.. قرارداد پاڪستان جي تاريخي جدوجهد
حسينه آزاد جتوئي
اڄ ملڪ جو قومي، تاريخي ۽ اھم ڏينهن، يوم قرارداد پاڪستان آھي. 23 مارچ، نه رڳو پاڪستان پر سڄي اسلامي دنيا جي تاريخ ۾ خاص اهميت رکندڙ آهي، هن ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن هڪ نظريي جي بنياد تي ڌار ملڪ جي قيام لاءِ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪندي پنهنجي هلچل جي شروعات ڪئي ۽ صرف ستن سالن جي عرصي ۾ بي مثال تحريڪ ۽ اڻ ڳڻين قربانين جي نتيجي ۾ پنهنجو پيارو ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو.23 مارچ 1940 ع تي لاهور جي منٽو پارڪ ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو
۽ 23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان جو پهريون آئين منظور ٿيو. 23 مارچ جي تاريخ جي اهميت کي نظر ۾ رکندي هر سال ان ڏينهن تي پاڪستان جو ڏهاڙو سرڪاري طور تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. 23 مارچ 1940 تي قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ منظور ڪيل پاڪستان جي ٺهراءَ پاڪستان جي هلچل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو هو جنهن سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ هڪ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو هو. 1940 واري ٺهراءَ جي تياري ۾ ان ڳالهه کي خاص ڪري ڌيان جو مرڪز بڻايو ويو هو ته ٺهراءَ ۾ ڪٿي به ڪائي گهٽتائي يا خامي نه رهجي وڃي جنهن جو فائدو دشمن کڻن، ان مقصد لاءِ ڪيترن ئي دانشورن ،عالمن ۽ قانوني ماهرن کي ٺهراءَ جي متن جي تياري ۾ شامل ڪيو ويو هو .آل انڊيا مسلم ليگ جي عام مجلس 22، 23 ۽ 24 مارچ 1940 تي آل انڊيا مسلم ليگ جوساليانو اجلاس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ تاريخي حيثيت رکندڙ لاهور جو ٺهراءُ پيش ٿيڻو هئو جيڪو بعد ۾ وڃي پاڪستان جي ٺهراءُ جي نالي سان مشهور ٿيو .21 مارچ 1940 تي قائداعظم محمد علي جناح فرنٽيئر ميل وسيلي لاهور ريلوي اسٽيشن پهتو جتي هن گڏ ٿيل ميڙ کي تاريخي خطاب ڪيو. قائداعظم هندن ۽ مسلمانن جي الڳ الڳ قوميتي وجود کي حقيقي فطرت قرار ڏيندي چيو هو ته ” هندن جي سمجهه ۾ ڇو نه ٿو اچي ته اسلام ۽ هندو ازم مذهب جا عام مفهوم ئي ناهن پر اهي واقعي ٻه الڳ ۽ مختلف اجتماعي نظام آهن ۽ اهو رڳو هڪ خواب ئي آهي ته هندو ۽ مسلمان ڪڏهن هڪ گڏيل قوم بڻجي
سگهندا. 23 مارچ 1940ع ۾ قائداعظم جي صدارت ۾ ٿيل ستيتاليهين اجلاس ۾ ’قرارداد لاهور‘ پيش ڪئي وئي، جيڪا بنگال جي وڏي وزير مولوي ابوالقاسم فضل الحق پيش ڪئي. 24 مارچ 1940ع تي ’قرارداد لاهور‘ جي عام جلسي ۾ منظوري ڏني وئي. سائين جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو، عبدالمجيد شيخ، خان اورنگزيب خان، سر عبدالله هارون، نواب اسماعيل خان، قاضي محمد عسيٰ، بيگم مولانا محمد علي جوهر، آءِ آءِ چندريگر، مولانا عبدالحامد بدايوني ۽ ٻين ان جي تائيد ڪئي. اها ئي قرارداد بعد ۾ ’قرارداد دهلي‘ سان شامل ٿي ’قرارداد پاڪستان‘ جي نالي سان مشهور ٿي. ننڍي کنڊ جي مسلمان قيادت ان پليٽ فارم تان قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت تي اعتماد ظاهر ڪندي نئين عزم ۽ جذبي سان آزادي جو سفر شروع ڪرڻ جو وچن ڪيو. ٺهراءَ کان اڳ ۽ منظوري کانپوءِ مسلمان هڪ نئين عزم ۽ حوصلي سان هڪ روشن صبح ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪرڻ وڃي رهيا هئا جنهن جي سربراهي تاريخ جو عظيم ترين ليڊر قائداعظم محمد علي جناح ڪري رهيو هو. هي قائداعظم محمد علي جناح جي سياسي بصيرت ۽ حالتن کي ڏسندي بهترين حڪمت عملي ۽ رب پاڪ جو فضل ۽ ڪرم هو جنهن مسلمانن لاءِ هڪ ئي وقت هڪ آزاد ، خودمختيار پاڪستان جهڙو ملڪ قائم ڪرڻ ۾ حقيقي ڪردار ادا ڪيو. اھوئي سبب آھي جو اڄ اسان جنھن آزاديءَ سان پنھنجن انساني حقن موجب زندگي گذاري رھيا آھيون، ان جو احساس ڪندي، ھن ڏينهن جي اھميت کي سمجھندي جدوجهد آزادي جي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.