ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ پڇيو ته منجهس مڙس طور ڪهڙي خامي هئي جنهن تي هن کيس انهن خامين بابت ٻڌايو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ويجهڙ ۾ هڪ تقريب دوران عامر خان پنهنجي ۽ ڪرن رائو بابت هڪ دلچسپ واقعو شيئر ڪيو، جنهن ۾ عامر ٻڌايو ته ڪهڙي ريت ڪرن رائو طلاق کانپوءِ کيس 10 کان 15 پوائنٽون لکرايون ۽ هڪ مڙس طور سندس خامين کي ظاهر ڪيو. ڪرن سان دوستيءَ بابت عامر ٻڌايو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته اسان ڌار ٿي چڪا آهيون، هڪ شام مان ڪرن سان گڏ ويٺو هئس ۽ کائنس سوال ڪيو ته مڙس طور مون ۾ ڪهڙي کوٽ هئي؟ منهنجي زندگي جو سفر جاري آهي پر مان پاڻ ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگهان ٿو.
- Post published:28 February 2024