امر فياض ٻرڙو
گذريل ڪالم ۾ پاڻ جديديت پڄاڻان يا سچ پڄاڻان تي ڳالهايو ھئوسين، جنھن ۾ ڪوڙ کي ڪيئن سچ ڪري پيش ڪيو ويو آھي ۽ اصل شئي کي ڪيئن مشڪوڪ بڻايو ويو آھي ۽ اھو به ته ڪيئن ھاڻي مارڪيٽ اسان جي زندگين جا اصل قدر طئي ڪري ٿو. ان کي سولي نموني سان مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلام “تون ڇا ھُئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين” جيان سمجهي سگهجي ٿو ته ڪالهه جنھن مارڪيٽ کي اسان ٺاھيو ھئو، اھو مارڪيٽ اڄ نوان سماج پيو ڪيئن پيو ٺاھي! سو اھا ايڏي تبديلي ڪيئن ٿي، ڪٿان شروع ٿي ۽ انساني قدرن کي ھڪ خاص لڏو مارڪيٽ ذريعي ڪيئن ٿو گهمائي ڦيرائي؟ ڇا ان روش جو ڪو انت به آھي يا نه؟ يا ان مان ڪيترا فائدا ٿين پيا يا فائدي جي جاءِ اسان اڃا وڌيڪ برباديءَ طرف ته نه ٿا ڊوڙون؟ انهن سوالن کي سمجهڻ لاءِ پھرين پاڻ کي ماڊرنزم يعني جديديت سمجهڻي پوندي. چيو اھو پيو وڃي ته انساني فڪرن جي فلسفاتي دؤرن مان سڀ کان پھريون دؤر يوناني دؤر ھئو، جيڪو 200 کان 400 عيسوي سن تائين ھلي ٿو، جنھن کان پوءِ ھڪ ھزار کان سوا ھزار سالن تائين “اونداھو دور” ڪوٺيو ويو آھي. جنھن جو جمود پندرھين ۽ سورھين صديءَ جي انت تائين ھلي ٿو ۽ سورھين، سترھين صدي ھڪ نئين دور جو سج اڀاري ٿي، جنھن کي جديديت (Modernism)جو نالو ڏنو ويو. اھو ڏٺو ويو آھي ته مفڪر ۽ سائنسدان طبيعت جا رُکا ٿيندا آھن پر يوناني سائنسدان ارشمديس ڏاڍو زندہ دل ماڻھو ھوندو ھئو. ھڪ ڀيري ته کل ڀوڳ ۾ اھو به چيو ھئائين ته: “جيئن فطرت کي لکين ڪروڙين سال منھنجو انتظار ڪرڻو پيو ھئو، تيئن لڳي ٿو مونکي به سوين سال انتظار ڪرڻو پوندو ته ڪڏھن ماڻهو منھنجي ڏنل نظرين کي سمجهي انھن جو ڪارج عام زندگيءَ ۾ ڪندا!” ۽ بعد ۾ تاريخ اھو ثابت ڪيو ته ھو صحيح ھئو. ڇو ته ھن جي ٻڌايل اصولن ۽ قانون جي پوئواري ڪندي ڪيئن ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڻ ٿيندڙ ڪم منٽن ۾ ممڪن ٿي ويا. ارشمديس جي ڳالهه کي جيڪڏھن تاريخي تناظر ۾ ڏسجي ته مان سمجهندو آھيان ته فطرت کي به ائين ئي لکين سال مسيح کان پوءِ جي سترھين صديءَ جو انتظار ڪرڻو پيو ھئو، جنھن ۾ موجودہ سائنس ۽ ان سائنسي نظرين مان نڪرندڙ ٽيڪنالاجيءَ جا ابا ڏاڏا ان سترھين ئي صديءَ ۾ ڄاوا ھئا. ان صديءَ ۾ حرڪت جو قانون ڳولهيندڙ آئزڪ نيوٽن ڄائو ته وري گئليلي ڌرتيءَ بابت جيڪي انگ اکر ڏنا ۽ آسماني سيارن ۽ ستارن جي باري ۾ جيڪي صدين جا وھم وسوسا ھئا، انهن کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيو، اھو به ان ئي صديءَ ۾ ئي ڄائو! فلسفي ۽ ادب جي ميدان ۾ جتي جان ملٽن ڄائو ته اتي جان لاڪ به اچي در کڙڪايو. ائين لسٽ ڏسجي ته ناميارن سرموڙن جي قطار ۾ فرانسس بيڪن، ريني ڊيڪارٽ، بلاسي پاسڪل، اسپنزا سان گڏ مُلا صدرا ۽ مير داماد به مذھبي ۽ روحاني فلسفي جا ڀنڊار کوليندڙ ھن صديءَ ۾ ئي آيا. جتي مغرب ۾ مٿيان فلسفي ۽ سائنسدان اچن ۽ مشرق مان نالا نه اچن ته اھا فطرت جي زيادتي سڏبي، انڪري مير داماد ۽ ملا صدرا سان گڏ پاڻ وٽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي به ان ئي صديءَ ۾ اچي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سڄي ڌرتيءَ تي “سجاڳيءَ واري دؤر” جو اسان وٽ معمار بڻيو. مونکي الائي ڇو ائين لڳندو آهي ته فطرت جي ڪاروبار ۾ اھا صدي پوري ڌرتيءَ تي جاڳرتا وارو ڏس کڻي آئي، جنھن ۾ فطرت جا قانون سمجهيا ويا ته اتي انسان جي اندر روين جي ھڪ جدا ڪائنات ڳولي وئي. ھلندي ھلندي اھا ڳالهه ضرور بحث طلب آھي ته ان ئي صديءَ ۾ جتي مغربي فلسفين پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو، اتي ڀٽائيءَ جھڙي انساني روين جي طبيب جو فلسفو ڇو اڳتي نه اچي سگهيو. آخر اھي ڪھڙيون ڳالهيون آھن، جن جي ڪري لطيف صرف باسن باسڻ لاءِ ھڪ روايتي پير ڪري ڪوٺيو ويو، اھو بحث ڪنھن ٻئي ڀيري ڪبو پر ھتي ان ڳالهه کي کڻون ٿا ته ان انهن سرموڙ صدين ھزار سوا ھزار سالن جي طويل “ڪاري دور” کي ضرب ھڻي “جديديت” (Modernism) جو بنياد رکيو. ياد رھي ته ان ئي دور ۾ عيسائيت جي ٻل تي پلجندڙ پوپ ۽ پادري وھمن وسوسن جو فائدو وٺندي بادشاھيت جو بچاءُ ڪندا ھئا، ھزارين عورتون ڏائڻين جي نالي تي جيئري ساڙيون ويون، ٿوري ٿوري ڳالهه تي ٽياس ٽنگيا ويندا ھئا. مقصد ته مذھب جي نالي تي ھڪ مڪمل اونداھو قانون بپا ٿيل ھئو، جنھن جي ڪري انساني سڀاويڪ احساس پليگ جي موت جيان ماريا پئي ويا ۽ ذلالتن جو مڪمل طور تي عروج ھئو، پر ھر ڪمال جو زوال ٿيڻ واري فطري قانون جي حساب سان ان ردعمل طور انساني شعور بغاوت تي ڪڏي ڪاھي پيو. ھن جاڳرتا واري دؤر ۾ تاريخ جي ڏنل يوناني فلسفن کي نئين اک سان ڏٺو ويو ۽ پوءِ جديد ڌارائن تي قياس ڪيا ويا. ليبارٽريون وجود ۾ آيون ۽ قانون ثابت ٿيندي اھي سائنس ۾ نوان نوان در کوليندا ويا. ياد رھي ته ان وقت سائنس جو جديد تصور بلڪل نه ھئو پر اھي سڀ دريافتون فلسفن ۾ ليکيون وينديون ھيون. ان دؤر ۾ فطرت جي قانونن کي عام رواجي زندگيءَ ۾ واپرائڻ لاءِ جيئن جيئن اڳڀرايون ٿيون، تيئن تيئن مغرب ۾ صدين جو پاروٿو مذھبي تصور عدم تحفظ جو شڪار ٿيندو ويو. يونان جي ديومالائي يوروپا ديويءَ جي نالي تي ٺھندڙ يورپ سماجي طور تي ايترو سوچڻ لڳو، جو فلسفين اعلان ڪرڻ شروع ڪيو ته، “انساني زندگيءَ جي مسئلن جا حل آسمان مان تلاش نه ڪيا وڃن، پر انسان ئي گڏجي انهن جو حل ڳولين! قانون الوھي ناھن ٿيندا پر انسان جي اجتماعي شعور جي پيداوار ٿين ٿا. انڪري قانون ۽ آئين، ماڻهن جا چونڊيل ڏاھا ٺاھين ۽ وقت بوقت انهن کي تبديل يا ترميم ڪرڻ جو حق وري به ماڻهن جي ئي چونڊيل ڏاھن کي ئي ھجي. جيڪو قانون يا آئين ٺھي ته پوءِ ڪنھن به طاقت کي اھو حق ناھي ته ان کي ٽوڙي، پوءِ چاھي اھو وقت جو بادشاھ، صدر يا وزير اعظم ڇونه ھجي!” اھڙا خيال سرجيندڙ انھن فلسفين جي ڳالهين کي جيئن جيئن عام ماڻهو سمجهندا ويا، تيئن تيئن شعور پنھنجو اظھار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ائين ھزارين مصيبتن، بغاوتن، جن ۾ لکين انسان ماريا ويا پر فتح نيٺ ان سجاڳيءَ جي ئي ٿي ۽ ٽن چئن سئو سالن ۾ پوري انساني تھذيبن ۾ سڀ کان پوئتي پيل مغرب فتحن جا جهنڊا کوڙيندو ھڪ نئين سڃاڻپ سان نروار ٿيو. نشاتہ ثانيہ، سجاڳيءَ جي تحريڪ، ماڊرنزم درحقيقت ھڪ ئي ڌارا جا نالا آھن، جيڪا يورپ جي معمار بڻي. سائنس ۾ نيوٽن، گئليلو، بنجامين فرينڪلين، چارلس ڊارون سان گڏ سوين نالا ملندا، جيڪي ايڪويھينءَ صديءَ تائين تيز کان تيز ترين رفتار سان فطرت جا قانون لڀندا، وري ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي انهن قانونن کي استعمال ڪندا انساني زندگين کي آسان کان آسان ترين بڻائيندا رھيا آھن ته وري نفسياتي علم، انساني معاشرن جون تحقيقون، علم الابدان طب وغيرہ ۾ اھڙا اھڙا محقق، ڏاھا ۽ فلسفي اچي نروار ٿيا، جن انساني ذھن جي پولارن کي سمجهڻ شروع ڪيو. ٽيڪنالاجي ترقي ڪندي وڏن جسمن وارين مشينن کي پتڪڙي ماپ وارو ڪندي ھر ھنڌ ميسر ٿيندڙ ڪري ڇڏيو. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ وري سڀني انجنيئرنگن ۽ سائنسن کي جھڙوڪ انگوري سرڪو اھڙو ڏنو، جو ھر شيءِ جلدي جوش ۾ اچي سالن جي اپت منٽن ۽ پوءِ سيڪنڊن ۾ ڏيڻ لڳي. ضمير يا اظھار جي آزادي به اصل ۾ ماڊرنزم جي دور جي پيداوار آھي، جنھن ۾ انسان کلي طرح سان اڻ سمجهه ۾ ايندڙ لقائن، نظرين ۽ عقيدن تي جرح ڪرڻ لڳو ۽ جواب نه سمجهڻ تي متبادل تلاش ڪرڻ لڳو. انساني شعور جي ھن سفر جون صرف گذريل ڪجهه صديون ڏسبيون ته لڳندو ته اھو تيزيءَ سان ترقي ڪندي ملندو. پر ھتي ھڪ ڳالهه ضرور سمجهه ۾ رکڻي پوندي ته مٿي بيان ڪيل سڀ ترقيون مغرب ۾ ٿينديون ويون، ان جي ابتڙ اسان وٽ بادشاھت، جاگيرداري، پير پرستيءَ جو دور ھئو. ھتي جڏھن ڪا راڻي مري ٿي وئي ته ان جي بادشاھ مڙس تاج محل ٿي ٺھرايو پر مغرب ۾ جيڪڏھن ڪنھن چڱي مڙس جي گهرواري مري ٿي وئي ته ان جي ياد ۾ ھڪ اسپتال، اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي پئي ٺھي. ھا ائين به رھيو ته مغرب ۾ جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ بيپناھ تيزيءَ سان ترقي ٿي رھي ھئي، اتي ھو معاشي ۽ سياسي طور به اوتري ئي حساب سان اڳ کان اڳرا ٿيندا پئي ويا. تجارت جي ھٿيار تي مغرب جو طاقتور گروھ پوري دنيا ۾ ڦھلجڻ ۽ حڪومت ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ لڳو ۽ ائين لڳ ڀڳ ھر ان جڳھ تي پھتا جو اھا ڳالهہ چئي ويندي ھئي ته “برطانيا جو سج نه ٿو لھي سگهي!“
ائين تجارت کان پوءِ سياسي قبضن، حڪومتن جي ٽڪراءَ شدت اختيار ڪئي ۽ دنيا مھا جنگيون ڏسڻ شروع ڪيون. پھرين عالمي جنگ وري ان جي مٿين صديءَ ۾ ٻي عالمي جنگ، جنھن جي نتيجي ۾ سڄي دنيا جو مُنو نقشو تبديل ٿي ويو ۽ لکين انسانن جون جانيون ويون.
پاڻ ايندڙ ڪالم ۾ ٻي مھاڀاري جنگ کان پوءِ ٿيندڙ صورتحال ۽ خوابن جي نالي خرابن جي مارڪيٽ جو سير ڪنداسين ۽ اھو به ته ھاڻي ٿيڻ ڇا پيو وڃي، تي ڳالهائينداسين!