يونان ۾ مهاجرن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب پاڪستانين سميت 5 ڄڻا فوت، 40 لاپتا
 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) يونان جي سامونڊي ڪناري تي مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي لاپتا ٿي ويا،پرڏيهي خابرو اداري موجب ڇنڇر ڏينهن ڏکڻ يوناني ٻيٽ ويجهو مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏي وئي، يوناني ڪوسٽ گارڊ جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، 40 ڄڻا گم آهن ۽ 39 کي بچايو ويو آهي.خابرو اداري موجب ٻيڙي ۾ اڪثر پاڪستاني سوار هئا، ٻيڙي جي گم ٿيل مسافرن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. ٻئي پاسي صدر آصف زرداري يونان جي ڏاکڻي ٻيٽ ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.صدر آصف زرداري قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ سنگين عمل آهي، ماڻهو پنهنجا پيارا وڃائي ويهندا آهن.هن انساني اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ تي به زور ڏنو.  وزيراعظم شهباز شريف يونان ۾ ٻيٽ ڀرسان ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته انساني اسمگلر هڪ اهڙي ظالم مافيا آهي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا ۽ سونهري خواب ڏيکاري انهن کان پئسا ڦريندو آهي.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل هڪ بيان موجب هن چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ انڌوناڪ ڏوهه آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي وڃن ٿا ۽ هر سال ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويندا آهن. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلر هڪ اهڙي ظالم مافيا آهي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا ۽ سونهري خواب ڏيکاري انهن کان پئسا ڦريندي آهي.وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي کي واقعي جي انڪوائري بابت رپورٽ جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ انهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن اهي اهڙي ڪُڌي فعل کي ٻيهر نه ورجائين اهڙن واقعن جي مستقبل ۾ تدارڪ جي لاءِ پڪا قدم کنيا وڃن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن يونان جي ڏاکڻي ٻيٽ گيودوس ۾ پناهگيرن کي کڻي ويندڙ ڪاٺ جي ٺهيل هڪ ٻيڙي ٻڏڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته فوتين ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو.يونان جي ڪوسٽ گارڊ چيو ته هينئر تائين 39 ماڻهن کي ريسڪيو ويو ويو آهي جن مان اڪثريت پاڪستانين جي آهي جن کي ٻئي ٻيٽ ڪريٽي منتقل ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply