سنڌوءَ مان ڪئنالن خلاف بلاول ڀُٽو جو سگھارو موقف
پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي،
سنڌو درياھه مان چولستان لاءِ ڪئنالن کي ڪڍڻ واري وفاقي حڪومت جي منصوبي تي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلڪل واضع طور موقف بيان ڪري ڇڏيو آھي جيڪو سنڌ جي عوام لاءِ ڏاڍو ھمت ڀريو دليل آھي. بلاول ڀُٽي ڪالَھه بلاول هائوس ۾ ميڊيا سيل جي دؤري دوران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته وفاق ۾ نه عزت ملي رهي آهي ۽ نه وري عزت جي سياست ڪئي پئي وڃي، طئه ٿيو هو ته پي ايس ڊي پي صلاح مشوري سان تيار ڪيو ويندو، حڪومت اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ئي ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪئنال ٺاهڻ تي جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو اھو درست ناهي. انھيءَ حوالي سان ھڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي ارسا جي اڳوڻي سيڪريٽري سيد مظھر علي شاھ سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جي سازش جو انڪشاف ڪندي چيو آھي ته سنڌو درياھ مان لنڪ ڪئنال ڪڍڻ لاءِ پنجاب فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آھي. ارسا جي اڳوڻي سيڪريٽري چيو ته ارسا کي قانوني طور تي چولستان ڪئنال جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. سنڌ جي مخالفت باوجود چولستان ڪئنال تي ڪم جاري آھي، چولستان جي غيرآباد زمين آباد ڪئي پئي وڃي. اڳوڻي ارسا واري سيڪريٽري جي ڳالھه حق بجانب آھي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبليءَ جي مخالفت باوجود چولستان ڪئنال سميت سنڌوءَ مان ڇھه نوان ڪئنال ڪڍڻ وفاقي حڪومت جي ضد ۽ آئين جي خلاف ورزي آهي. سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گيس ۽ ڪوئلي سميت سمورن معدني وسيلن تي سڀ کان پهرين سنڌ جو حق آهي. سنڌ جي گيس مان ٻين صوبن جا ڪارخانا هلن ۽ سنڌ ۾ گھرن جا چُلها به نه ٻرن، اها سراسر ناانصافي آهي، اهڙين حرڪتن سان صوبي ۾ محروميون ۽ نفرتون وڌي رهيون آهن. سنڌو درياھه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آھي. اھا سنڌين لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ واري ڳالھه آھي. سنڌو درياھه سنڌ جي شھ رڳ آهي. سنڌو درياھه کي گهربل پاڻي نه ڏيڻ ۽ وري مٿان نوان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌ لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي، ان سان سنڌ سڄي ڀڙڀانگ بڻجي ويندي. ماضيءَ کان وٺي ايندڙ اڄ تائين سمورا حڪمران سنڌو درياهه کي ايئن ئي ڏسن ٿا جيئن ڪاسائي ڪنهن وهٽ کي ڏسندو آهي. حڪمرانن وٽ سنڌو فقط ۽ فقط پاڻيءَ جو اهو وهندڙ ذخيرو آهي، جنھن مان هڪڙا ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي چڪا ۽ ٻيا مرحليوار سنبت ۾ آهن. ھاڻي اھو صاف نظر اچي رهيو آھي ته رٿيل سازشن تحت ڊيمن ۽ ڪئنالن ۾ سنڌوءَ کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري پنجاب ۾ وهايو پيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته پي پي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري سنڌوءَ مان ڪئنالن جي سخت مخالفت ڪري درياھه کي بچائيندو. ھُو پنھنجي سگھاري موقف تي قائم رھندو، ڇاڪاڻ ته نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو ڪالاباغ ڊئم کان به وڌيڪ خطرناڪ منصوبو آهي.