حڪومت جو قومي اسيمبلي مان 3 اهم بل منظور ڪرائڻ جو فيصلو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 26هين آئيني ترميم کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس مان 3 اهم بل منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 4 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ حڪومت طرفان 3 اهم بل منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميم بل ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي انگ ۾ واڌ جو بل منظوري لاءِ پيش ٿيندو، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ ترميم سان آئيني بئنچ جي سربراهه کي ججز ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو.