شاهد جتوئي
8 فيبروري 2024ع جي عام چونڊن جي نتيجن ۾ جيڪڏهن ڪا سياسي جماعت سڀ کان وڌيڪ بهتر سياسي پوزيشن ۾ سامهون آئي آهي ته اها پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. مرڪز ۾ صرف ان جي ئي حمايت سان حڪومت ٺهي سگهي ٿي ۽ قائم رهي سگهي ٿي. سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مسلسل چوٿين مدي لاءِ حڪومت ٺاهڻ پئي وڃي ۽ بلوچستان ۾ 11 سالن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر ان جي حڪومت ٺهي رهي آهي. صدر مملڪت سان گڏوگڏ ٻن صوبن پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي گورنرن جا عهدا به ان کي ملي رهيا آهن. اهڙي ريت پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مڪمل حڪمراني ڪندي، جڏهن ته مرڪز، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح اقتدار ۾ ڀائيوار هوندي پر پاڪستان جي موجوده خطرناڪ صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ چئلينج به پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ هوندا.
مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حمايت سان قائم ٿيندڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ظاهري طرح هڪ مضبوط حڪومت هوندي، ڇو ته ان کي پارليامينٽ ۾ عددي اڪثريت حاصل هوندي. قومي اسيمبلي جي 336 ميمبرن جي ايوان ۾ هيستائين پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا 108 ۽ پيپلز پارٽي جا 68 ميمبر آهن. اهڙي ريت ٻنهي جماعتن جي ميمبرن جو تعداد 176 بڻجي ٿو، جڏهن ته سادي اڪثريت لاءِ 169 ميمبرن جي ضرورت هوندي آهي. ڪافي عرصي کانپوءِ پهريون ڀيرو متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ۽ ان جهڙيون ٻيون جماعتون ان پوزيشن ۾ ناهن ته انهن جي حڪومت ۾ رهڻ يا نه رهڻ سان ڪو فرق پوي يا اهي حڪومت کي ڪيرائي سگهن، پر پارليامينٽ کان ٻاهر جي سياسي صورتحال وڌيڪ خراب آهي. هڪ طرف ته اهو تاثر ويهاريو ويو آهي ته عام چونڊون شفاف نه ٿيون آهن ۽ ٻئي طرف هڪ رٿابندي هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي ان پوزيشن ۾ آڻي بيهاريو ويو آهي ته اها سياسي احتجاج يا ڌرڻن جي ذريعي ڪنهن به وقت ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي. مولانا فضل الرحمان جي جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) به گهٽ سيٽون ملڻ جي ڪري سراپا احتجاج آهي. اها جماعت اقتدار جو حصو به ناهي بڻي ۽ پنهنجي اڳوڻين اتحادي جماعتن پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کان سياسي طور تي گهڻو پري ٿي وئي آهي. اهو به شايد ڪنهن اسڪيم جو نتيجو آهي. جي يو آءِ ۾ به رستن تي احتجاج ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ کي بند ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. سنڌ ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) سان گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان جون قومپرست جماعتون پڻ سراپا احتجاج آهن. تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ ٻين مذهبي جماعتن وٽ به اسٽريٽ پاور آهي. هڪ مرحلي تي احتجاج ڪندڙ سموريون سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن جو اتحاد بڻائي سگهجي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ايم ڪيو ايم کي به احتجاج ڏانهن ڌڪيو وڃي. اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته اهو تمام وڏو چئلينج هوندو. ان چئلينج کي به منهن ڏيڻ جي سڀ کان وڏي ذميواري پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت تي هوندي.هن ڀيري سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي رڪارڊ عددي برتري حاصل ٿي آهي ۽ اها قطعي اڪثريت سان حڪومت ٺاهي رهي آهي. ان جو سبب شايد اهو آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جون مخالف سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتون چونڊن واري سياست ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪرڻ جي اهليت نٿيون رکن. اهي جيڪڏهن احتجاجي سياست جي ذريعي به ڪي مسئلا پيدا نٿيون ڪري سگهن. پر اهي ٻين سياسي جماعتن جي ملڪي سطح تي ٿيندڙ احتجاجي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. پيپلز پارٽي لاءِ سنڌ ۾ گورننس کي بهتر بنائڻ ۽ بقول بلاول ڀٽو زرداري، ڪرپشن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جهڙا چئلينج پڻ موجود آهن، پر ان کان به وڏا چئلينج امن امان جي حوالي سان آهن. سنڌ اڳ به بدامني جو شڪار رهي آهي. بدامني ٻيهر شروع ٿيڻ جو خدشو هاڻي به برقرار آهي. سنڌ ۾ به بلوچستان وانگر ماڻهو کنڀجي رهيا آهن. اهو سلسلو جيڪڏهن وڌيو ته سنڌ ۾ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، جيئن 14-2013ع ۾ ٿيو هو. ماضي وانگر اغوائن، ڌاڙن، ڏوهاري سرگرمين جي ذريعي روڊن رستن ۽ شاهراهن کي غير محفوظ بنائڻ ۽ انتهاپسند تنظيمن جون دهشتگرديءَ جون ڪارروايون هڪ وڏو چئلينج هوندو.
جيتري قدر بلوچستان جو تعلق آهي، پيپلز پارٽي جي قيادت کي ياد هوندو ته 14 جنوري 2013ع تي مرڪز ۾ وزيراعظم راجا پرويز اشرف بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي وزيراعليٰ نواب اسلم رئيساڻي کي آئين جي آرٽيڪل 234 تحت هٽائي ڇڏيو هو ۽ صوبي ۾ گورنر راج لاڳو ڪري ڇڏيو هو، ان جو سبب اهو هو ته بلوچستان ۾ امن امان جون حالتون انتهائي خراب ٿي ويون هيون. 10 جنوري 2013ع تي ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪن ۾ 126 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ هزاره ڪميونٽي جي ماڻهن لاش رکي ڌرڻو هنيو هو. هونئن به اپريل 2008ع ۾ پيپلز پارٽي کي ان وقت حڪومت ڏني وئي هئي، جڏهن نواب اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ بلوچستان ۾ شورش برپا هئي. نواب اڪبر بگٽي کي 26 آگسٽ 2006ع تي شهيد ڪيو ويو هو. هاڻي جڏهن بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهڻ وڃي رهي آهي، بلوچستان ۾ حالتون اڳ کان وڌيڪ خراب آهن. بلوچستان عالمي طاقتن جي مفادن جي ٽڪراءَ جو ميدان بڻيل آهي ۽ بلوچستان جون حالتون انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪيون آهن. عليحدگي پسند تحريڪن جون ڪارروايون اڳ کان وڌيڪ تيز ٿي چڪيون آهن. کنڀيل ماڻهن ۽ چچريل لاش ملڻ جي معاملي تي بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي مارچ ۽ ڌرڻن سان گڏوگڏ گوادر جي تحريڪ بلوچستان جي احتجاجي سياست ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ٿي سگهي ٿو ته سيڪيورٽي فورسز به پنهنجون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏين ۽ بلوچستان جي مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ بدران فوجي حل ڪڍڻ جي رستي تي هلي پون، جنهن سان بلوچستان جون حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. پيپلز پارٽي جي قيادت کي اهو به نظر ۾ رکڻو پوندو ته ڪٿي ان سڄي صورتحال جي ذميواري ان تي نه وڌي وڃي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيندڙ فوجي آپريشن جو ذميوار اڃان تائين پيپلز پارٽي کي قرار ڏنو وڃي ٿو،
حالانڪه شهيد ڀٽو پنهنجين لکڻين ۾ ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪو هو ته هو بلوچستان آپريشن جو مخالف هو ۽ آپريشن نه ڪرڻ واري سندس ڳالهه نه مڃي وئي.
بلوچستان وانگر خيبر پختونخوا به عالمي طاقتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي ۽ اتي طالبان، داعش ۽ ٻين انتهاپسندن جي وڌندڙ طاقت پڻ ڪيترن ئي خطرن کي جنم ڏيئي رهي آهي. افغانستان ۾ طالبان حڪومت سان لاڳاپا پڻ ڇڪتاڻ وارا ٿيندا پيا وڃن. خيبر پختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرن جي حڪومت به گهڻا مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. اتي پيپلز پارٽي جي گورنر لاءِ پڻ گهڻا چئلينج هوندا. انهن سمورن چئلينجن کي پيپلز پارٽي جي قيادت کي منهن ڏيڻو پوندو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو “اسٽيڪ” صرف مرڪز ۽ پنجاب جي حڪومت آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کانسواءِ پنجاب ۾ به اسٽيڪ داءُ تي لڳل هوندو. ان کي نه صرف بهتر داخلي سياسي حڪمت عملي کان ڪم وٺڻو پوندو پر ٽنهي ننڍن صوبن ۾ حالتن کي نارمل ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻي پوندي ۽ اها به ڪوشش ڪرڻي پوندي ته عالمي طاقتن جي مفادن جي خطرناڪ راند سان ملڪ، خاص طور تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ حالتون وڌيڪ خراب نه ٿين. توڙي جو پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا جو حصو نه هوندي پر ان کي بهتر گهرو ۽ پرڏيهي پاليسين ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي مدد ڪرڻي پوندي.