” ڪڀي مين ڪڀي تم“ جي آخري قسط وڏي پردي تي ڏيکارڻ جو اعلان
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور پاڪستاني ڊارمي” ڪڀي مين ڪڀي تم“ جي آخري قسط وڏي پردي تي ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ ڊرامي” ڪڀي مين ڪڀي تم“ جي آخري قسط سئنما ۾ ڏيکاري ويندي، جنهن جي پروڊڪشن ڪمپني طرفان به تصديق ڪئي وئي آهي. ڊرامي جي آخري پنج نومبر تي اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور سميت سڄي ملڪ جي سئنما گهرن ۾ ڏيکاري ويندي.