ساهتيءَ جو صوفي شاعر سچل فقير لاڙڪ

راھب علي لاڙڪ (کاھي راھو)

                 قديم زماني کان انسان پنهنجي ذات ۾ عرش ۽ فرش جي رنگا رنگيءَ تي سوچيندو رهيو آهي ۽ قدرت جي انيڪ نظارن جو درشن ڪندو رهيو آهي.صوفي بزرگن وري پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ لاءِ اندر ۾ جاتي پائي رب کي ريجهائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا. اهڙن بزرگن ۾ صوفي منش انسان فقير محمد سچل ولد موريل فقير لاڙڪ جو جنم 6 آگسٽ 1937ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي قديم ڳوٺ کاهي راهو ۾ ٿيو,ھي ڳوٺ نوشھرو فيروز کان ٽي ڪلو ميٽر اوڀر طرف نيشنل ھاء وي جي نزديڪ آھي,

                 سائين جن بچپن کان ئي سٻاجھا ۽ سادي طبيعت جا مالڪ هئا. اندازن چئن ورهين جا ٿيا ته سندن امڙ هن فاني دنيا مان برقعو مٽايو، پوءِ کين پنهنجي والد ۽ نانيءَ نپايو. ٻالڪپڻ ۾ ڪشالا ڪاٽي غربت سان مهاڏو اٽڪائي صبر جون صلواتون پڙهي. ديني تعليم لاءِ قاري الهڏنو جا طالب ٿيا. حافظ صاحب وٽان ديني تعليم پوري ڪري پوءِ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ملان مڪتب مان ۽ فائينل مدرسه هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز مان پاس ڪيائون.تنهن بعد 1956ع ۾ پرائمري اسڪول کاهي راهو ۾ 20 يا 30 روپيه ماهوار پگهار تي پنج سال ٻارن کي تعليم جي زيور سان نوازي بهترين استاد جا فرائض سرانجام ڏنائون. ڪجهه مهينن پڄاڻان. فقير صاحب تعلقي ڪنڊيارو جي ڳوٺ ڀونئر ۾ ماهوار 50 روپيه پگهار تي ٽيليفون آپريٽر طور مقرر ٿيا. ان پگهار مان ڪجهه پئسا بچائيندا رهيا،جنھن مان ھڪ ننڍڙو گهر تعمير ڪرايائون. ان نوڪريءَ دوران پاڻ سخت بيمار ٿي پيا ته اتان جا ماڻهو کين بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڳوٺ کڻي آيا، صحتمند ٿيڻ کان پوءِ کين والد صاحب چيو ته نوڪريءَ کي ڇڏي ريزڪي هٽ هلايو. دوڪان تي فرصت دوران طب جا رسالا پراڻا ڪتاب ۽ نسخا گڏ ڪري، انهن جو مطالعو ڪندا رھيا پوء پيٽ گذران لاء حڪمت جو ڪم شروع ڪيائون، قدرت واري جي طرفان سندن هٿ ۾ ايتري ته شفا هئي جو، سائي، فالج، پٿري، بخار توڙي ٻين مرضن ۾ مبتلا ماڻهو شفاياب ٿيڻ لڳا. سندن حڪمت ۽ فقيري ڦڪيون هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويون. غريبن کي ڪيترائي ڀيرا دوا مفت ۾ ڏيڻ کان علاوه، ڪڏهن ڪڏهن غريبن مسڪينن کي دوڪان تان اٽو ڪجهه راشن ۽ ڪرايو وغيره به ڏيندا هئا.فقير سائين پنهنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، پنهنجي حڪمت جي حلال ڪمائيءَ مان ڪجهه پئسا بچائي رکندا هئا. ٿورڙي ئي عرصي ۾ غريبن جا مسيحا ۽ ڀرجهلا ٿي پيا. انسانن سان ڀلائي ڪرڻ کي ئي عبادت سمجهندا هئا. جسماني طور ڪمزور هوندي به پنهنجي هٿن پيرن کان ڪم وٺندا هئا. ڪنهن انسان کان ڪنهن شيءِ جو سوال ڪرڻ کي حرام سمجھندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته ”مالڪ سائين اسان کي هٿ پير ڪم ڪرڻ ۽ محنت لاءِ ڏنا آهن. جيڪڏهن هنن کان ڪم نه وٺنداسين ته نعمت جي ناشڪري ٿيندي“. 1986ع ۾ سندن دوڪان کي چورن کاٽ هنيو ۽ چانهه، گيهه، سگريٽ ۽ کاڌي پيتي جو ڪجهه سامان کڻي ويا . ته ڏينهن ٻن کان پوءِ فقير سچل سائين کان ڪنهن ماڻهوءَ پڇيو ته فقير دوڪان جو سامان مليو يا چور کائي ويا. فقير وراڻيو ”ابا اجايو منهنجا ڇوڪرا سامان جي جاچ ٿا ڪن ڪنهن غريب ماڻهوءَ وٽ پنهنجن ٻچن جي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان نه هوندو ته اهي چوري نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا، چور منهنجي حڪمت جو سامان ڇڏي ويا ۽ پيٽ گذران لاءِ راشن کڻي ويا, ڪجھ عرصي بعد ڪنڊيارو شھر جي صوفي بزرگ پياسي محمد پريل منڱريو سان روح رھاڻ ڪيائون ته فقير محمد پريل کيس پنهنجي مرشد هادي شهنشاهه فقير فولاد علي شر سان ملاقات ڪرائي فقير فولاد علي شر جي نظر جڏهن سچل فقير لاڙڪ تي پئي ته بي ڌڙڪ چئي ڏنائين.”سچل تنهنجو نفس ته صفا مئل آهي“. پوءِ فقير سچل کي خاص ذڪر سان نوازي سرشار ڪيائين. اهڙي طرح سچل سائين تصوف جي مڪتب جا سڀ ورق ورائي رچي ريٽو ٿيو ته سندس تي الهامي شاعريءَ جي پلٽان پلٽ ٿي. سچل سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ مرشد جي فيض جو اظهار هن نموني ڪيو آهي. 

دستِ ڪرم فولاد جو مون کي مليو روز ازل،

تڏهن اچي هت سڃاتم، هاديءَ سندي صفات کي.

سچل جي شاعري: 

فقير سائين پنهنجي شاعريءَ جا ٻه قلمي نسخا 1960ع ڌاري لکيا هئا، انھن نسخن جا پنا ڳريل ڏسي پوءِ سندن گهر وارن ۽ فقير صاحب جي طالبن مرحوم عطاءُالله ميمڻ (چيف انجنيئر سوئي گئس)، مرحوم استاد احمد علي شاهه ۽ سائين فقير ڊاڪٽر نادر علي سومرو صاحب انهن ٻن بڪن تان سندن ڪلام اتاري نئون بوڪ تيار ڪيو.پوء گڏيل بياض کي شاعري جي صنفن ۾ ترتيب ڏئي ڪتاب ”عشق جون ٻوليون (فقير محمد سچل لاڙڪ جو ڪلام)“ جي عنوان سان2018ع ۾ ڊاڪٽر نادر علي سومري صاحب پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايو. 

سچل فقير لاڙڪ جي شاعري ۾ حمدوثنا سوز و سرورآهي. سر ڪلياڻ ۾ رات جي پهرين پهر وقت رب کي ريجهائڻ جو درس ڏنل آهي. يمن ڪلياڻ ۾ سائين جي اها شاعري آهي، جنهن ۾ پاڻ پريم جو پيالو پي جلال جا جولان ڏيکاريا آهن. جيئن ته سندس شاعريءَ ۾ سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، مارئي، راڻو، سسئي، سهڻي، سورٺ، سارنگ، ڪاپائتي، جوڳ، هير رانجهو، ڪيڏارو، قصيدا، مدح، مناجاتون، بيت، ڪافيون، اردو ۽ سرائيڪي ڪلام ۾ فقط تون هي تون جي تنوار سمايل آهي. 

ٿلهه:- اچي عشق ڪيو انسان مون کي نت نفس ڪيو هو نادان مون کي.

1. فقه فرهيون وسري ويو، جڏهن برهه ٻڌايو بيان مون کي.

2. روزا نمازون پڙهڻ ڇڏيا مون، توحيد جو لڳو تان مون کي.

3. ڳالهيون جيڪي سمجهڻ نه جهڙيون، عشق ڪيون آسان مون کي.

4. ڏينهن ٻه ٽي هن دنيا ۾، محبت ڪيو مهمان مون کي.

5. ڏاج ڏکن جو روز ازل کنئون، مليو سورن جو سامان مون کي.

6. سچل لاڙڪ سوز پرين جو، درد جو مليو دان مون کي.

سچل سائينءَ جو مئخانو:- فقير سائينءَ جي مئخاني تي ننگر توڙي سماع جو سلسلو ڪافي عرصي کان جاري آهي. سندن اوطاق تي هن وقت به فقراهي محفلون رچنديون آهن . سچل سائين جي مئخاني تي نه لالچ نه لوڀ، نه حرص نه حوس، بس تون هي تون جي ٻولي ۽ لولي هوندي آهي. سچل سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي مئخاني جو ذڪر هن نموني ڪري ٿو:

ڪٿ ڦران در در ديوانو، اصل آءٌ اوطاقي هان،

ڪٿ وصالي يار جو، ڪٿ ٿيو ته فراقي هان.

بيشڪ سائين وڏو اوشاقي ۽ اوطاقي هو.سندس خاندان ۾ به اهي ئي گڻ آهن. سچل سائينءَ پنهنجي اوطاق تي غريب غربي جو خاص خيال رکندو هو. مزمان کي پنهنجي حال آهر ماني ڳڀو کارائي ۽ خير آفيت معلوم ڪري پوءِ کيس روانو ڪندو هو.

سچل سائين زندگيءَ جا لاها چاڙها ڏسندي ڏسندي آخري ڏهاڙن ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي ته سندن اولاد کين حيدرآباد ۾ عطاءُالله ميمڻ صاحب جي نگرانيءَ ۾ هلال احمر اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪرايو. نيٺ سندن پڃري جو پکي 9 شوال جي رات 1430هه مطابق 29 سيپٽمبر 2009ع تي پکي پرواز ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. 9 شوال جي ڏينهن ڏهين جي رات ڳوٺ کاهي راهو ۾ سندس درگاهه تي هر سال ميلو لڳايو ويندو آهي.

مشهور صوفي بزرگ شاعر سيد محمد علي شاهه عرف سائين شهنشاهه جي زندگيءَ جا آخري ڪجهه سال فقير محمد سچل لاڙڪ جي مئخاني ۾ گذاريا، ان بزرگ سچل فقير لاڙڪ جي عقيدت ۾ وصال نامو لکيو جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.

مئه خانو خالي ٿو ڏسان، رهندو سچل بادشاهه جو،

طالبن مطلوب هو، تن جو رهبر راهه هو.

درويشيءَ جي دلڪ ۾، خاصي خدائي خُلِقَ ۾،

مهويت جي ملڪ ۾، عاشقي الله هو.

بيمار ڪيئي پيا اچن، سي چاڪ ٿي پيا وڃن،

حاذق حڪيم سو، طبيب ته جراهه هو.

مرشد سندس فولاد علي، تاج جنهن کي ملي،

طالب ٿيو سچل هلي، تنهن سان هادي همراهه هو.

ربي فقير تي راز هو، دشمن نواز هو

اهو عشق جو آغاز هو، واصلي بالله هو

سال 1430 هو، راهي رباني راهه هو

مهينو شوال جو، راهي رباني راهه جو،

فقير تي وڏو راز هو، طالبن کي ناز هو

شاعر به هن شعر جو، سو به شهنشاهه هو

Leave a Reply