سُر آسا عبد ۽ معبود جو مفھوم
گُلشن سنڌو
سنڌ جو صوفي بزرگ ۽ شاعرن جو سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح حقيقي ۽ مجازيءَ جي سھڻي سمجھاڻي ڏيندڙ , روحانيت جي تشريح سمجھائيندڙ , زندگيءَ جي گس پيچرن تي ايندڙ اوڀارين لھوارين مٿاھين ۽ اونھائين جي گھري فلسفي کي پنھنجي ڪلام ۾ سليقي سان سمجھائيندڙ شاعر آھي سندس رح جي ڪلام ۾ لفظن جي جيڪا قوت آھي اھا سماجي قدرن جو پڻ اپٽار آھي شاھ سائينءَ جو ھر سُر نئون گس ھر بيت مجاز کان سفر ڪندي حقيقي عشق جو اھڃاڻ آھي جن جو مطالعو سوچ فھم فڪر جي بہ واڌ ويجھ ڪري ٿو شاھ رح جو ھر سُر ھڪ نئين داستان جو عڪس آھي جنھن جي چٽي روشني ذھن کي منور ۽ قلب کي سُڪون بخشي ٿي انھن سّرن مان سُر آسا بہ ھڪ آھي آسا ھڪ مٺي راڳڻيءَ جو نالو آھي چيو وڃي ٿو تہ آسا ھڪ راجڪماري جو نالو آھي جيڪا پرڀات مھل ڌڻيءَ جي ساراھ ڪندي ھئي جنھن ڪري ھن سُر تي آسا نالو رکيو ويو جنھن جي معني ۽ مفھوم آھي تہ صرف سوچڻ لوچڻ جي حد نہ ٿي ملي بلڪہ پرينءَ جي پريت ۽ سونھن جو تہ نہ قد آھي نہ نہ ماپو نہ ئي وري ڪو ماپو مقدار آھي خودي کي وساري رب ڏانھن رجوع ڪر ڇوتہ پالڻھار کي سڄو جمال آھي
انسان عبد( بندو , عبادت ڪندڙ) ۽ رب معبود (مالڪ) آھي عبد ۽ معبود جي جا ابتدا يا انتھا ناھي ڇوتہ سندس( انسان )جي روح جي زندگي بہ ھميشہ آھي شاھ سائين رح سُر آسا جي داستان پھرئين جي پھرئين بيت ۾ فرمائي ٿو تہ
لوچان ٿي لاحَدَ ۾, ھادي لَھان نہ حَدٌ
سُپريان جي سُونھن جو، نَڪو قَد نہ مَدٌ
ھِتِ سِڪڻ بي عَدَد، ھُت پِرينءَ پَرواھَ ناھ ڪو
يعني لا مڪان ۾ رب ڳوليان ٿي تہ ھاديءَ جي ڪا حد نظر نہ ٿي اچي پرينءَ جي سُونھن جو ڪو ڪاٿو ئي ناھي جنھن جو نہ قد آھي نہ مد( نہ ڊيگھ نہ ويڪر ) آھي سپرينءَ جي سڪ لامحدود آھي ۽ ھُتي پرينءَ کي ڪا پرواھ ناھي ھڪ ٻئي بيت ۾ شاھ لطيف رح فرمائي ٿو تہ
ھُو پِڻ ڪونھي ھِنَ ري , ھيءُ نہ ھُنھان ڌارَ
اَلاِنسانُ سِريۡ وَاَنا سِرٌہُ , پَروڙج پچارَ
ڪَندا ويا تنوارَ , عالِمَ عارِفَ اَھڙي
يعني انسان ۽ ڌڻي ھڪٻئي جي وجود کان الڳ ناھن رب تنھنجي اندر وسي ٿو تون ڳول ڌڻي فرمائي ٿو تہ انسان منھنجو ڳُجھ آھي ۽ مان سندس ڳجھ آھيان اھا ڳالھ سمجھ …سچي شعور وارا ماڻھو اھا ئي لات لنوندا ويا سُر آسا ۾ لطيف سائينءَ رب جي انيڪ الفت ۽ روحاني راز کي پروڙيو آھي پرڀات مھل ئي اکين کي پرينءَ کي پَسڻ گھرجي ھڪ بيت ۾ فرمائي ٿو تہ
اُڀرندي ئي سِجُ, پرين جي نہ پَسنديُون
ڪَڍي ٻيئي ڏج , اَکڙيُون ڪانگنِ کي
يعني جڏھن سِجُ اُڀري آڪاش تي اچي ٿو تہ رب پاڪ جي ساراھ لاءِ سُتل اکين کي کول ..جي اُھي رب کي نہ ٿيون پَسن تہ ڪانگن کي ڪڍي ڏئي ڇڏ. شاھ رح جي سُر آسا ۾ حقيقي ۽ مجازي معنٰي جو عڪس ملي ٿو ھن سُر ۾ اکين جو ذڪر گھڻو ٿيل آھي جيئن ھيٺئين بيت ۾ فرمائي ٿو تہ .
اکيون سيئي ڌار , جن سان پَسين پرينءَ کي
ٻئي ڏانھن ڪِيمَ نھارِ, گھڻو ريسارا سُپرين
يعني اُھي ئي اکيُون اختيار ڪر جن سان صرف پرينءَ جو عڪسُ پَسين ٻئي ڏانھن اک کڻي بہ نہ نھارِ سُپرين گھڻا غيرت وارا اٿئي
ھڪ ٻئي بيت ۾ شاعرن جو سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح فرمائي ٿو تہ
ڏِسَڻُ ڏِسين جي , ھمہ کي حق چَئين
شارڪ ! شَڪُ مَ ني, انڌا! اِنھيءَ ڳالھ ۾
يعني جي سچي نظر سان ڏسين تہ سڀني کي سچ چئو اي شرڪ ڪندڙ ! تون ڪنھن ڳالھ ۾ گمان نہ آڻ سچ ساڻ ھج اندر جي اک کي بيدار رک جنھن منجھ پرين پَسين شاھ صاحب رح پرينءَ سان گَھري لڳاءَ ۽ اندر جي اُڪيرَ ۽ اُتساھ روح کي سُرور بخشيندڙ خوبصورت اظھار ڪيو اٿس ھيٺئين بيت ۾ فرمائي ٿو تہ ..
اکيُن ۾ ٿي ويھُ , تہ آءُ واري ڍَڪيان
توکي ڏسي نہ ڏيھُ , آءُ نَہ پَسان ڪِي ٻيو
يعني ھتي محبت جي انتھا آھي پنھنجي پرينءَ کي مخاطب ٿيندي ۽ نھايت ئي پنھنجائپ اُڪير سِِڪ ۽ ڇِڪ مان چوي ٿو تہ منھنجي اکين ۾ ويھُ تہ آءُ ڇپرن منجھ توکي لڪايان جيئن توکي ڪير بہ نہ ڏسي ۽ منھنجي اکيُن منجھ بہ تون ھجين جيئن آءُ ڪنھن ٻئي کي نہ ڏِسان اُڪيرَ جي انتھا ھن مٿئين بيت ۾ واضع سھڻي نموني بيان آھي
ھن سُر ۾ اعليٰ قدرن جي پڻ عڪاسي ڪئي وئي آھي ۽ خدا جي عشق عقيدو سچو ھجڻ جو شرط پڻ رکيو ويو آھي تہ جيڪر رب سان محبت گھڻي ھوندي تہ اھو ماڻھو منفرد ھوندو
تَنّ تَسبيح, مَنُ مَڻيو, دل دنبورو جَنِ
تَندون جي طلب جُون , وَحدتَ سِر وَڄن
وَحدَہ لا شَريڪ لَہ , اِھو راڳُ رَڳنِ
سي سُتا ئي جاڳنِ , ننڊَ عبادت اُن جي
يعني جن جو جسم ھر وقت رب جو وِرد ڪندي تسبيح جو ڏيک ڏئي ٿو ۽ دِل دنبوري وانگر روحاني ساز ڇيڙي ٿي جنھن جي طلب جون تارون اللہ پاڪ جي وحدت جي رازن سان پيون وڄن سندس رڳون اھوبہ وِرد ڪن ٿيون تہ” اللہ ھڪ آھي ۽ سندس ڪوبہ شريڪ ناھي ” ۽ اھي سمھندي بہ جاڳ ۾ آھن تن جي ننڊ بہ عبادت مثل آھي سُر آسا ۾ تَرڪ کي تَرڪ ڪرڻ جي پڻ تلقين ڪئي وئي آھي يعني دنيا کان تہ ھرڪو لِڪي ٿو پر تون خود لڪڻ کان لِڪُ ..جن لاءِ اسان سِڪون ٿا اھي اسان پاڻ آھيون بس پاڻ پَروڙ پاڻ پرکِ .
سُر آسا ۾ چار داستان آھن ۽ ست کان سترھن بيت آھن وايون پڻ بيان ڪيون ويون آھن ھن سُر جي روحاني معنيٰ ۽ مطلب ۽ مفھوم آھي تہ جن جي جسم کان ويندي روح ھر وقت اللہ جو ذڪر ڪري ٿو اھو عبد( انسان ) ۽ معبود( ڌڻي) جي وچ ۾ روحانيت سان سرشار پختو رشتو جوڙي ٿو ۽ بندو پنھنجي پروردگار جي عبادت ۾ محو ٿي سچي ۽ حقيقي عشق کي سڃاڻي ٿو