فاضل راهو شھيد ۽ سنڌ جو هاري سوال: ڊاڪٽر ذوالفقار علي راهوجو
شهيد فاضل راهو، جنهن کي سندس گهر وارا” ناٿو” سڏيندا هئا. تنهن جي پيدائش 1934ڌاري راهوڪي ڳوٺڙي، گولاڙچي, ضلعي بدين، سنڌ جي هڪ ننڍي زميندار گهراڻي ۾ ٿي ۔ سندس ابتدائي تعليم پرائمري سطح جي ته ٿي پر کيس سندس شعور پنهنجي ئي گهراڻي ۽ بعد ۾ سياسي تحريڪ، جيڪا مقامي صورت ۾ موجود هئي مليو ۔ بعد ۾ سنڌي عوامي تحريڪ جي مکيه ۽ بنيادي اڳواڻي ۽ رسول بخش پليجي جهڙي مارڪسسٽ، سماجواي ليڊر ۽ انقلابي رهنما سان لڳاتار سياسي جڙت ۽ جدوجهد هلندي وڌيڪ پروان چڙھي۔ ائين هو عوام ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ، ظلم بند ڪيو تحريڪ، هارين جي حقن واسطي جدوجهد، نيلام بند ڪريو تحريڪ،سنڌي ۾ لسٽيون ڇپيو تحريڪ، آمريتن ۽ ضيائي مارشلا خلاف جدوجهد۽ مسلسل تحريڪ ،آيم آر ڊي/ جهموريت جي تحريڪ ۾ جيل ڀريو تحريڪ ۽ ائين ملڪي ڪينواس تي عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي نائب صدر ۽ ولي خان جي گرفتاري ڪري قائم مقام صدر, سنڌ ۾ مزدورن جي تنظيمن, سنڌي مزدور تحريڪ، عورتن ۽ نوجوانن جي تنظيمن، سنڌياڻي تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ کي مضبوط ڪندي پروان چڙھيو ۔ شھيد فاضل راهو ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو ۔ کيس سکر سينٽرل جيل ۾ زهريلي ڪيپسول وسيلي مارڻ جي پوري سازش ٿي ۽ وري کيس علاج ڏيڻ جي بدلي هڪ جيل مان ڪڍي ٻئي جيل کڻي پئي ويا ته جيئين سندس زندگي جو اجالو وسائي ڇڏجي۔پر هو ان بچي ويو ۔ پر وري ٻيهر فاضل راهو جي شھادت پوري سازش ۽ رٿابندي وسيلي ان ڏينهن تي ڪئي ويئي جڏهن 17 جنوري1987ع تي ايم سيد جي سالگره جو ڏينهن هيو۔فاضل جي شھادت يا فاضل کي جسماني طرح سنڌ جي عوامي تحريڪ خاص طرح ‘هاري تحريڪ’ کان جدا ڪرڻ جو هي انداز برصغير جي مختلف رهنمائن عبدالاصمد اچڪزئي، مهاتما گانڌي جي ۽ ٻين کوڙ سارن اڳواڻن کان الڳ نه آھي، جتي رياست جو مٿيون استحصالي ڍانچو ۽ ڦورو حڪمران طبقا، روايتن ، عقيدن ،خوابن ، ذاتي دشمني ۽ پراڻن ڏند ڪٿائي ۽ نسلي قدرن ۽ عورت دشمن ويچارن جو ورد ڪري استعمال ڪن ٿا ۔ جن ڏينهن ۾ فاضل راهو جي شھادت ٿي، انهن ڏينهن کان ٿورو ڪجه مهينا اڳ، عوامي نيشنل پارٽي جي قائم مقام صدر جي حيثيت ۾ کيس افغانستان وڃڻ کان روڪيو ويو، بعد ۾ ھڪ ٻئي, رسول بخش پليجي کي ڪنهن اهم اطلاع جي مليل ڄاڻ جي خطري تي، هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي اها ڳاله ظاهر ڪري وڌي ته شهيد فاضل راهو جي قتل ٿيڻ جو خدشو آھي ۔ پر ٿيو اهو ئي جيڪو رياستي حڪمران طبقن ، سنڌ جي پورهيت انقلابي اڳواڻ جي خلاف کين ڪرڻو هيو. يعني 17 جنوري 1987 تي ڪن مقتدره ڌرين ۽ مقامي غدار وڏيرا شاهي جي هڪ گڏيل سازش ۽ رٿابندي تحت، ڪيل چرچ ۽ قبيلائي جهالت جي نالي ۾، قاتل کيس هڪ زهر ڀريل ڪهاڙي جي ڌارا جو ڌڪ هڻي شهيد ڪري وڌو ۔ اها خبر سنڌ ته ڇا پوري برصغير ۾ هڪ اهم هاري اڳواڻ جي قتل طور نشر ٿي ۔ ۽ سڄي سنڌ ان جي ڏک ۾ بند به ٿي ۽ زارو وقطار به رني شهيد فاضل راهو جي شھادت جااصل سبب ڪهڙا آھن، سندس شهادت پويان مقتدره قوتون ڪير آھن ۽ سندن طبقاتي ڌارا ڇا آھي ، بظاهر محرڪ ۽ پويان اصل محرڪ ڪير آھن ;اهو سوال ڳولڻ ايڏو ڏکيو نه آھي ۔ اهو سوال شهيد فاضل راهو جي پارٽي ، سندس گهر ڀاتين ۽ سمورن ٻين لاء اهم آھي ته اهو چٽي طرح سمجهيل هجي ته سندس قتل پٺيا ن ڪير آھي۔ اهو سوال صرف ڪنهن پراڻي بدلي يا ڪنهن حادثي جي مقابلي ۾، ان ضلعي جي اندر ڪاموراشاهي ،پوليس ادارن ۽ مقامي جاگيردارشاهي ، هاري دشمن نظام ،بدين “ تيل جي ٽيڪساس يونين جي تيل جي اجاراداري ۽ ملڪي۽ ٻاهرين دنيا جي ليول تي حڪمران قوتن جي ڪنهن تاڃيپيٽي کان سواء ڪينئن ممڪن آھي ۔ڪيترائي هڪ ٻئي جا سهولتڪار۽ مددي ٿين ٿا ۔ اسين اهڙين ٿيندڙ شھادتن جن ۾ بي نظير ڀٽو ، مرتضي ڀٽو ،انور لغاري ڊاڪٽر، ۽ ٻين کوڙ سارن واقعن ۾ ڪنهن منظم ڄار کي ڪيئين ٿا نظر انداز ڪري سگهون ۔ توڻي جو موجوده بيٺڪي عدالتي نظام جيڪو هندستان توڻي ٻين ملڪن جو، هاڻ تائين به نظام اهڙو آھي. جو شھادت ماڻيندڙجا, اصل مقتدره قوتن جا پيچرا لڀن ئي نه ٿا . يا اهي عدالت جي پڪڙ ۽ سزا کان بچي وڃن ٿا ۔ ساڳي ئي صورتحال شھيد فاضل راهو جي شھادت سان لاڳاپيل آھي ۽ ان کي، سندس ئي نظريي واري قيادت کي ، سياسي تنظيم ۽ سموري پورهيت اتحاد کي ڪنهن به فرق کان سواء سنڀالڻ جي ضرورت آھي
ڳاله ڪنهن هڪ سامهون آيل مھري جي ناهي پر اصل ان سلسلي جي آھي. جيڪو پويان موجود آھي ۽ 34 سال گزرڻ باوجود اها پوري ڪڙي يا زنجير ظاهر ناهي ٿي۔ شهيد فاضل راهو ، بنيادي طرح هڪ هاري رهنما جي طور تي اڀريو ۔ هو عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري جي, سينيئر ناب صدر ، سنڌي هاري تحريڪ جي صدر، ايم آرڊي جي جوانٽ سيڪريٽري 1982ع ،آزادي صحافت ۽ سينسر شپ جي فرنٽ لائين اڳواڻ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي نائب صدر طور،، ملڪي ليول جو هڪ مزاحمتي جهموري ۽ هاري مزور پورهيت اڳواڻ ٿي اڀريو ۔ هن جي سياسي شروعات 1962 ۾ يونين ڪائونسل ترائي جي ميمبر ۽ 1965ع ۾ ان جي چيئرمين، سنڌي ۾ ووٽر لسٽيون ڇپيو جي تحريڪ 1969ع جو مهندار ۽ پهلڪاري ڪندڙ ۽ حفيظ قريشي سينيئر کان پوء سنڌي عوامي تحريڪ جي ڪنويشن ۾ 1970ع ۾ صدر جي حيثيت ۽ ، سندس اڪيلي، گڏيل ۽ عوامي تحريڪ، ايم آر ڊي ، عوامي نيشل پارٽي ۽ اينٽي ونيونٽ فرنٽ1968،نيلام بند ڪريو تحريڪ،مارچ 1970،ظلم بندڪريو تحريڪ 1970،سنڌي هاري ڪميٽي 1974،ايم آ ر ڊي جيل ڀريو تحريڪ،۽ مزدور ساٿين ۽ سنڌ جي ماين جي جدجهد ; منظم ڪرڻ ۾ وڏو هٿ آھي ۔ شھيد فاضل راهو جي قدآوار شخصيت (هڪڙو ماڻھو لک ٿئي ٿو، جي ھو سچ چوي ٿو- اياز ) پنهنجي جڳه تي پر سندس ساٿ ، هڪ انقلابي تنظيم ۽ رسول بخش پليجي جهڙي ۽ ٻين سخت جان نظرياتي سياسي ليڊر شپ جي گڏيل ساٿين ۽ سنڌي عوامي تحريڪ جي تڏهن جي تنظيم ،مرڪزي جهموريت ۽ نظرياتي پختگي ۽ گڏيل جدوجهدن ئي کيس وڌيڪ بلند پايي تي پهچايو
شهيد فاضل راهو ڪيترا سال قيد ۾ رهيو جنهن۾ حڪومت کيس ،مچ جيل بلوچستان، لانڍي جيل، سکر سينٽر جيل، ڪراچي سينٽر جيل، حيدراباد نارا جيل ، خيرپور ڊسٽرڪٽ جيل ۽ ڊسٽرڪٽ بدين جيل ۾ رهيو ۔ سندس جيل جو رڪارڊ، نيلسن منڊيلا وانگر شاندار ۽ همت وارو آھي ۔ هو ڪڏهن به ٿڪوئي نه. ٿڪيائين ٿر ٿيله چڪيائين چڙھ چوٽئين وانگر شاه جو هڪ ڪردار هيو شھيد فاضل راهو پنهنجي خاندان کي به سياسي ڌارا ۾ شامل ڪيو ۔ اها سندس ئي تعليم هئي، جو سندس پٽ ،ڀائر ڀينرون ،ڌيئرون ۽ زال به ان انقلابي تحريڪ جون ساٿ ڏنائون ۔ڪي جيل ويا ۽ ڪن گرفتياريون ڏنيون ۔ اڄ سندس موجود گهر وارا به ان جي ان تربيت مان سياسي فائدو وٺن ٿا ۔ توڻي جو هو سندس مزاحمتي پورهيت گڻ نه ٿا رکن پر پوء به اهي لبرل جهموريت جي نالي ۾ فائدو وٺن ٿا ۽ سنڌ ۾ پاور پوليٽڪس ۾ حصي دار آھن شھيد فاضل راهو ۽ اڄ جي حالتن ۾ سنڌ جو هاري سوال
سنڌ جو هاري سوال اڄ جي حالتن ۾ ايڏو ئي اهم آھي. جيڏو شهيد فاضل جي دور ۾ هيو ۔ پراصل ۾ اهو پاڪستان جي ٺھڻ جي وقت ئي تڏهن جي سنڌ هاري ڪميٽي هاري حقدار تحريڪ۽ پوء حيدر بخش جتوئي جي وفات 1970 ۽ بعد ۾ سنڌي هاري تحريڪ فاضل راهو جي شھادت کان وء متاثر ٿي. هاري تحريڪ توڻي جو تڏهن ۽ هاڻ به عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هوندي ۽ سنڌ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ، ڄام ساقي, سنڌ هاري ڪميٽي ،۽ ٻين ڀنڊار هاري سنگت يا جبري مزدور يا هاري اقليتي پورهييت سان گڏيل آھي ۔پر اها ايتري وڌيل ناهي جيتري اسان کي پاسي واري ملڪ ۾ ملي ٿي۔ سنڌ هاري ڪميٽي ۽ هاري حقدار تحريڪ جي تڏهن جي ڪجه شاندار جدوجهدن، ٽينسي ايڪٽ ۽ ٻين جدوجهدن جي باوجود اها حيدر بخش جتوئي جي وفات کان پوء ۽ تڏهن جي قاضي فيض محمد ۽ ڪامريڊ عبدلاقادر انڍڙ ۽ ڪامريڊ مير محمد لغاري جي وڇوڙي کانىپوء اهو جاه و جلال پورو طرح نه رکي سگهي آھي ۔ اهو ساڳيو الميو فاضل راهو جي شھادت کان پوء ”سنڌي هاري تحريڪ ” سان به پيش آيو آھي ۔ ائين ناهي ته ڪو سنڌي هاريين جي هاري ليڊر شپ ۽ سندس ماء -مڌر پارٽيون ڪو ان کي بهتر ڪرڻ جي ۽ پورهيت هاري سوال کي اڳتي کڻڻ جو ڪوشش نه ٿيون ڪن ۔ اهي عام عوام ۾ ڪم ته ڪن ٿيون. پر 21 صدي جي دور ۾ هاري سوال کي نيو لبرل جهموريت ۽ نيو لبرل معاشي نظام جي پس منظر ۾ ان کي ڪيئين کڻجي وارو سوال انتهائي اهم آھي ۔
سنڌ ۾ ته شهري منافي خوري جي ڪاروباري انداز ۽ ريئل اسٽيٽ جي نالي ۾ ۽ سڪيورٽي رسڪ جي نالي ۾ سنڌ جي اندر هاري،آبادگار ،ننڍا وڏا زمينن جا مالڪ ، ڪراچي جي ارد گرد ملير ، ٺٽو ،بدين، ڪوهستاني پٽ، سپر هاء وي، ڪوٽڙي حيدارباد، ڪاڇو ۽ دادو جا جابلو علائقا ۽ پٽ ۽ اتي موجود لکين هاري ،ڳوٺاڻا ۽ عام عوام، بحريه فائونڊيشن, ذوالفقار آباد ۽ ڊ فيس هائونسنگ اٿارٽي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾، هارين جي بي دخل ٿيڻ جو عمل ۽ سرمائيدار معاشي جارحيت ۽ ڦرلٽ سبب قدرتي وسيلن جي ماحولي گدلاڻ ۽ فطرت جي قدرتي ذريعن سان منافعي جي نالي ۾ زيادتي ۾ ڦاٿل آھي .هاڻ ڌرتي, هارين ۽ اصل ڌڻين کان کسڪي رهي آھي ۔ دراصل اهو سوال هاري سوال جي نالي ۾ نج، طبقاتي لازمي طرح ناهي هوندو. پر ويٽنام جي لي دوئان جي بقول هاري سوال ۽ مائوزي تنگ جي نالي ۾ ۽ لکڻين ۾ , قومي سوال به آھي ۔ اسان جڏهن قومي طرح غلام قومن ۾ ،جڏهن قومي آزادي جي سوال جي ڇيد ڪريون ٿاتڏهن اسان کي سمجه ۾ اچي ٿو ته بنيادي طرح زرعي معاشرتي سماجن ۾ قومي غلامي، هارين ۽ آبادڪارين کي متاثر ٿي ڪري ۽ سندن زمينن ۽ ملڪيتن کي ڳڙڪائي ٿي ۔ سنڌ ۾ ھاري سوال کي نئين طريقي سان زرعي سڌارن توڻي هاري مزاحمت جي نالي ۾ سوچي سمجهي قدم کڻڻو آھي ۔ سنڌ ۾ هاري سوال کي باوقار، دلير قيادتن، هاري سوال کي مکيه ۽ علمي طرح مارڪسٽ پورهيت تحريڪ جي روشني ۾ جيستائين نه ٿو کڻجي ۽ جيستائين هاري ليڊرشپ سنڌ توڻي پوري ملڪ جي جاگيرداري ،ملڪ شاهي، وڏيرا شاهي جي نالي ۾ موجود زرعي بٽئي نظام، مقاطعي جو نظام, ليز يا ٺيڪي تي زمين ڏيڻ يا وٺڻ ۽ ان ناتي سان وڏيرن جي سياسي طاقت ۽ ووٽ جي ڍانچي کي ۽ ائين اقتدار ماڻڻ واري مانڊاڻ ۽ غدارين کي چيلينج نه ٿي ڪري، تيستائين هاري تحريڪ حيدربخش جتوئي جي وفات۽فاضل راهو جي شھادت کان پوء به اھو سوال موجود رهندو ۔
سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جا ڪچي جي علائقي کان پڪي تائين ۽ ڪشمور کان ڪيٽي بندر ڪراچي تائين وڏيرڪي ،سرداري، زمينداري موجوده زرعي نظام جي نالي ۾ ھو ووٽ به وٺن ٿا ۽ سياسي طاقت به استعمال ڪن ٿا۔ هو ان تعلق کي برادري ۽ بٽئي جي سرشتي جي نالي ۾ ماڻھن کي ذاتين، قبيلن ۽ نسلن جي نالي ۾ ووٽ به وٺن ٿا ۽ سياسي اقتدار ماڻي وري زمينون وٺن ٿا ۔ انھن حالتن ۾ ھاري جي معاشي حالت بدلجي ئي نه ٿي ۔ اڄ جي سخت ڏکين حالتن ۾ سڀ کان اهم سوال سنڌ جي مکيه آبادي هاري ،ڳوٺ جاماڻھو، سرڙيا هاري، آبادگار، سڀ گڏجي ان سوال کي هاري آباگار تحريڪ جي صورت ڏين ۔ هاري تحريڪ جي نالي ۾ ڪم ڪندڙ سمورا فورم ۽ تنظيمون پاڻ ۾ هاري الائينس-محاذ جوڙين ۔ هڪ ٻئي جي پروگرامن ۾، جدوجهدن ۾ ۽ هڪ ٻئي جي سياسي تربيتي ڪلاسن ۾ وڃين ۽ جاگيداري ،آپيشاهي ۽ وڏيرڪي نظام جي اصل جڙ کي کولي نروار ڪري ،سياسي پاور کي، مقامي تنظيم ،جدوجهد ۽ مزاحمت وسيلي چيلينج ڪن.