لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي مخالف جماعتن جو اتحاد سنڌ دشمن اتحاد آهي جيڪو سنڌ جي ورهاست واري ايجنڊا تي ٺاهيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميروخان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو صدر قمرالدين گوپانگ، ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر خورشيد جوڻيجو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. نثار کهڙو چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ ۾ الڳ صوبي جي ڳالهه ڪري سنڌ جو ورهاڱو چاهي ٿي ۽ جي ڊي اي، جي يو آءِ ۽ ن ليگ سندن اتحادي جماعتون آهن ان ڪري اِهو اتحاد سنڌ جي خلاف اتحاد آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ ٿيڻ نه ڏيندو ۽ اهڙن اتحادن کي رد ڪري سندن ناپاڪ ارادن کي پڻ مٽي ۾ ملائي ڇڏيندو. هن چيو ته 18 هين ترميم ذريعي صوبن کي خودمختياري ڏئي 58 ٽو بي جو خاتمو ڪري ملڪ ۾ 5، 5 سال جمهوري حڪومتن جو تسلسل جاري رکيو ويو ان ڪري اهي جماعتون جمهوريت جو تسلسل نه ٿيون چاهن ۽ 18 هين ترميم جو خاتمو آڻڻ چاهن ٿيون پر کين خبر هئڻ گهرجي ته 18 هين ترميم ايوان جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت کان بغير رول بيڪ نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن سميت پي پي پي مخالف جماعتن جو ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو ۽ اسين 18 هين ترميم خلاف سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي عوام جي اتحاد ۽ قوت سان سنڌ ۾ سوئيپ ڪندي ۽ چوٿون ڀيرو سنڌ ۾ حڪومت ٺاهينداسين ۽ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي عوامي منشور ڏئي مسئلن جي حل جو روڊ ميپ ڏئي ڇڏيو آهي ان لاءِ عوام پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪري. هن چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ قمبر شهدادڪوٽ ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي ۽ ميروخان ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو پڻ قيام عمل ۾ آندو ويندو ۽ ايس آءِ يو ٽي جو ادارو پڻ قائم ڪنداسين ته جيئن ٻهراڙن وارن علائقن جي ماڻهن کي پنهنجي ئي علائقي ۾ صحت جون سڀئي سهولتون ميسر هجڻ کپن.