هي نظام آ خراب، انقلاب!
رام اوڏ
ڪجهه سوال آهن: لکين انسان بکايل ڇو آهن؟ معاشي طور غريب ۽ سماجي طور ڌڪاريل ڇو آهن؟ هاري پورهيت آپگهات ڇو ٿا ڪن؟ پورهيت عوام کي صرف ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪيئن ٿو استعمال ڪيو وڃي؟ بورجوا طبقو ڪيئن پورهيت جو معاشي استحصال ڪري ٿو؟ هن سماج ۾ ڪرپٽ اشرافيه کي ڪنهن ۽ ڪيئن معتبر بڻايو آهي؟ هي ‘خاص مشير’ ۽ ‘اسپيشل اسسٽنٽ’ عوام جي حقن تي ڪيئن سمجهوتو ڪن ٿا، ۽ کين غلام بڻائين ٿا؟ حڪمران طبقي جا سهولتڪار پورهيت پرت جو ڪيئن ٿا دوست ٿي سگهن؟ هي خصوصي ايڊوائيزر ڪنهن جا گولا ۽ غلام آهن؟ حقيقت هي آهي ته ڪرپٽ, نااهل ۽ بدنيت حڪمران ٽولي جي مسلط هئڻ سبب سنڌ ۾ سماجي ۽ معاشي حالتون ابتر ٿينديون وڃن: ڪيئي ماڻهو بي گهر ۽ خانه بدوش آهن. عوام بک ۽ بيمارين ۾ زندگي جو گاڏو ڌڪي ٿو. سماجي ناانصافي ۽ تشدد وڌي پيو. نشه آور ڊرگس جي استعمال ۽ آپگهات جي عمل ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. بيروزگاري ۽ مهانگائي وڌي رهي آهي. پنڻ ۽ جسم فروشي جا عمل وڌي رهيا آهن. انسان غير انساني زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور آهي.
هڪ ڳالهه طئه آ ته فيوڊل-سرمايه دار ذهن پورهيت مخالف هوندا آهن. اصل قوتن جي منشور تي ڪم ڪندڙ پارٽيون عوام جي نالي عوام مخالف رجحانن تي سياست ڪنديون رهيون آهن. اهڙن فردن جي هٿ ۾ اقتدار هجڻ حقيقت ۾ انساني مستقبل جي تنزلي ۽ تباهي آهي. هي اصل ۾ قبائليت ۽ لاقانونيت جا حامي هوندا آهن. انهن جي منشور ۾ اهليت دشمني ۽ ڪرپشن کانسواءِ رجعتي ۽ دقيانوسي رجحان به موجود هوندا آهن. هي روشني- مخالف آهن: انساني آئيندي کي انڌيري طرف ڌڪڻ مجاورن جي سياست جو مقصد آهي. هي رياست اندر پنهنجي رياست اڏيو ويٺا آهن، جتي انهن جي اشاري کانسواءِ اڏام ڪندڙ پکي جا پر ڪٽيا وڃن ٿا.
پاڻ بدترين طبقاتي سماج ۾ رهون ٿا. ان ڪري طبقاتي بيھڪ ۽ ان پويان ڪار فرما سياسي, سماجي ۽ معاشي مفادن کي سمجهڻ ضروري آھي. ان سمجهه کانسواءِ سياست جو ڪارج بي اثر ٿي پوي ٿو. اھڙي سمجھ سان ظلم، زيادتي، استحصال ۽ ڦرلٽ جي اصل حقيقت سامهون اچي بيھي ٿي. مثال طور ظاھري طور تي سرمايه داراڻي نظام ۾ عورت آزاد لڳي ٿي، پر ان جي قيمت تي لکين عورتون بک ۽ غربت ۾ گذارين ٿيون! ساڳي ريت سرمايه داري ۽ آزاد مارڪيٽ جي معيشت بھتر لڳن ٿيون، ڇو ته اھي منافعي تي توھان جي ضرورت جي ھر شيءِ مھيا ڪن ٿيون, پر ان لقاءُ سبب ڪيترا ماڻهو معاشي طور غريب رهندي بک ۾ مري وڃن ٿا. ڪمائي ڪير ٿو ۽ کائي ڪير ٿو. ھڪڙا ماڻھو بي گھر ۽ خانه بدوش آھن ۽ ٻيا عاليشان محلاتن ۾ ڇو؟ جھڙا سوين سوال آھن، جن جا جواب جاگيردارانه سياست، نيولبرل معيشت ۽ سرمايه داراڻي ترقي جي تناظر ۾ سمجهي سگھجن ٿا. طبقاتي بيھڪ جي سمجھ کانسواءِ ماڻھو سياسي، سماجي ۽ معاشي طور ڄٽ ئي ھجي ٿو!
ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين ذريعي تڳندڙ هن نظام ۾ تبديلي جو مطلب هي آهي ته عوام کي بنيادي انساني ضرورتن کان محروم ڪيو وڃي. ماڻهو گهڙا کنيو ڏور ڏور رلندا وتن ۽ ڪٿي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ملي. جهاتي پائي ڏسو فيوڊل سياست سرڪاري اسڪول ويران ڪري ڇڏيا. سرڪاري اسپتالن جو ڏيک ڪوس گهر جهڙو لڳي ٿو. شهرن جي ويجهو ڪچيون آباديون جتي گهڻو ڪري ڳتيل آبادي هجي ٿي، اتي گهريلو زندگي جي حالت خراب آهي، انهن آبادين جي ڪابه منصوبه آبادي ڪونهي. مسئلا ته جيئن جو تيئن اڳتي ٻرانگهون ڀري رهيا آهن. بک ۽ بيروزگاري سبب پورهيت خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. سرمايه دارن ۽ جاگيردارن جو اڏيل نظام چوي ٿو ته مرض جي علاج يا ڳرڀوتي جي ويم لاءِ پرائيويٽ اسپتال ۽ ٻار جي تعليم لاءِ خانگي اسڪول وڃو. بجلي ڪونهي، سولر انرجي جو بندوبست ڪريو. روڊ ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام ئي موتمار آهي، ملڪيت گڏ ڪري ذاتي گاڏي وٺو. بيروزگار رهو، نوڪرين لاءِ ميرٽ جو اصول ڪرنسي ۽ سفارش آهي. مهانگائي وقت جي رفتار سان پئي وڌندي. پوليس ايليٽ ڪلاس جو تحفظ ڪندي. ايئن مسافر پنهنجي زندگي جو پاڻ خيال رکن. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته عوام جو ڪم حڪمران طبقي ۽ بيروڪريسي جي ‘غربت’ ختم ڪرڻ لاءِ ووٽ ۽ ٽيڪس ڏيڻ آهي؟! جتي سرڪاري اسپتال ۾ دوائون ۽ ڊاڪٽر، سرڪاري اسڪول ۾ انفرا اسٽرڪچر ۽ استاد نه هجن. پوليس چور ڇڏي، ڀاڳيو گرفتار ڪري؟ عوام وٽ مناسب سفري سهولتون نه هجن؟ ڪرپٽ جي عزت هجي ۽ ايماندار ذليل ۽ خوار ٿئي؟ مزدور ڪمائي ۽ سرمايه دار کائي؟ هاري فصل اپائين ۽ وڏيرا عياشيون ڪن؟ گاڏي ۽ بينڪ بيلنس تعليم حاصل ڪرڻ جو اصل مقصد هجي؟ علم وارو ڄَٽ جو غلام هجي؟ علم جي بجاءِ پئسو عزت جو پئمانو هجي؟ پورهيت عورتون بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ جي قسط وٺڻ لاءِ ذليل ٿين؟ انصاف کي دولت سان خريد ڪري سگهجي؟ ملڪيت تحفظ ۽ سيڪيورٽي جو سبب هجي؟ نظام جي اهڙي ڪار وهنوار کي ڇا چئجي؟ اهڙي سماج جا اڪثر فرد بس جائز توڙي ناجائر ڌن دولت ميڙڻ ۾ ڏينهن رات مصروفِ عمل هوندا آهن. انهن وٽ زندگي جو ٻيو ڪو آدرش نٿو هجي. اُتي غريب ويتر غريب ۽ امير، امير تر ٿيندو ويندو آهي.
ڇا هن نظام ۾ جيئڻ جو اسپيس پيدا ڪرڻ لاءِ ايئن ڪجي؟ جيڪڏهن سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائي ڪونهي ته پرائيويٽ اسڪول ۾ ٻار پڙهايو؟ جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج ناهي ته ڪنهن سرڪاري ڊاڪٽر جي ذاتي اسپتال ۾ وڃو؟ جيڪڏهن سرڪاري سفري سهولتون ناهن ته پنهنجي گاڏي وٺو؟ جيڪڏهن بجلي ناهي ته متبادل ۾ سولر يا جنريٽر خريد ڪريو؟ جي پوليس اوهان کي تنگ ڪري ٿي يا ٻڌي ٿي ته پئسا ڏيو، يا وڏيرن کي منٿ ميڙ ڪريو؟ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته هن نظام ۾ رهي ڪرپشن ڪريو، بليڪ مارڪيٽنگ ڪريو، نقلي شيون وڪڻو، يا نوڪري پئسن سان وٺو، پر نجي ملڪيت وڌايو، جيڪا توهان جي زندگي کي سهارو ڏئي ٿي؟ جي توهان ۾ هر هڪ ائين ئي انفرادي ترقي ۽ خوشحالي جي اصول جو قائل آهي ته سڀ نظريا، آدرش، ۽ انسانيت جا معيار ڪوڙا آهن. پوءِ، وطن سان محبت جو مطلب ذاتي ملڪيت ۾ اضافو آهي. تعليم جو مقصد ٺٺ ۽ عياشي واري زندگي گذارڻ آهي؟ نيڪي ۽ ايمانداري رڳو استحصال پسند اقتداري ٽولي کي ٽيڪو ڏيڻ ۾ آهي؟ سچائي جي تقاضا جو راز صرف مايا ۾ آهي؟ سچو، سڌو، ايماندار ۽ بااصول ماڻهو چريو چئبو؟ هن سماج جي اڏاوت ھاري ۽ پورھيت ڪري ٿو ۽ حڪمران/پگھاردار طبقو ان کي ڪرپشن, ٺڳي ۽ بدنيتي ذريعي تباهه ڪري ٿو. ان مختصر ڊسڪورس جو جواب انسان دوست ترقي پسند سياست آهي. سياست ذريعي سماج بهتر ٿئي ٿو ته بدتر به. بالادست سياسي رُجحانن مان اندازو ٿئي ٿو ته حالتون تيزي سان بدتري ڏانهن وڌنديون رهنديون.
ٽئين دنيا جي انتهائي پوئتي رکيل سماج ۾ اسٽيٽسڪو کي چئلينج ڪرڻ نه صرف ڏکيو آهي، پر مهلڪ به آهي، خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن سماج جا باشعور فرد مفادن جي ڪري مڪمل مفاهمت جو شڪار هجن ۽ هر ماڻهو انفرادي مفادن کي اجتماعي مفادن تي فوقيت ڏي. ان پيشمنظر ۾ حڪمران ٽولي کي ڦرلٽ ڪرڻ، جهالت پکيڙڻ، رجعت پرستي پروموٽ ڪرڻ، انارڪزم ڦهلائڻ، ڪرپشن ڪرڻ، اقتدار کي ڊيگھ ۽ ويڪر ڏيڻ لاءِ وڏو اسپيس ملي ٿو.
سياست ڪرڻ جو حق ھر مڪتبه فڪر جي فرد کي ھئڻ گھرجي. خاص طور تي پورھيتن جي سياست سان ئي ھڪ بھترين انسان دوست سماج جي تشڪيل ٿي سگهي ٿي. جن پيڙھين کان ڀوڳيو آھي, ان جي درد جو پڙاڏو به گونجار ڪري. پورھيت جا انگ اگھاڙا ٻچا غربت, بُک ۽ بيمارين ۾ بي موت تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا, عورتون مزدوري جو عذاب سھي سھي زندگي پوري ڪن ٿيون ۽ پورھيت جا ھڏا ڳري وڃن ٿا, پر انھن کي سک پلئه نٿو پوي. ڇو؟ انھن جي رت ۽ ست تي پلجڻ وارن لاءِ مڪمل اسپيس ڇو آھي؟ انھن سوالن جي جواب ۾ سياست ڇو نه ٿئي؟ جرئت صرف اهو ئي ڪري سگهي ٿو،
جيڪو حق تي هجي ٿو. انساني ضمير جي آزادي خاطر حق تي مزاحمت ڪرڻ کي انسانيت چئبو آھي. مفادن لاء غلامي ڪندڙ فرد حق تي بيهي نٿا سگهن.
سنڌ جي حيدرآباد، ڪراچي سميت پوري ملڪ جي چاليهه کان مٿي شهرن ۾ شاگردن زبردست مارچ ۽ مظاهرا ڪيا. انهن جا مختلف مطالبا جهڙوڪ شاگردن يونين جي بحالي سان گڏ غريب عوام جي پڙهڻ جهڙو سستو ۽ معياري تعليمي نظام، سوچڻ ۽ سوال ڪرڻ جي آزادي، وغيره هئا. اهو ليفٽ جي سياسي تاريخ جو اهم ڏينهن هو، جڏهن نوجوانن سرفروشي جي تمنا کڻي خاموشين جي موسم ۾ گونجار ڪئي آهي. انهن اصل ۾ سرمايه دارن ۽ جاگيردارن جي سياسي اسٽيٽس ڪو ۽ نظام کان بيزاري جو اعلان ڪيو آهي. اها ترقي پسند شاگرد، هاري ۽ پورهيت دوست سياست نئين روشن صبح جي نويد آهي:
ڌوڏ هن سماج کي،
لوڏ سامراج کي،
ٺاهه سو نئون نظام،
جو چڱو چئي عوام،
هي نظام آ خراب، انقلاب