محمد صديق انڙ
مختلف سوچ ۽ منشور وارين جماعتن جو گڏجي مرڪز ۾ اتحادي حڪومت ٺھڻ کي سڀني شامل جماعتن جي مجبوريءَ واري حالت ۾ مصلحت پسندي کان به وڌيڪ مفاد پرستي چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اتحادي اصل ۾ ھڪ ٻئي جا خاموش مخالف آھن۔ مٿان وري اهو ڪلور ته صوبائي حڪومتون به صوبائي سوچ جون عڪاس بنجي مختلف سياسي پارٽين حوالي ٿينديون وڃن۔ ان صورتحال، ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ پ پ پ جهڙين وڏين جماعتن کي به ڄڻ ته علائقائي پارٽيون بنائي ڇڏيو آھي۔ ان ۾ ھڪ ٻي طرح جي ورڇ به موجود آھي, پي پي ۽ پي ٽي آءِ ته ترتيبوار سنڌ ۽ خيبر پختونخواھ تي پنهنجو اثر ۽ اقتدار سالن کان قائم رکيو اچن پر ن ليگ پنهنجي گهر پنجاب ۾ به ڪمزوريءَ جو شڪار لڳي ٿي۔ هن دفعي عجيب مذاق اها پئي لڳي ته سڀ ڪو منهن مٿو پيو پٽي۔ وفاقي حڪومت جوڙڻ جي ڪامياب ڪوشش کان پوءِ به ڳالهين ۾ شامل اڳواڻ جا منهن لٿل ۽ چھرا اداس نظر آيا۔ الائي ڇو هر ڪنهن اهڙو تاثر پئي ڏنو ته سندن حڪومت هلندي ته ڪونه!؟
ايترو مونجهارو ۽ بي يقيني شايد ان ڪري آھي ته هن دفعي وارين چونڊن ۾ ھارائيندڙ توڙي کٽندڙ ٻئي ڌانڌلين جا الزام هڻن ٿا۔ اها به حقيقت آھي ته گڙ ٻڙ ته ٿي آھي پر ڪنهن سان ٿي آھي ان جو مقدار گهٽ وڌ به آھي۔ ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم کي نفعي وارين ڌرين ۾ شامل سمجهيو پيو وڃي۔ اهو حساب ڪتاب وارو انگ ڪنهن طرح جي ابت سبت سان ئي ممڪن ٿيو هوندو۔ اليڪشن ڪميشن به ظاهر ۾ نا اهليءَ جي حد ڪري ڇڏي پر سڄو وقت انٽرنيٽ جي بندش ۽ نتيجن اچڻ جي آزادانه سلسلي کي روڪي ان تي اليڪشن اٿارٽي پنهنجي هڪ هٽي جو جيڪو اعلان ڪيو، ان به ناڪاري اثر ڇڏيو۔ ڪميشن جو گذريل چونڊن ۾ آر ٽي ايس وارو ناٽڪ ته نه هليو پر هن دفعي وري وڏي فخر سان متعارف ڪرايل “اِي- ايم-ايس” جو ڊرامو به ڪامياب نه ٿيو۔ لڳ ڀڳ ھر ڪو سمجهي ٿو ته چونڊون صاف ۽ شفاف نه ٿيون آھن پر ان کان وڌيڪ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ايتري ٻڪر ٻوسٽ به نه ٿي آھي نه ته نشاني تي آيل جماعت کي خيبر پختونخوا ۾ شاندار ڪاميابي ۽ پنجاب ۾ “مهمان” ٿي آيل ميان صاحب جي ن ليگ جي برابر برابر حلقن ۾ ڪاميابي, سو به پنجاب ۾ حاصل نه ٿئي ها۔ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي پنهنجي خراب ڪارڪردگيءَ جي باوجود حقيقي طرح مد مقابل جماعت اڄ تائين ٽڪرائي ناهي، ان ڪري صرف هن دفعي نه پر گذريل پندرهن سالن کان اوڻيھ – ويھ جي فرق سان ايتري ڪاميابي ملندي رهي اٿن۔ باقي بلوچستان ته بلوچ سردارن جي حوالي آھي ۽ اهي سردار وري هميشه ڪنهن ٻئي جي امانت رهندا آيا آھن۔ عام بلوچ ۽ قوم پرست ڌرين کي اتي جي مخصوص مقامي حالتن کان وڌيڪ ٻاهرين طاقتن ۽ عالمي دهشت گرد ڌڙن جي پيدا ڪيل حالتن جي اثر هيٺ اچي مشڪل صورتحال ۾ ڦاسايو ويو آھي۔ ايران, أفغانستان, ڀارت ۽ چين جي جيو اسٽريٽجڪ مفادن هن غريب صوبي جي عوام کي سانن جي ويڙھ ۾ گاھ مثل بنائي لتاڙ جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي۔ ان ڪري ان صوبي جي صوبائي حڪومت اڳ ۾ طئي ٿيل طريقه ڪار مطابق ئي ٺھندي نظر ايندي۔
پنجاب ۾ مريم نواز ۽ سنڌ ۾ سيد مراد علي شاھ وزير اعليٰ طور ڄڻ ته چونڊجي ويا آھن۔ خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي مزاج جو عڪاس علي امين گنڊاپور نامزد ٿيل آھي ۽ بلوچستان لاءِ سرفراز بگٽي جي چونڊ به يقيني لڳي ٿي۔ ان جو مطلب ته مرڪز ۽ صوبن جون حڪومتون پنهنجي جوڙ جڪ جي آخري مرحلن ۾ آھن پر اصل چئلينج ايندڙ وقت آھي۔ سني تحريڪ جي شڪل ۾ مرڪز ۽ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ نه صرف مضبوط پر خطرناڪ مخالف ڌر جي روپ ۾ موجود هوندي۔ گنڊاپور جي وزير اعليٰ طور نامزدگي، پنجاب لاءِ ھڪ ٻئي مفرور ميان اسلم اقبال جي وزير اعليٰ طور نامينيشن، اڊيالا ۾ بند باندي بانيءَ جا آزاد اڳواڻن کان وڌيڪ تعداد ۾ هر روز اگرا بيان اچڻ، سندس هر جهيڙا ڪار جو ھر ھر مخالفن خلاف چور ۽ ڊاڪو جو ورد ڪرڻ، اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس خلاف ميڊيا مھم جاري رکڻ ۽ مٿان قيدي نمبر 804 جو هڪ دفعو وري آءِ ايم ايف کي خط لکڻ ته ايندڙ حڪومت کي قرض ايتري تائين نه ڏنو وڃي، جيتري تائين بيانيل ڌانڌلي الزامن جي جانچ اِهو عالمي ادارو يقيني نٿو بنائي، جهڙين حرڪتن ۽ فيصلن مان ان جو اظھار ٿئي پيو۔ هن دفعي اڪثر مذھبي جماعتون, قوم پرست ۽ سڀ ٽانگا پارٽيون چونڊن ۾ ٻوٽو ٻاري نه سگهيون آھن۔ جيتوڻيڪ مضبوط پارليماني جمهوريت لاءِ اهو نيڪ شگون هوندو پر هارائيندڙ ھڙئي هڪ ٿي هر هنڌ احتجاج لاءِ به نڪري پيا آھن۔ ڪافي مبصرن جو خيال آھي ته انهن ڌڙن يا ون مين پارٽين جي شڪست سندن مرتبي مطابق ٿي آھي پر پنهنجي حامين سامهون ڀرم بچائڻ لاءِ ھميشه وانگر ڌانڌلي جي ڌّنَ الاپين پيا۔ ان سڄي هلَ هنگامي جي نتيجي ۾ ڪمزور بنيادن تي قائم حڪومت هر وقت پنهنجي بچاءَ جي بندوبست ۾ مصروف هوندي ۽ مهانگائي ماريل عوام اهو ئي لاوارث رهندو۔ ان کان وڌيڪ بي چينيءَ جو باعث ھر صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت توڙي سڀني اسيمبلين جو هر فيصلو ۽ هر قدم هوندو جنهن کي وڪيلن جي جماعت پي ٽي آءِ اعليٰ عدالتن ۾ ھر وقت چئلينج ڪندي رهندي۔ ان سان عدالتون عوامي سطح تي انصاف ڏيڻ بدران اڳ کان داغدار ماضيءَ کان به وڌيڪ مشڪل صورتحال ۾ ھوندي, وڌيڪ قاصر رهندي۔ اسان جي اعليٰ عدليه وٽ ھونئن به سياسي ۽ آئيني ڪيس وڌيڪ تڪڙا ۽ اهم سمجهي اڪلايا يا منجهايا ويندا آھن جنهن سبب قوم جو عدليه تي ڀروسو به نه رهيو آھي۔ جسٽسز: افتخار چوڌري، ثاقب نثار، گلزار احمد ۽ عمر عطا بنديال جي دؤرن کان پوءِ عدليه مان غير جانبداري جي اميد گهٽ ماڻھن کي هوندي۔ ان سڄي ڇڪتاڻ جو نتيجو ملڪي معيشت جي نستائي، سياسي عدم استحڪام، امن امان جي خرابي ۽ ادارن جي وڌيڪ ڪمزوري جي صورت ۾ سامهون ايندو۔ حڪومت هلندي نظر نه ايندي، ملڪ اڳتي بدران پوئتي ويندي نظر ايندو ۽ جيتري ڪشيدگي ڪجھ عرصي ۾ ھن ملڪ ۾ اڀاري ويئي آھي ان سبب جماعتن جون مخالفتون سياسي کان وڌيڪ ذاتي ۽ مذھبي دشمنين ۾ بدلجي سگهن ٿيون۔
ڪمزور صرف پارليامينٽ, سياسي حڪومتون ۽ سياسي نظام نه ٿيا آھن پر پي ٽي آءِ کان پوءِ واري پاڪستان ۾ عدالتي نظام ۽ خود سگهاريون قوتون به پنهنجي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کي محسوس ڪرڻ لڳيون آھن۔ ٻين لفظن ۾ مشرف واري 1999 کان پوءِ وارن 34 سالن ۾ جيڪو نئون نسل پيدا ٿيو، ان ڪمزور ۽ هائبرڊ ئي سهي پر جمهوري حڪومتن جي دور ۾ اک کولي تربيت وٺي پاڻ کي مختلف شھري طور محسوس ڪيو آھي۔ انهن سالن ۾ انٽرنيٽ، اينڊرائيڊ موبائيل فونن ۽ سوشل ميڊيا مخلوق کي ڪنهن ٻئي جي قابو ۾ ته ڇڏيو پر پنهنجي وس کان به ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آھي۔ ملڪ جي ڪمزور مالي حالت, ڏيوالي نڪرڻ جي دائمي خوف ۽ عالمي قوتن جي ردعمل جي خوف سبب هي ملڪ هاڻي ضياءُ الحق وارو پاڪستان به نه رهيو آھي۔ انهن حالتن ۾ آئيندي جو سياسي سفر سڻائو ڪنهن طرح به نه هوندو۔
چونڊن کان اڳ جي ڪجھ ڪارروائين سبب پي ٽي آءِ لاءِ ڪافي همدرديون موجود آھن ۽ هڪ خيال اهو به هو ته نَوَ مئي کان پوءِ وارين حرڪتن سبب مار کائيندڙ پي ٽي آءِ ڪجھ سڌري هوندي پر “چري ڪيئن، چئي ته ويران وير وڌ”۔ ڇا ھنن حالتن ۾ آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي ڌمڪي ڏيڻ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ جي مترادف نه آھي؟ “هڪ وڻي ڪونه، ٻيو وري جوتن سوڌو جهول ۾!” شوڪت ترين, جهگڙا ۽ محسن لغاري کي گذريل دفعي ڪيل ساڳي طرح جي ملڪ دشمن حرڪت جي سزا ملي هجي ها ته هن دفعي ان جو ورجاءُ نه ٿيو هجي ها۔ آءِ ايم ايف جي تڪڙي ردعمل به ان حرڪت جي هوا ته ڪڍي ڇڏي آھي۔ ان هوندي به ڌانڌلي جا جيترا الزام لڳندا هجن, جيڪي سڀ غلط به نه هوندا پر سچ اهو به آھي ته 8 فيبرورئ کان اڳ پي ٽي آءِ وارن کي به ايڏي وڏي ڪاميابئَ جي اميد نه هئي جيتري مرڪز, خيبر پختونخوا ۽ پنجاب اسيمبلين ۾ کين ملي (جن حالتن ۾ ايڏي ڪاميابي ماڻي اٿن ان تي دنيا حيران به آھي ته جس به ڏئي ٿي) اهو ئي سبب هو ته چونڊ نشان جي غير موجودگيءَ ۾ وٽن نتيجن اچڻ تائين به ڪا حڪمت عملي موجود نه هئي ته پنهنجن آزاد ميمبرن کي اسيمبلين جي اندر پارٽي نظم و ضبط ۾ آڻڻ لاءِ آخر ڪهڙي ڪاغذي جماعت جو سهارو وٺبو؟ ڪڏهن جماعت اسلامي جو در ته ڪڏهن مجلسِ وحدت المسلمين جو ته نيٺ سني تحريڪ وارو لقاءّ سامهون آيو۔ ان هوندي به عورتن ۽ اقليتن جي ڪوٽا مان حصو حاصل ڪرڻ اڃا به يقيني نه آھي
۔ جيڪڏهن بيٽ جي چونڊ نشان وانگر فيصلو سياسي جي بجاءِ صرف قانوني تقاضائن پٽاندر ڪيو ويو ته اهي سيٽون به خطري ۾ آھن۔ اهڙي صورتحال هوندي پي ٽي آءِ کي پنهنجي حامين ۽ ملڪي مفاد خاطر جيتري حمايت اڳ ۾ ئي حاصل آھي ان ۾ واڌارو ڪرڻ لاء پارليامينٽ ۾ اندر رهي حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪندو رهڻ گھرجي ۽ پنهنجي واري جو انتظار پارليماني طور طريقي مطابق جاري رکڻ گھرجي۔ ٻئي پاسي جتي به کين ڌانڌلين جو شڪ آھي ان کي اليڪشن ٽرائبيونلز ۽ اعليٰ عدالتن ۾ کڻي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جاري رکڻ گھرجي۔ ٻيهر چونڊون منعقد ڪرائڻ جي حامي شايد ڪا سياسي جماعت هجي ۽ ڪيترين زميني حقيقتن سبب ممڪن به نٿيون لڳن۔
حڪومت ۽ عدليه کي به انصاف جا اهڙا موقعا فراهم ڪرڻ گھرجن جن مان انصاف ٿيندو نظر به اچي۔ مثال طور اصلي ۽ حقيقي فارم 45 جي بنياد تي چونڊ نتيجن جو فيصلو وڌيڪ معتبر هوندو، نڪي فارم 47 جي بنياد تي۔ ٻي ڳالھ ته نواز شريف, بلال ڀٽو سميت جن به وڏن اڳواڻن جي ڪاميابي تي شڪ ظاهر ڪيو ويو آھي. انهن سڀني ۽ ڪراچي, لاهور۽ ٻين وڏن شھرن جي جن به حلقن جي نتيجن ۾ غير ضروري دير ڪئي ويئي. انهن جا سڀ ٿيلها کولڻ کپن ته جيئن چونڊن کان وڌيڪ خود مملڪت تي ۽ ان جي ادارن تي عوام جو ويساھ قائم ٿي سگهي۔ پڪ سان اهڙا خالَ خيبر پختونخوا مان به نڪري ايندا جيڪي پي ٽي آءِ وارن جي حق ۾ ٿيا ھوندا۔ آءِ ايم ايف يا ٻاهريون قوتون ڪير ٿينديون آھن ته انهن معاملن ۾ اچي ٽنگ اڙائين, ٽنگ اڙائڻ لاءِ ڪنگال معيشت جو سڄو ميدان مستقل بنيادن تي وٽن اڳ ۾ ئي موجود آھي۔