ماحولياتي گدلاڻ سبب وڌندڙ بيماريون
پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي،

ڪراچيءَ ۾ فضائي گدلاڻ وڌڻ سبب ساهه جون بيماريون ڪر کڻڻ لڳيون آهن. پيڊيٽريڪس ايسوسيئيشن جي رپورٽ موجب، شهر ۾ ساهه جي بيمارين ۾ روزاني بنيادن تي 80 کان 100 تائين ٻار سرڪاري اسپتال ۾ اچي رهيا آهن، ڳلي ۽ سيني جي انفيڪشن وڌڻ سبب سهڪي جي بيماري ٿيندي آهي. گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ هن وقت ڪراچيءَ ۾ ساهه جي بيمارين ۾ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي، احتياطي اپاءَ نه ورتا ويا ته ساهه جي بيماري ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿي. ان کان علاوه ڪراچي ۾ ڊينگي، مليريا، چڪـُن گونيا ۽ وائرل انفيڪشن جي مريضن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آھي. طبي ماهرن مطابق جناح ۽ سول اسپتالن ۾ روزانو ڪيترائي مريض سيءُ، بخار ۽ جسم ۾ سـُور جي شڪايت سان اچي رھيا آھن. ڪراچي شهر ۾ فضائي گدلاڻ وڌڻ سبب ساهه جي مرض ۾ اضافو ٿي ويو آھي. طبي ماهرن موجب ڳلي ۽ سيني جو انفيڪشن وڌڻ سان دم جو مرض ٿئي ٿو، گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ هن وقت ڪراچي ۾ ساهه جي مرض ۾ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي، جيڪڏهن احتياطي اپاءَ نه ورتا ويا ته ساهه جو مرض ڳڻتيءَ جوڳي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. ھن وقت دنيا کي ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جھڙن چيلنجن سان منھن ڏيڻو پيو پوي. پنھنجي اصلي مند تي مينھن نه وسڻ ڪري ڏڪار ۽ ٻوڏ جا خطراہ وڌي ويا آھن. ماحولياتي گدلاڻ پوري دنيا کي درپيش صحت سان لاڳاپيل اھم مسئلن مان ھڪ آھي. ماحولياتي گدلاڻ جيڪا ماحول جي بگاڙ جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي تنھن جو ڪارڻ انسان پاڻ آھي. انساني سرگرميون جن ۾ گاڏين جي گھڻي استعمال جي نتيجي ۾ماحول ۾ وڌندڙ زھريليون گئسون، ٻيلن کي ختم ڪرڻ، آبادي جو حد کان گھڻو وڌڻ، ڪارخانن ۾ واڌ، گاڏين ۾ واڌ، شهري علائقن جي واڌ، انسانن طرفان ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافي جو سبب آھن. ماحولياتي گدلاڻ صحت لاءِ نقصانڪار ھوائي گدلاڻ ساهہ جون بيماريون جن ۾ ڦڦڙن جو ڪينسر، دم، ساهہ جي نالي جو انفيڪشن، دل جون بيماريون، چمڙي جون بيماريون شامل آھن. ماحول انسانن جي نفسياتي تندرستي تي مثبت ۽ منفي اثر وجھي ٿو. نفسياتي ماھرن جي ڪيل تحقيق مطابق اسان جي دماغ ۾ امائگڊالا ۽ ھپوڪئمپس اھڙا حصا آھن، جن جو تعلق جذبات ۽ احساسن کي ڪنٽرول ڪرڻ سان آھي . ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ماحولياتي بگاڙ يا ماحولياتي گدلاڻ خاص طور ھوائي گدلاڻ جي ڪري انھن جي نيورانز ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. نتيجي طور انسان ڊپريشن اينگزائٽي ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿو. جديد سائنسي تحقيق ثابت ڪيو آھي ته ڊگھي عرصي تائين ھوائي گدلاڻ انسانن کي ڊپريشن، اينگزائٽي ۽ شيزوفرينيا جھڙن موذي مرضن ۾ مبتلا ڪري ٿي. اسان سمجهون ٿا تہ ھاڻي سال جا ٻارنهن مهينا ئي وڻڪاري مهم ھلڻ کپي تہ جيئن ماحولياتي گدلاڻ کي ختم ڪري سگھجي.

Leave a Reply