سکر ۽ حيدرآباد موٽروي نه ٺاهڻ سموري ملڪ سان زيادتي آهي:شرجيل انعام ميمڻ

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ سرڪار حيدرآباد سکر موٽروي تي ڪم تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سکر ۽ حيدرآباد موٽروي نه ٺاهڻ سموري ملڪ سان زيادتي آهي، روڊ ٺهڻ سان حادثا گهٽ ٿيندا ۽ رابطن ۾ بهتري ايندي، موٽروي ٺهڻ سان سنڌ سميت سموري ملڪ کي فائدو ٿيندو. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌو درياهه تي ڪنهن به قسم جو ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ سرڪار ڪئنالن خلاف سي سي آءِ کي خط لکي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز  شريف کي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ جلد سي سي آءِ اجلاس طلب ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني ملڪ ۽ ادارن خلاف سازشون ڪندو رهيو آهي، ڳالهين تي ڪو به اعتراض ناهي پر قومي سلامتي تي ڪا به سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڳالهيون ٿين پر 9مئي تي ڪابه سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي، 9مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو اها باقاعده منصوبابندي هئي، تحريڪ انصاف باني کي 14 سال سزا ٿي، ڇا ڪنهن ڪو احتجاج ڏٺو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي هميشه صحافين جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن، پ پ قيادت صحافت جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي،تنقيد برداشت ڪرڻ جو جيترو حوصلو پ پ ۾ آهي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ناهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پيپلزپارٽي خلاف ميڊيا هائوسن ناڪاري ڪيمپين هلائي پر هنن ڪنهن کان انتقام نه ورتو، سنڌ جي اسپتالن ۾ بنا فرق جي سڄي ملڪ جي ماڻهن جو علاج ٿيندو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو حيدرآباد لاءِ جلد ترقياتي پيڪيج آڻيندا، هتي جلد اي وي بسون هلنديون. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سکر ۽ حيدرآباد موٽروي نه ٺاهڻ سموري ملڪ سان زيادتي آهي، روڊ ٺهڻ سان حادثا گهٽ ٿيندا ۽ رابطن ۾ بهتري ايندي، موٽروي ٺهڻ سان سنڌ سميت سموري ملڪ کي فائدو ٿيندو.ٻئي پاسي   اطلاعات بابت سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اڄ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪري حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ(ايڇ يو جي) جي نئين چونڊيل باڊي جنهن ۾ صدر سينئر صحافي حامد شيخ، جنرل سيڪريٽري علي حمزه زيدي، سينئر نائب صدر، سينئر صحافي فيض کوسو، نائب صدر الطاف ڪوٽي، جوائنٽ سيڪريٽري فيروز ٻٻر، جوائنٽ سيڪريٽري مظفر رند، دانش نفيس ۽ 17 چونڊيل باڊي جي ميمبرن کان حلف ورتو ۽ کين مبارڪبادپيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سينئر صوبائي وزير چيو ته حيدرآباد جا صحافي مون کي وزير نه پر پنهنجو ويجهو عزيز سمجهن ٿا پيپلز پارٽي هميشه صحافين جي فلاح، بهبود ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو به صحافت جي آزادي کي هٿي ڏني. جڏهن ته آزاد صحافت پيپلز پارٽي جو ويزن رهيو آهي. آمريت جي دور ۾ پيپلز پارٽي آزاد صحافت لاءِ  ڪوششون جاري رکيون. ملڪ ۾ آمريت جي دور ۾ صحافين تي ظلم ٿيو ۽ صحافين جون گرفتاريون ٿيون

Leave a Reply