حڪومت کي روزگار فراھم ڪرڻ جي پاليسي ٺاھڻ گھرجي 

پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر حسينه آزاد جتوئي،

ھن وقت ڪيترائي مسئلا آڏو آيل آھن بلڪه نانگ وانگر ڪر کنيو بيٺا آھن پر وڏي ۾ وڏو مسئلو ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي آهي، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسان جي ملڪ ۾ ھلي رھيو آھي پر ان کي ختم ڪرڻ يا ان مسئلي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪومت يا سياستدان سنجيدگي جو مظاهرو نٿا ڪن، جنهن سبب اھو مھانگائي جو پراڻو مسئلو هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چوي ٿو ته حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته وفاقي وزير چون ٿا ته ملڪ جي اقتصادي حالت مثبت آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ملڪ جي هر شئي جي قيمت ۾ غيرمعمولي اضافو ڪيو پيو وڃي. حڪومت تعليم، صحت، کاڌي پيتي جي شين، دوائن ۽ ٻين شعبن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي شرط تي به آئي ايم ايف سان راضپو ڏيکاريو آهي ۽ عوام کي ٻڌايو ٿو وڃي ته سڀ سٺو آھي، سڀ خوشحال آھن، جڏهن ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آھي. ان حوالي سان يو اين ڊي پي جي رپورٽ پريشان ڪندڙ آھي، جنهن مطابق پاڪستان ۾ امير ۽ غريب جو طبقاتي فرق وڌي رهيو آهي، جيڪا پڻ پريشاني جي ڳالهه آهي. بچت ڪرڻ جي نالي ۾ نجڪاري، ڊائون سائزنگ، رائيٽ سائيزنگ، ڪفايت شعاري وغيره استحصالي ايجنڊا آهي، جنهن تي غريب ۽ اسرندڙ ملڪن کان عمل ڪرايو پيو وڃي. نجڪاريءَ جي نالي ۾ اهم ملڪي ادارن کي وڪڻي انهن مان نجات حاصل ڪئي پئي وڃي. ادارا ڪي رات وچ ۾ ناهن ٺهندا، انهن تي قومي ناڻو، وسيلا خرچ ٿيا آهن، نجڪاريءَ سان بيروزگاري وڌندي. حڪومت طرفان سرڪاري خرچن کي گھٽائڻ جون دعوائون ڪيون ويون هيون انھن تي به ڪو عمل ڪونه ڪيو ويو پر ان جي بدران ادارن کي ختم ڪرڻ، ادارن کي وڪڻڻ، نوڪريون ختم ڪرڻ ۽ پوسٽون ختم ڪرڻ جھڙا عمل ڪري بيروزگاريءَ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته  جيڪڏهن حڪومت روزگار جو تحفظ بلڪه روزگار ڏيڻ واري پاليسي ٺاھي ته وڌيڪ بھتر ٿيندو.

وڌيڪ خبرن ۽ اپڊيٽن لاء مهرباني ڪري اسان جي ويب سائيٽ جو دورو ڪريو www.dailymoomal.com

Leave a Reply