ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي ستيتاليهين صدر جي حيثيت سان ٻئي مدي جي لاءِ ساک کڻي ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي ستيتاليهين صدر جي حيثيت سان ٻئي مدي جي لاءِ ساک کڻي ڇڏي. ساک کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي گهرواري ميلانيا ٽرمپ سان ڪيپيٽل هل پهتو، ساڻس گڏ صدر جو بائيڊن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ ٻئي مدي جي لاءِ آمريڪا جي ستيتاليهين صدر جي حيثيت سان ساک کنئي. آمريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس صدر ٽرمپ کان قسم کڻايو. آمريڪي صدر کي قسم کڻائڻ کانپوءِ کيس توپن جي سلامي به ڏني وئي. ڊونلڊ ٽرمپ کان اڳ نئين چونڊيل آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس قسم کنيو. آمريڪي صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب واشنگٽن جي يوس ايس ڪيپيٽل روٽونڊا ۾ ٿي. تقريب ۾ ٽن اڳوڻي صدرن براڪ اوباما، جارج ڊبليو بش ۽ بل ڪلنٽن به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ، اميزون جو چيئرمين جيف بيزوس ۽ گوگل جو سربراهه سندر پچائي به موجود هئا. قسم کڻڻ کان ڊونلڊ ٽرمپ گهرواري سان گڏ چرچ جي دعا واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ساڻس گڏ نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ان جي زال اوشا وينس به موجود هئا.

Leave a Reply