ڊاڪٽر صبغت عزيز مهيسر
اسلامي لحاظ سان تازو گذريل مهينو رمضان جو شخصي تربيت جو اھم ترين مهينو تصور ٿئي ٿو ان ھڪ مهيني جي تربيت جا اثرات شخصي زندگانيء ۾ سمورو سال نظر اچن ته سمجهو اھو تربيت وارو مهينو ڪارگر ثابت ٿيو نه ته مهينو آيو ۽ گذري به ويو اسان خوشيء منجهان عيد به ملهائي سين پوء زندگانيء جي ڊوڙ ۾ ساڳيء طرح شامل ٿي وياسين ۽ بس ـ اسان کي سڀ کان اڳ تربيت جا ڪجهه اصول سامهون رکڻا آهن جيئن سمورو سال انهن جو اثر اسان جي زندگانيء ۾ نمايان نظر اچي سگهي.
*روحاني تربيت ـ سڄو مهينو جڏهن ذڪر اذڪار تلاوت ڪرڻ روزا رکڻ نماز پڙهڻ سان روحاني تربيت ٿئي ٿي ان سان دل ۽ دماغ پاڪيزه ٿين ٿا دلي سڪون ملي ٿو احساس ۽ ھمدرديء جو جذبو پيدا ٿئي ٿو عبادتن ۾ مزو اچي ٿو عبد ۽ معبود جو تعلق قائم ٿئي ٿو.
*جسماني تربيت ـ پورو مهينو وقت جي پابندي ڪرڻ مقرر وقت تي سحري لاء اٿڻ مقرر وقت تي نمازن جي ترتيب وقت سان ڪاروبار ۽ نوڪريء جي ترتيب کاڌ خوارڪ ۾ اعتدال رکڻ ان شخص لاء جسماني صحت ۽ تربيت جو باعث بڻجي ٿي.
*اخلاقي تربيت ـ پورو مهينو ڪوڙ حسد زبان ۽ ھٿ جي براين کان بچڻ سان سندس اخلاقي تربيت ٿئي ٿي جنهن کي سمورو سال جاري رکڻو آهي, سٺا اخلاق انسانيت جي عظمت آهي نبيء سڳوري درود مٿي لک ھزار جن جي بعثت جي خاص مقصدن مان اخلاقي تربيت پڻ آهي.
*انفرادي تربيت ـ پورو مهينو عملي طور تي اعمال سان جڙيل رھڻ سان انفرداي طور تي تربيت ٿئي ٿي انفرادي طور ڪهڙي طرح صبح شام گذرن ٿا ڪهڙي طرح ڏينهن رات گذرن ٿا ڪهڙي طرح معمولات گذرن ٿا جاڳڻ سمهڻ جي ترتيب گهر جا ڪم ڪار سودو سلف خريداري ڊيوٽي ۽ مائٽن دوستن سان تعلقات سڀ معاملات ھڪ ترتيب سان ھلائڻ ان تربيت جو حصو آهن ته ڪهڙي نموني روزن جي معمول سان گڏ انهن سڀن شين کي بهترين انداز سان مينيج ڪرڻ سان ئي انفرادي تربيت حاصل ٿئي ٿي.
*اجتماعي تربيت ـ پورو مهينو شخص جو تعلق ٻين سان پوي ٿو ۽ اجتماعي عملن ۾ شموليت رھي ٿي باجماعت نماز تراويح ڊيوٽيء تي وڃڻ پاڙي ۾ سڀن سان ميل جول ان وقت سڀن سان مختلف معاملات ۾ اعتدال جو مظاھرو ڪرڻ ننڍن سان شفقت وارو تعلق وڏن سان بزرگن سان ادب وارو تعلق دوستن سان سڀن سان تعلق ۾ ڪردار سازي ٿئي ٿي اٿڻ ويهڻ جو سليقو اچي ٿو, معاملات کي سلجهائڻ جو ڍنگ پيدا ٿئي ٿو ان طرح سان اجتماعي تربيت ٿئي ٿي ۽ سمورو سال ان طرح گذارڻ جو موقعو ميسر ٿي پوي جڏهن روزي جي صورت ۾ ھڪ وقت کاڌو ڇڏجي ٿو ته اھو احساس پيدا ٿي پوي ٿو ته اھي ماڻهو سڄو سال پنهنجو گذران ڪيئن ڪندا ھوندا جن وٽ کائڻ لاء موجود ناهي پوء اھو اثر اجتماعي طور تي پيدا ٿئي ٿو ۽ سڀ جا سڀ يا اڪثريت ۾ ماڻهو انهن لاء پورو مهينو کاڌي پيتي جو انتظام ڪن ٿا کاڌي پيتي ۾ رنگ نسل جي امتياز کانسواء صرف اجتماعي ھمدرديء جي احساس سان خدمت جو اھو جذبو نمايان نظر اچي ٿو اھڙي ان عمل کي سمورو سال جاري رکي ان تربيت جو عملي نمونو پيش ڪجي, ان ڳالهه کان ھٽي ڪري ته جي الله چاھي ته انهن مسڪينن کي خود کارائي ۽ پياري انهن کي شاھوڪار ڪري اھو الله جل شانهٔ جي قدرت اڳيان ڪو به مشڪل ناهي پر الله جي ذات صرف دنيا ۾ نيڪ بندن جي پرک ڪرڻ گهري ٿو ۽ کين اھو تربيت جو مهينو عطا ڪري زندگانيء جي ترتيب درست ڪرڻ جو موقعو بخشي ٿو نه ته رزاق رازق ذات ته صرف آهي ھڪ الله ان جي آڏو سموري انسانن جي سموري ضرورتن کي پورو ڪري سڀن کي سٺو کارائي سڀن کي سٺو پياري سڀن کي سٺو پهرائي ان جي خزانن ۾ ڪمي اچڻي ناهي پر دنيا جي دستور موجب صبر شڪر جي امتحان ۾ انسان جي آزمائش آهي ۽ رب ڪنهن کان صبر جو امتحان وٺي ٿو ته ڪنهن کان شڪر جو امتحان وٺي ٿو.
*تربيت جا اثرات ـ جهڙي طرح اسان محسوس ڪيوسين ته جيڪڏهن ڪو شخص پورو مهينو ڪنهن ڪم کي پنهنجي زندگانيء جو معمول بڻائي ان لاء ساڳي عمل کي سمورو سال ڪرڻ ۾ به ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿيندي, اٿڻ سمهڻ جو وقت مقرر ڪرڻ بي وقت ننڊ کان پاسو ڪرڻ عبادتن عملن جي ترتيب بڻائڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ ٿورو کائي صبر ڪرڻ کاڌي پيتي ۾ قناعت پيدا ڪرڻ ذڪر اذڪار تلاوت جي ترتيب رکڻ, حلال حرام جي تميز رکڻ اخلاق ۽ ڪردار جي اصولن تي قائم رھڻ نظر جي حفاظت ڪرڻ ھٿن پيرن کي درست انداز سان استعمال ڪرڻ دل دماغ کي پاڪ رکڻ حسد حرص کان بچڻ سود رشوت کان پاسو ڪرڻ, حقوق الله سان گڏ حقوق العباد يعني الله جي حقن جي پوري ڪرڻ سان گڏ و گڏ ٻانهن جي حقن جي پاسداري ڪرڻ ضروري سمجهڻ, ابي امڙ جي خدمت ڪرڻ پاڙيوارن مائٽن دوست سان احسان ڪرڻ پنهنجي مقرر ڊيوٽي ايمانداري سان ڪرڻ, ڪنهن جي حق تلفي نه ڪرڻ پنهنجي فائدي حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن جو نقصان نه ڪرڻ, اھي سڀ عمل جڏهن پورو مهينو انهن شين جو خيال رکجي ٿو ته يقينا ان جو اثر سارو سال بلڪه پنهنجي سموري زندگانيء جو دستور بڻائي سگهجي ٿو ۽ ان سان شخصي زندگانيء ۾ وڏو عمل دخل رکي ٿي اھا تربيت انتهائي فائديمند ثابت ٿيندي ـ زندگيء کي جيڪڏهن ڪنهن مقصد تحت گذاربو ته ان لاء ھڪ ترتيب جوڙڻ تمام ضروري عمل آهي ۽ اھو ھڪ خاص تربيت سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو ان لاء رب پاڪ اشرف انسان کي ھڪ اھڙو مهينو عطا ڪيو جنهن ۾ شيطاني قوتن کي پڻ قفل لڳائي ڇڏي ٿو ته جيئن کيس ڪنهن منفي عمل طرف رغبت پيدا نه ٿي سگهي پر انسان اندر موجود خواهشن ۽ سندس کي حاصل اختيار جو امتحان آهي ته ھو ڪهڙي طرح سان ان تربيت مان لاڀ حاصل ڪري ٿو ڪهڙي طرح نفس کي بيڪار خواھشن کان بچائڻ ۾ ڪامياب رھي ٿو ڪهڙي طرح پنهنجي مليل اختيار کي دنيا ۽ آخرت جي ڀلي لاء استعمال ڪري سگهي ٿو, جزا سزا جي تصور کي سامهون رکندي تربيت جي اصولن جي پاسداري ڪندي پنهنجو پاڻ کي مهيني جي ڪيل تربيت پٽاندر زندگاني گذاري ٿو ڇو ته انسان کي ڀٽڪائڻ لاء شيطاني قوتن سان گڏ سندس نفس جو پڻ وڏو عمل دخل آهي پر اھو سندس اختيار ۾ پڻ آهي ان لاء شيطاني قوتن کي ته قيد ڪيو وڃي ٿو پر سندس نفساني قوتن تي ڪيترو ضابطو آهي اھو ان پوري مهيني جي تربيت مان پتو پوي ٿو, جيئن ڀٽائي رح چوي ٿو ـ روزا نمازون پڻ چڱو ڪم, پر اھو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينء کي ـ اھو ڪهڙو فهم آهي جنهن سان بندو پنهنجي معبود سان تعلق جوڙي سگهي ٿو ھو پنهنجي خواهشن کي سندس رضا تي راضي رکي ھو پنهنجي نفس کي بدين براين کان پاسيرو رکي ھو پنهنجي نفس کي سٺاين چڱاين طرف راغب ڪري, قرآن پاڪ پڻ تاڪيد سان ھيء ڳالهه چوي ٿو ـ امر باالمعروف و نهي عن المنکر ـ نيڪيء ڪرڻ جو حڪم ملي ۽ بديء کان بچڻ جي تاڪيد ڪجي ٿي, ۽ ھي انسان جڏهن ھڪ مهينو پورو رب جي حڪم تحت حلال کائڻ کان به ڪجهه وقت لاء رڪجي وڃي ٿو ته پوء پورو سال ھو حرام کائڻ کان پاڻ کي ڇو نه روڪي سگهي ٿو توهان قرآن ۾ موجود ـ امر بالمعروف ـ يعني معروف يا سٺن ڪمن جي جن جو رب پاڪ حڪم ڏئي ٿو ھڪ لسٽ بڻائي ۽ پوء انهن تي عمل ڪري اھڙي طرح ـ نهيء عن المنکر ـ يعني بدين براين جي لسٽ بڻائي ۽ پوء انهن کان سمورو سال رڪجڻ جي سعي ڪري ڇو نه پوء ان لاء دنيا ۽ آخرٿ جي فلاح جو اعلان ٿئي ۽ ان لاء خوشبختيء جو اظهار ٿئي. شال رب پاڪ سمورو سال ان تربيت جي ترتيب تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين