ڪارنھن جي نالي تي قتل آخر ڪيسيتائين هلندو؟
حسينه آزاد جتوئي
ڪالھہ شهدادڪوٽ شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نورجهان ڪالوني ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ نذير ڀٽي نالي ھمراھ پنهنجي 28 ورھين جي زال فضا ڀٽي ۽ 30 ورھين جي نوجوان سھراب عمراڻي کي پنهنجي ئي گهر ۾ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي ۽ واقعي کان پوء قاتل فرار ٿي ويو آھي. اڃا ٿورا ڏينهن اڳ ھڪڙو ھانء ڏاريندڙ واقعو پنجاب جي علائقي ٽوبا ٽيڪ سنگھ ۾ پيش آيو ھو جتي سڳي ڀاءُ ڪارنھن جي شڪ ۾ ماءُ پيءُ آڏو پنھنجي ڀيڻ کي گھٽا ڏئي ماري ڇڏيو. ھن طرح جا واقعا اسان جي معاشري لاءِ انتھائي خراب ماحول پيدا ڪري رھيا آھن. سنڌ ۾ عورت جو احترام، ظلم خلاف عورت جي مزاحمت ۽ عورتن خلاف جبر جا واقعا سوين سال پراڻي تاريخ ۾ به موجود آهن پر سنڌي سماج ڪڏهن به مجموعي طور عورت جي تقدس جي خلاف نه رهيو آهي. هلندڙ سال ۾ ڪارنھن جي الزام ۾، ڪارو ڪاري، سياه ڪاري يا غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ اخبار ۾ انهن جي تمام گهڻي تشهير ڪئي ويئي آهي. گھڻو ڪري رپورٽنگ نه ته انهيءَ جي ترجماني ڪري سگهندي آهي ۽ نه ئي انهيءَ جا سبب ٻڌايا ويندا آهن. جيڪڏهن انهيءَ رسم جو کاڄ بڻيل مرد ۽ عورت جو تعلق شهر جي ڪنهن اعلي طبقي سان هوندو آهي ته انهيءَ جي تشهير سان گڏوگڏ مرچ مصالحه لڳائي فحش طريقي سان پيش ڪيو ويندو آهي. پر جيڪڏهن انهيءَ واقعي جو تعلق ڪنهن گمنام ڳوٺ يا علائقي سان هوندو آهي ته انهيءَ جرم جي باري ۾ صرف ٻن انچن جي رپورٽ شايع ٿيندي آهي. ٻنهي صورتن بيان ڪرڻ جو طريقو حقيقت کان ايترو ته پري هوندو آهي جو ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهڙن واقعن جو اسان جي زندگيءَ سان ڪو تعلق آهي ئي ڪونه. افسوس جو سنڌ ۾ نياڻيون غير محفوظ ۽ بنيادي حقن کان محروم آھن، ڪارنھن جي ڪڌي رسم توڙي مدي خارج ريتن رسمن سبب نياڻين کي مختلف طريقن سان ايذائڻ وارو سلسلو ھن جديد دور ۾ به جاري آھي، نياڻين کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ، ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ وارن واقعن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو ٿي ويو آھي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنھنجي غفلت واري ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ لاءِ تيار ناھن. هاڻي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ به نياڻيون محفوظ نه آهن. تعليمي ادارن مان به نياڻين جا لاش ملڻ معمول بڻجي ويو آھي. رياست خاموش تماشائي بڻيل آھي نتيجي ۾ نياڻيون پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيون آھن. ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم ۾ بيگناهه مرد ۽ عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو شرعي طور بہ جائز ناهي. ملڪيت تان ذاتي جهيڙي ۽ ٻين سببن جي ڪري ٿيندڙ قتلن کي غيرت جو نالو ڏنو ٿو وڃي جيڪو سراسر غلط آهي. اهڙا قتل جهالت آهي ۽ دين اسلام جي حڪمن جي خلاف ورزي پڻ آهي، اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ سرڪار کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم ۾ بيگناهه مرد ۽ عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو جيڪو شرعي طور تي جائز ناهي. حڪومت ان تي ڪنٽرول ڪري. سنڌ مان ڪارو ڪاري جي خاتمي لاءِ اسان سڀني مڪتب جي علماءِ ڪرام ۽ عوام کي ساڻ ڪري جدوجهد ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام ۾ سڄاڳي ٿئي ڪارو ڪاري رسم تحت قتل ٻين سببن جي ڪري ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ ملڪيت جو تڪرار ذاتي جهيڙو ۽ ٻيا مسئلا شامل آهن پر ان کي غيرت جو نالو ڏنو وڃي ٿو جيڪو سراسر غلط آهي. اسلام ڪنهن کي به قتل ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. ڪارو ڪاري تحت ٿيندڙ قتل جهالت آهي ۽ دين اسلام جي حڪمن جي خلاف ورزي پڻ آهي. اهڙي غير قانوني عمل کي روڪڻ لاءِ سرڪار کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. هر سال سنڌ اندر سوين عورتن ۽ مردن کي بيگناهه ڪارنهن الزام تحت قتل ڪيو وڃي ٿو اهڙو قتل عام روڪڻ گهرجي. اسان وٽ اصل ڳالهه قانون جي ڪمزوري آهي. پوليس، وڏيري بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت، جنهن سبب قتل ڪندڙ کي رعايت ملي وڃي ٿي، کيس خبر آهي ته غيرت جي نالي تي ماءُ، ڀيڻ، زال کي قتل ڪرڻ عيوض ڦاهي ڪانه ملندي، راڄ وارا، وڏيرا، چڱا مڙس وچ ۾ پوندا، جرڳو ٿيندو، چٽي ڀري ڏبي. هڪ عورت جي قتل عيوض ٻه ٻه ٽي ٽي نياڻيون به ڏنيون وڃن ٿيون. اسان سمجهون ٿا تہ ھن موضوع ٽي ھر شھر ۾ سيمينار ۽ ليڪچر پروگرام ٿيڻ گھرجن جنھن سان ماڻھن ۾ آگاھي اچي ٿي.