پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي،
اسان جو ملڪ ماضيءَ ۾ تمام خوشحال ھوندو ھو، ايترو خوشحال جو چين ۽ جرمني جھڙن ملڪن کي بہ قرض ڏنا ويا ھئا. نہ فقط اھو پر سعودي عرب، لبيا سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪپڙو، زراعت ۽ ميواجات ورھين جا ورھيه اوڌر تي ڏنو ويندو هو. اسان جي ملڪ جي صورتحال تڏھن کان خراب ٿيڻ لڳي جڏهن کان آئي ايم ايف جو مرض لاحق ٿيو. ان موذي مرض ملڪ جي معاشي حالت کي تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ھر حڪومت قرض وٺڻ جو ريڪارڊ قائم ڪيو. وقت گذرڻ سان گڏ قرضن جو بار ايترو وڌي ويو جو حساب ڪجي تہ ھاڻي ملڪ جي آباديءَ جو ھر فرد آئي ايم ايف جي قرضن ۾ ٻڏل آھي. ان قرض جي قسط جي نالي ۾ اسان جي مٿان مھانگائي جو وزن وڌندو پيو وڃي. ان جي پاداش ۾ بيروزگاري، غربت، خودڪشي ۽ ڦرلٽ جا ڏوھہ حاصل ٿيا آھن. ھاڻي صورتحال اھڙي ٿي چڪي آھي جو آئي ايم ايف جو قرض ملڻ بہ ڏکيو ٿي ويو آھي ۽ جيڪڏهن آئي ايم ايف قرض ڏئي ٿي تہ حڪومت مخالف ڌر ان قرض کي روڪڻ لاءِ قرض جي رقم کي ڪرپشن ۾ استعمال جا الزام لڳائي معاشي طور ملڪ کي وڌيڪ نقصان ڏئي رھي آھي. تازو اليڪشن کان پوءِ جيئن پي ٽي آئي جي باني اھڙي حرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ باني عمران خان چونڊ نتيجن خلاف آئي ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بئريسٽر گوهر علي خان ۽ سينيٽر علي ظفر عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان اڄ آئي ايم ايف کي خط لکندو. علي ظفر چيو ته آئي ايم ايف، يورپي يونين جو پنهنجو هڪ مينڊيٽ آهي، جنهن ملڪ ۾ جهموريت ناهي اتي عالمي ادارا ڪم ناهن ڪندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ سموري دنيا ڏٺو ته عوام جو ووٽ چوري ٿيو، چوري جي مينڊيٽ جهموريت نٿي هلي سگهي، جڏهن فنڊنگ ادارا ڏسندا آهن ته جهموريت ناهي ته هو قرض ناهن ڏيندا. سندس چوڻ هوته اسان جو خط آئي ايم ايف ڏانهن ويندو، جيڪڏهن آءِ ايم ايف کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ته سڀ کان پهرين چونڊ نتيجن جي آڊٽ ڪرائي، جتي جتي آڊٽ ۾ ڌانڌلي ثابت ٿئي ان کي ختم ڪيو وڃي ان کانپوءِ آئي ايم ايف ڳالهيون ڪري. هن وڌيڪ چيو ته آئي ايم ايف سان جيڪو معاهدو ٿيندو، اِهو اسان ڌانڌلي خلاف آڊٽ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي، پهريان به آئي ايم ايف کي چيو هو ته اسان صاف ۽ شفاف اليڪشن چاهيون ٿا. اھڙين خبرن کان پوءِ وري آئي ايم ايف پنھنجو ردعمل ڏئي ڇڏيو. ھن پاڪستان جي نئين چونڊيل حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. آئي ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊائريڪٽر جولي ڪوزيڪ صحافين کي بريفنگ ۾ معاشي استحڪام بابت نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ اختيارين معاشي استحڪام کي برقرار رکيو، مهانگائي ضابطي ۾ رکڻ، ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ اختيارين سخت مانيٽري پاليسي تي عمل ڪيو. جولي ڪوزيڪ ٻڌايو ته 11 جنوري تي آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي پهرئين ريويو جي منظوري ڏني، جنهن تحت پاڪستان کي 1.9 ارب ڊالر جاري ٿيا، قرض پروگرام سان پاڪستان کي معاشي استحڪام جي ڪوششن ۾ مدد ملي رهي آهي. هن چيو ته قرض پروگرام ۾ مضبوط فوڪس ڪمزور طبقي جو تحفظ آهي، پاڪستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئين حڪومت سان پاليسي تي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون ته جيئن اقتصادي استحڪام ۽ پاڪستاني شهرين جي خوشحالي يقيني بڻائي وڃي. اسان سمجهون ٿا تہ حڪومت مخالف ڌر کي عالمي مالي ادارن کي غلط تشريح ڪري ورغلائي، ملڪ کي نقصان ڏيڻ بدران ملڪ جي معاشي ڀلائيءَ جو سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ گھرجي.