ادائيگي ڪريان) توکي سجدو ڪريان (مجازي خدا) جيڪي سڀاڻي ڪرڻو آھي، سو ھاڻي ادا ڪري ڇڏيان. (اي ڌڻي!) يا ته مونکي موت ڏي يا مقصد سان ميڙو ڪراءِ. مصيبتن جي ڦيري ۾ اڀاڳي سسئي مشڪلاتن ۾ اضافي جي طلب ٿي ڪري (مزيد طلب) خواھشن جي گهرجائو، اميدن جي سنسار ۾ سڀان واري خيال جي سلامي (پوئواري) ڪرڻ ٿي گهري، جيسين فنا ڪونه ٿي ٿئي، تيسين طلبيندڙ ئي رھڻ گهري ٿي. توڻي جي موت جي منھن ۾ آھي.انسان پنھنجي مقصد جي پوئواري يا طلب فنا جي آخري ڏاڪي تي ھجڻ جي باوجود به طلبي ٿو، توڻي جو موت کي قبول به ڪري ٿو. جتان ظاھر ٿئي ٿو ته حقيقتن انسان موت کي قبولڻ جو انڪار ڪري ٿو، جيئن بيمار يا لا دوا مريض کي اسپتالن تائين وٺي وڃڻ ۽ ھرممڪن ڪوشش ۾ رڌل رھڻ زندگي بچائڻ جا حربا استعمال ڪرڻ مان ظاھر ٿئي ٿو ته مريض کي بچائجي،
ان جي باوجود به ته موت اڻ ٽر حقيقت آھي، جنهن کي ھر صورت ۾ اچڻو آھي پر انسان پنھنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻي ٿو ته موت نه اچي، جنھن پٺيان اڄ جي سائنس پرعزم آھي ته ھڪ وقت ايندو جو موت کي به مات ڪري سگهبو. خير ھتي سبق ملي ٿو ته پنھنجي مقصد جا طالبو موت کان وڌيڪ اھميت زندگي جي گهرجن کي ڏين ٿا، تان جو فنا واري واٽ تي بيٺل انسان سڀ ڪجهه سمجهي به ٿو پر ڀرپور جياپي جي اميدن تان دستبردار ڪونه ٿو ٿئي، جتي موت به بي معنيٰ ۽ ننڍڙو بلڪه خسيس ٿيو وڃي.
جيڪِي ميڙِ مُٺيءَ کي، نان تَه مُٺِي مارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪرَ ھوتُ اکين سِين.
ھيڪر ھوت پنھونءَ جو اکين سان ديدار ڪريان، ھيڪر ميڙو ڪريان (حاصل ٿئي) يا ته پوءِ مون مصيبت ۾ ڦاٿل کي ڀلي ختم ڪر، (فناڪري ڇڏ).
جياپي جي مقصد ۾ حاصلات جي خواھش مصيبتن ۽ مشڪلاتن مان پار پوڻ سان ئي ممڪن ٿئي ٿي، يعني زندگي جي آخري پساھن تائين جاري رکڻ انت ۽ فنا کان بي خوف ٿيڻ موت کان بي پرواھ ٿيڻ سان ئي لاحاصل جو حاصل ٿيڻ ھجي ٿو. موت کان ڊڄڻ خوف، خطرن کان خائف ٿيڻ مقصد جون رڪاوٽون ھجن ٿيون، جڏھن ته جياپي کي معنا ڏيڻ ۾ موت سان مقابل ٿيڻ گهرجي ۽ جياپي جي آخري لمحن تائين پنهنجي خواب ۽ مقصد جي پوئواري ڪرڻ گهرجي