ملڪي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو

مطيع الله ڪونڌر

                         يارهين درجي جي انگريزي ڪتاب ۾هڪڙو سبق آهي “ماءِ بينڪ اڪائونٽ”. بيان هيئن آهي ته هڪ شخص جي 50 ڊالر پگهار وڌي ٿي، هن کي خيال آيو ته اها وڌيل پگهار بچت ڪريان. سو انهيءَ سوچ ۾ هو اها بچيل رقم ڪٿي رکان، هي اچي هڪ بئنڪ وٽ پهچي ٿو. بينڪ ۾ داخل ٿيندي اندريون ماحول هن جي طبيعت کي موڳو ڪري ٿو وجهي پر هي پنهنجو ظاهري رعب رکندي اڪائونٽنٽ سان اچي ملي ٿو ۽ کيس مئنيجر سان اڪيلائيءَ ۾  ملڻ جو اشارو ڏئي ٿو.  اڪائونٽنٽ هن کي مئنيجر سان ملائي ٿو. مئنيجر به هن جي ظاهري روپ کي  ڏسي کيس بئنڪ ۾ ڌار ڪمري ۾ ويهاري دروازو اندران بند ڪري حال احوال وٺي ٿو. مئنيجر جو خيال آهي ته هي ڪنهن خاص اداري جو ماڻهو آهي، جيڪو کيس ڪا خفيه ڄاڻ ڏيڻ آيو آهي يا وري ڪا وڏي پارٽي آهي، جيڪو ڪا وڏي رقم بئنڪ ۾ جمع ڪرڻ گهري ٿو. نيٺ هي همراه مئنيجر هي همراه مئينجر کي 56 ڊالر جمع رکڻ بئنڪ ۾ رکڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. خير بئنڪ مئنيجر هن جي اڪائونٽ کولڻ لاءِ پنهنجي بئنڪ جي اڪائونٽ آفيسر ڏانهن موڪلي ٿو ته جيئن هن جو اڪائونٽ کولي، هن جي رقم جمع ڪئي وڃي ۽ آخرڪار هن جو اڪائونٽ کولي هن جي رقم هن جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪن ٿا. هي شخص اتي جو اتي  ڪجهه رقم واپس کڻڻ لاءِ چيڪ ڀري ٿو، هن جي مرضي ته 6 ڊالر کڻڻ جي آهي پر چيڪ پريندي هي شخص پنهنجي پوري رقم لکي ٿو ڇڏي!

هن جي انهيءَ عمل تي بئنڪ جو سڄو عملو اچرج ۾ اچي ٿو وڃي. وري وري پڇن ٿا ته توکي واقعي اها رقم گهرجي. هي به ساڻن ها ۾ها ملائيندو رهي ٿو. حقيقت ۾ هن شخص تي بئنڪ واري ماحول جو اثر حاوي هجڻ ڪري اها سمجهه نه پئي ته هن 6 ڊالرن جو چيڪ ڀرڻ بجاءِ 56 ڊالرن جو چيڪ ڀري چڏيو آهي. بهرحال بئنڪ کيس چيڪ تي لکيل پوري رقم ادا ڪري ڇڏي ٿي ۽ اهو شخص پنهنجي پوري رقم واپس کڻي ويندو رهي ٿو ۽ بئنڪ عملو هن شخص جي انهيءَ عمل تي پويان ٽهڪ ڏئي کلندو رهي ٿو.

اسان توهان جي عملي زندگيءَ ۾ به جڏهن پنهنجي بچيل رقم بئنڪ ۾ رکڻ جو ارادو هوندو آهي ته بئنڪ ۾ اسان کي به پنهنجو اڪائونٽ کولڻ لاءِ چيو ويندو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ بئنڪن ۾ اڪثر ٻن قسمن جا اڪائونٽ هوندا آهن، هڪ کي بچت کاتو (Saving Account) ۽ ٻئي کي چالو کاتو   (Current Account) چيو ويندو آهي. واپاري طبقي جا ماڻهو اڪثر ڪرنٽ اڪائونٽ کوليندا آهن، ڇو ته واپاري ماڻهو روزانا ڪيئي ادائگيون يا مالي وصوليون ڪندا رهندا آهن. ٻئي طرف بئنڪ جيڪڏهن ڪنهن لاءِ قرض منظور ڪندي آهي ته ان لاءِ به قرض وٺندڙ کي ڪرنٽ اڪائونٽ ئي هلائڻو پوندو آهي.

ڪرنٽ اڪائونٽ تي باقي سهولتون ته ملنديون آهن، باقي بئنڪ طرفان ڪابه رکيل رقم تي ڪا به مٿڪي نه ملندي آهي. ٻئي پاسي عام ماڻهو بئنڪ ۾ بچت کاتو کوليندا آهن، ڇو ته عام ماڻهوءَ جي ڏيتي ليتي ڪا گهڻي نه هوندي آهي يا ائين چئون ته عام ماڻهوءَ جون پيل اهي ننڍيون ننڍيون رقمون وڏي عرصي تائين بئنڪ ۾ ئي پيل هونديون آهن، ان ڪري بئنڪ انهن رقمن کي وري مختلف اسڪيمن هيٺ قرض طور ڏيندي آهي ۽ پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪجهه حصو بچت کاتن ۾ پيل رقمن جي بنياد تي مٿڪي جمع ڪنديون رهنديون آهن.

اڄوڪو مضمون آهي ملڪي اڪائونٽ جي باري ۾. توهان اسان وانگر هر ملڪ به پنهنجي باقي دنيا سان ڏيتي ليتي جو رڪارڊ اڪائونٽ جي صورت ۾ رکندو آهي. انهن مان هڪ کي ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ ٻئي کي ڪيپيٽل اڪائونٽ چيو ويندو آهي. انهن جي وضاحت هيٺين سٽن  سان ڪجي ٿي: ملڪي ڪرنٽ اڪائونٽ جي تعريف هيئن آهي ته هي ڪنهن به ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ رڪارڊ آهي ان ملڪ جي درآمد ۽ برآمد جو، جنهن ۾ شيون ۽ خدمتون اچي وڃن ٿيون، ساڻ قوم جي ڪمائي ۽ خرچ جيڪي باقي دنيا سان ڪيا ويا آهن، هڪ خاص عرصي جيڪي گهڻو ڪري سال اندر هونديون آهن. ڪرنٽ اڪائونٽ بچت مان مراد ان ملڪ جي غير ملڪي واپار ۽ ملڪ اندر غير ملڪي سيڙپڪاري ۾ واڌ آهي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو مٿين شين جو سڪڙجڻ ظاهر ڪري ٿو. وڌيڪ وضاحت هي آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ اچن ٿا:

ملڪ جي درآمدات ۽ برآمدات شين ۽ خدمتن جي صورت ۾.

غير ملڪي سيڙپڪارن کي ٿيل نفعن جي ادائيگي.

ان ملڪ جي ٻاهرين ملڪن ۾ ٿيل سيڙپڪاريءَ جو منافعو.

ان ملڪ کي ملندڙ غير ملڪي مالي مدد ۽ ملڪي شهرين طرفان موڪليل غير ملڪي ڪمائي.

ڪرنٽ اڪائونٽ (Positive) ظاهر ڪري ٿو ته قوم باقي دنيا کي ڏيندڙ آهي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ (Nagative) ظاهر ڪري ٿو ته هي ملڪ رڳي اڌار وٺندڙ آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ ٻن حصن تي بيهڪ رکندڙ آهي. هڪ حصو ملڪي ادائيگين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ٻيو حصو جنهن کي (Capital) اڪائونٽ به چئبو آهي، غير ملڪي سيڙپڪاري، جيڪا ماليات جي صورت ۾ هوندي آهي، جنهن سان مرڪزي بئنڪ جا (Reserve) وڌي ويندا آهن، کي ظاهر ڪري ٿو.

مٿين ڳالهين جو تت هي آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ رڪارڊ آهي ڪنهن ملڪ جي ڏيتي ليتي جو باقي دنيا سان، جنهن ۾ شين ۽ خدمتن جو واپار ان ملڪ جي غير ملڪي سيڙپڪاريءَ تي وصول ٿيندڙ منافعو ۽ ان جون ڪيل ٻاهر ادائيگيون، جيڪي هڪ خاص عرصي گهڻو ڪري هڪ سال تي بيهڪ رکندڙ هجن. پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ، جيڪو گهڻو ڪري خساري هيٺ رهندو آهي.

اسٽيٽ بئنڪ مطابق گذريل سال نومبر مهيني ۾ يعني ملڪي مالياتي سال 2024 جي پهرين چئين مهينن ۾ بچت ظاهر ڪئي آهي. ان هوندي جو قرضن تي وياج جي ادائيگي پڻ ڪئي وئي آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ بچت ۾ وڃڻ جو اهم سبب درآمدات ۾ گهٽتائي بيان ڪئي پئي وڃي. مٿي بيان ڪيل مهينن دوران تقريبن 4 بلين کان 21.3 بلين ڊالرن برابر شيون ملڪ اندر گهٽ گهرايون ويون ۽ هلڪو واڌارو ملڪي سامان جو ٻاهر موڪلڻ به هو. معاشي ماهرن جو خيال آهي ته هي خسارو سال ۾ 6 بلين ڊالرن برابر رهندو پر اسٽيٽ بئنڪ ان جو انڪار ڪنديGDP  جو 1.5 سيڪڙو ظاهر ڪري رهي آهي. هونئن ته ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ڪمائيءَ جي رقم ۾ به واڌ ٿي آهي پرIMF  کان ملندڙ قسط ۽ غير ملڪي قرض پڻ هن اڪائونٽ کي بهتر رکندا. معاشي ماهر ٻاهرين ملڪن ۾ ڪمائيندڙن جي اعتماد کي وڌائڻ جي پڻ صلاح ڏين ٿا ته جيئن اهي پنهنجون رقمون بنان کٽڪي ملڪ اندر موڪلي سگهن.