ڪي ايم سي هڪ رپيو به گڏ ڪندي ته اهو ڪراچي شهر جي ڪم ايندو : مرتضيٰ    وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي هڪ رپيو به گڏ ڪندي ته اهو ڪراچي شهر جي ڪم ايندو، هن وقت هو ڪي ايم سي جي وڏي تاريخي عمارت ڊينسو هال ۾ موجود آهن، هيءَ عمارت 1886ع ۾ ٺهي هئي، هو ميڊيا ذريعي ڪجهه فيصلن بابت آگاهي ڏيڻ چاهن ٿا، وسيم اختر جي گذريل سال ڪي ايم سي جي آمدني هڪ ڏهائي 2 ارب هئي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جي مالي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، 2023ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 580 ملين ڪي ايم سي جي آمدني ٿي. سندس چوڻ هو ته هو پنجن مهينن ۾ ڪي ايم سي جي روينيو هڪ ارب رپين تائين پهچي وئي، ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي جو ميئر ۽ پيپلز پارٽي جي انتظاميه ڪم ڪري رهي آهي، فريئر هال 1865ع ۾ عوام لاءِ کوليو ويو، سندن وٽ 1886ع جي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي تاريخي عمارت آهي، ڪي ايم سي شهرين جي تاريخي ورثي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي،پاڪستان ۾ عجائب گھر ۽ گيلريون آهن. هن چيو ته هو ڪراچي ميٽروپوليٽن ميوزيم 1886ع جي ڊينسو هال جي عمارت ۾ ٺاهيندا، ميوزيم جي تعمير جو معاهدو گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪي ايم سي ۾ منظور ڪيو ويو آهي، هن عمارت تي قبضو ڪيو آهي، ميوزيم 23 مارچ کان اڳ عوام لاءِ کوليو ويندو. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ماضي ۾ زمين جي رجسٽريشن جو نظام جوڙيو ويو هو، ڪراچيءَ ۾ پهريون ڄم جو سرٽفڪيٽ ڪڏهن ٺهيو ان جا تفصيل به موجود آهن، هنن موت جي سرٽيفڪيٽ جو رجسٽر پڻ ڪڍيو آهي