سڄي ملڪ جيان ٺٽي ۾ به ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي 8هين فيبروري 2024ع تي ملڪ جي 12 هين عام چونڊ ٿي گذري آهي ۽ چونڊن جي آيل نتيجن موجب هڪ دفعو ٻيهر پ پ ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي اسميبلي جي تڪن تان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. جيتوڻيڪ ٺٽي جي صوبائي، خاص ڪري قومي اسيمبلي جي تڪن تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پ پ جي ڪاميابي ڪا نئين ڳالھ ناهي، ڇاڪاڻ جو سال 1970 کان ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن تي نظر ڊوڙائبي ته ضرور اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته سال 1970ع ۾ ٿيل عام چونڊن دوران ٺٽي جي قومي اسيمبلي تڪ اين ڊبليو 127 تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪاميابي بعد ساڳئي تڪ تان ننڍي چونڊ ۾ پ پ جي ئي مخدوم امين فهيم ته وري 1977ع جي عام چونڊن ۾ ٺٽي جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 181 تي پ پ جي محمد خان سومرو، سال 1985 واري عام چونڊ ۾ ٺٽي جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 182 ٺٽو تي آزاد اميدوار حاجي محمد عثمان جلباڻي ته وري 1988ع وارين عام چونڊ ۾ ٺٽي جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 182 تان پ پ جي ئي بابو غلام حسين ميمڻ، ساڳئي تڪ اين اي 182 تان سال 1990ع ۾ٿيل عام چونڊن ۾ پ پ جو بابو غلام حسين ميمڻ، سال 1993ع جي عام چونڊن ۾ ٺٽي جي ساڳئي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 182 تان پ پ جي بابو غلام حسين ميمڻ، سال 1997ع جي عام چونڊن ۾ ٺٽي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 182 بابو غلام حسين ميمڻ يعني 4 ڀيرا پ پ جي بابو غلام حسين ميمڻ لاڳيتي طور سندس سامهون چونڊ وڙهندڙ 2 ڀيرا عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پيلجو ته وري هڪ ڀيري ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي کان چونڊ کٽي ڪاميابي ماڻي ته وري سال 2002ع جي عام چونڊن ۾ ٺٽي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 237 تان مسلم ليگ (ق) جي سيد اياز شاھ شيرازي ته وري سال 2008ع جي عام چونڊن ۾ ٺٽي جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 237 تان پ پ جي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، جڏهن ته سال 2013 ۽ سال 2018ع جي عام چونڊن ۾ ٺٽي جي ئي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 237 تان پ پ ٺٽي جي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ جي والده شمس النساءِ ميمڻ، سال 2013ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ نواز جي ماروي ميمڻ ته وري سال 2018ع جي عام چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي رئيس ارسلان خان بروهي کي وڏي ليڊ سان 2 دفعا شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهنڪري 8 فيبروري سال 2024ع واري عام چونڊ کي ڏسجي ته هن ڀيري پڻ پ پ جي اميدوار سامهون مضبوط اميدوار جي چونڊ ميدان ۾ نه لهڻ ڪري پ پي جي اميدوار جي ئي ڪاميابي يقيني هئي پر هن ڀيري سال 2024ع واري چونڊن ۾ جيتوڻيڪ پ پ پاران ٺٽي جي ٻنهي صوبائي اسيمبلي تڪن تي پي ايس 75 ٺٽو هڪ تي سيد رياض شاھ شيرازي ته وري ٺٽي جي ٻئي صوبائي اسميبلي تڪ پي ايس 76 ٺٽو 2 تي حاجي علي حسن زرداري چونڊ وڙهي رهيا هئا، جيڪي پڻ اڳي به پ پ جي ٽڪيٽ تان سال 2018ع جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي چڪا هئا ۽ هن ڀيري پڻ سندن ڪاميابي يقيني هئي. ها البته ٺٽي جي قومي اسميبلي جي تڪ اين اي 225 ٺٽو تي پ پ پاران تبديل ڪيل نئين چهري اميدوار طور صادق علي ميمڻ ۽ ان جي سامهون پ پ کي ئي خير باد چئي پ پ جي اميدوار سامهون چونڊ وڙهندڙ رسول بخش جاکري جي عام چونڊن ۾ بيهڻ ڪري نه رڳو سندس پهرين انٽري هئي پر مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت ڪري پ پ سامهون چونڊ فارم جي بحالي کان وٺي چونڊ واري ڏينهن تائين جيڪڏهن ضلعي اندر گھڻي چونڊ مهم جي حوالي سان ڪا سرگرمي رهي ته وڏيري رسول بخش جاکري جي پ پ جي اميدوارن جي بنسبت گھڻي سرگرمي هئي ۽ ان جي ئي گھڻي چونڊ مهم سرگرمين جي ڪري اهو پڻ ضرور ٿيو ته جتي پ پ جي اميدوارن پاران اهو چيو پئي ويو ته سندن سامهون ڪائي چونڊ ناهي پر مسلم ليگ (ن) جي اميدوار رسول بخش جاکري جي چونڊ مهم ۾ تيزي آڻڻ ڪري خود پ پ جي ئي اميدوارن پاران سڏايل ڪارنر گڏجاڻين توڙي جلسن ۾ اهو چيو ويو ته مخالف کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي. پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو وڃي.هئي پر مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت ڪري پ پ سامهون چونڊ فارم جي بحالي کان وٺي چونڊ واري ڏينهن تائين جيڪڏهن ضلعي اندر گھڻي چونڊ مهم جي حوالي سان ڪا سرگرمي رهي ته وڏيري رسول بخش جاکري جي پ پ جي اميدوارن جي بنسبت گھڻي سرگرمي هئي ۽ ان جي ئي گھڻي چونڊ مهم سرگرمين جي ڪري اهو پڻ ضرور ٿيو ته جتي پ پ جي اميدوارن پاران اهو چيو پئي ويو ته سندن سامهون ڪائي چونڊ ناهي پر مسلم ليگ (ن) جي اميدوار رسول بخش جاکري جي چونڊ مهم ۾ تيزي آڻڻ ڪري خود پ پ جي ئي اميدوارن پاران سڏايل ڪارنر گڏجاڻين توڙي جلسن ۾ اهو چيو ويو ته مخالف کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي. چونڊ ڏهاڙي جي پولنگ تائين به پولنگن تي ووٽرن کي وڌ ۾ وڌ ۾ آڻي پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو وڃي.ڏٺو وڃي ته ٺٽي ۾ سال 2018ع وارين چونڊن بعد ضلعي اندر مخالف ڌر نه هجڻ ڪري ٺٽي جي ووٽرن جي گھٽ ٻڌي ويندي هئي ۽ مخالف ڌر نه هجڻ ڪري هڪ ئي پارٽي جي اميدوارن سبب ٺٽي جي ماڻهن جي ايتري ڪا نه ٻڌي ويندي هئي. سياسي ساڃھ رکندڙن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري پ پ کي خير باد چئي پ پ سامهون چونڊ وڙهندڙ وڏيري رسول بخش جاکري جي پهرين ڀيري چونڊن ۾ بيهڻ ۽ آخر تائين چونڊ مهم هلائي ضلعي جي ووٽرن کي پاڻ طرف راغب ڪري آيل چونڊ نتيجن موجب 28 هزار 899 ووٽ کڻي پ پ سامهون اڳوڻن چونڊ وڙهندڙ اميدوارن کان وڌيڪ ووٽ کڻڻ خود پ پ لاءِ به ايندڙ چونڊن ۾ ڏکيائين پيدا ڪرڻ جو گھنڊ وڄائي ڏيکاريو آهي. هونئن به ٺٽي جي سياسي ساڃھ رکندڙن جو چوڻ آهي ته پ پ جا سخت حريف شيرازي ڀائر رهيا آهن پر 2018ع ۾ شيرازي ڀائرن جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ بعد ٺٽي ۾ ڄڻ پ پ لاءِ چونڊ ميدان آسان بڻيل رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو جڏهن به عام چونڊ ٿيندي آهي ته پ پ شيرزاي ڀائرن کي سجاول ضلعي جي هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي اسميبلي جي سيٽ ڏيڻ سان گڏ ٺٽي جي هڪ صوبائي سيٽ سميت ٻنهي ضلعن مان 3 سيٽون ڏئي بنان ڪنهن سخت چونڊ مقابلي جي چونڊ کٽي رهي آهي. سياسي ساڃاھ رکندڙن جو اهو به چوڻ آهي ته پ پ ۾ شيرازي ڀائرن جي هجڻ ڪري ٺٽي جو عوام ڄڻ ويچارو بڻيل آهي. اهو ئي سبب آهي ته وڏيري رسول بخش جاکري جي نه رڳو پ پ کي خير باد ڪيو پر هن پ پ جي ئي اميدوار سامهون نامزدگي فارم ڀري قومي اسميبلي جي تڪ تي چونڊ مهم جي آخري ڏهاڙي تائين ڪيترن ئي سياسي اثر رسوخ رکندڙن جي سخت سياسي ڌٻاءُ باوجود ميدان ۾ بيهي ڏيکاريو آهي ۽ ان جي بنياد تي ئي پهريون ڀيرو چونڊن ۾ کيس پ پ جي ڪنهن مخالف اميدوار کان وڌيڪ ٺٽي جي ماڻهن پاران ووٽ مليا آهن. سياسي ساڃھ رکندڙن پاران اهو به تاثر عام آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي اميدوار رسول بخش جاکرو پنهنجي ووٽرن جي مالڪي ڪئي ۽ انهن سان هر حال ۾ گڏ رهيو ته قوي امڪان آهن ته ايندڙ عام چونڊ ۾ هو پ پ اميدوارن کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن هو سال 2024ع جي چونڊ تائين محدود رهيو يا ٻيهر پ پ ۾ ويو ته پوءِ اڳتي ووٽرن جو ڪڏهن به مٿس توڙي ڪنهن ٻئي پ پ مخالف اميدوار تي اعتماد نه رهندو، جنهنڪري ووٽرن جي اعتماد کي بحال رکڻ لاءِ ضروري آهي ته وڏيري رسول بخش جاکري کي پنهنجي ووٽرن سان هر حال ۾ گڏ رهي قائم ڪيل سياسي ساک کي برقرار رکڻو پوندو.
- Post published:15 February 2024