اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد پنهنجي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد پنهنجي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ اداڪار گوهر رشيد پنهنجي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد ويجها دوست آهن ۽ ٻنهي پنهنجي شادي جو اعلان هڪ نئين انداز ۾ ڪيو آهي.ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ همايون سعيد، عاصم اظهر ۽ اذان سميع خان سميت ٻيون شوبز شخصيتون شادي ءَ بابت پڇي رهيون آهن.ان کانپوءِ وڊيو جي آخر ۾ ڪبريٰ ۽ گوهر رشيد اچن ٿا، جيڪي مسڪرائيندي پنهنجي شادي جو اعلان ڪن ٿا.ڪبريٰ وڊيو پوسٽ ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ” اوهان جي پيار ۽ دعائن سان بسم الله “ ٻنهي جي شادي ڪڏهن ٿيندي ان حوالي سان ڪا تاريخ سامهون ناهي آئي. پر سندن اعلان سان ٻنهي جي شادي بابت خبرون سچ ثابت ٿيون آهن.

Leave a Reply