حسينه آزاد جتوئي 

بلوچستان ۾ واقع بزرگ شاهه نوراني جي درگاهه تي هر سال رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ميلو لڳندو آهي، جنهن کانپوءِ شاهه نوراني جا عقيدتمند عيد جي موقعي تي درگاهه تي حاضري ڀريندا آهن. هميشه وانگر هن عيد تي به ٺٽي سان تعلق رکندڙ زائرين درگاه تي حاضري ڀرڻ ۽ ميلي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته کين حادثو پيش آيو. ھن ڏکوئيندڙ حادثي ۾ زائرين سان ڀريل ٽرڪ کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب 17 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب ٺٽي کان درگاهه شاهه نوراني ويندڙ زائرين سان ڀريل ٽرڪ عيان پير ڀرسان کاهيءَ ۾ ڪِري، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زائرين جو واسطو ٺٽي جي علائقي مڪلي سان ھو. بلوچستان جي وڏي وزير جي هدايت تي 12 سخت زخمين کي سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين زخمين جو حب جي سول اسپتال ۾ علاج جاري آهي. 17 ڄڻن فوتين مان 12 ڄڻن جو تعلق ھڪڙي ئي خاندان سان ھو. متاثر خاندان ڏھاڙي تي پٿر ٽوڙڻ ۽ جبلن جي کوٽائي جو ڪم ڪندا هئا. اهي پورھيت جيڪي پٿر ٽوڙيندا هئا، سي عمارتن ۽ رستن جي اڏاوت ۾ استعمال ٿيندا آهن. متاثر خاندانن جي مالي حالت به سٺي ناهي. هي اهي غريب ماڻهو جن کي درگاه تائين پهچڻ لاءِ مناسب ٽرانسپورٽ به نه ھئي، تنهن ڪري اهي جنهن ھاف باڊي ٽرڪ تي پٿر ڀريندا هئا، ان ۾ ئي سوار ٿي مرشد جي مزار تي ويا پئي جو ھڪ موڙ ڪاٽيندي گاڏي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندي ھيٺ کاھيء ۾ وڃي ڪري. شاهه نوراني جي درگاهه خضدار ضلعي جي هڪ اڙانگي جبل واري علائقي ۾ آھي، جيڪا ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي تي خضدار شھر کان لڳ ڀڳ 270 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ مان زائرين جو وڏو تعداد ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي جو ئي استعمال ڪندو آهي. اسان سمجهون ٿا تہ ھن شاهراهه تي اڳي بہ حادثا پيش ايندا رھيا آھن، انھي ڪري بلوچستان حڪومت کي گھرجي تہ شاھہ نوراني جي پانڌيئڙن جي جاني تحفظ خاطر روڊ تي ڪراچي _حيدرآباد ھاءِ وي جيان بلبن جا ٿنڀا ۽ موڙ کان اڳواٽ ٽرئفڪ اشارن جا وڏا بورڊ لڳايا وڃن تہ جيئن گاڏيون ھلائيندڙ خبردار رهن.