ڪوڙين خبرن تي پنج سال قيد يا ڏهه لک رپيا ڏنڊ جي سزا، سائبر ڪرائيم ترميمي بل تيار
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سائبر ڪرائيم ترميمي بل جو ابتدائي ڊرافٽ تيار ڪري ورتو جنهن تحت ڪوڙيون خبرون ڏيندڙ کي پنج سال قيد يا ڏهه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٿيندي. ميڊيا رپورٽس موجب، حڪومت سائبر ڪرائيم ترميمي بل جو ابتدائي ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي جنهن تحت ڊجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. ڊجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي کي سوشل ميڊيا تان مواد بلاڪ ڪرڻيا هٽائڻ جو اختيار هوندو ۽ اٿارٽي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن يا ڪنهن فرد خلاف هٽائڻ جا حڪم جاري ڪري سگهي ٿي جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت ٻين ادارن يا ڪنهن فرد خلاف خبر ڏيڻ ۽ دهشتگردي پکيڙيندڙ مواد هٽايو ويندو. اٿارٽي وٽ رياست ۽ رياستي ادارن خلاف نفرت پکيڙڻ بابت مواد کي به هٽائڻ و اختيار هوندو. ترميمي بل تحت ڪنهن فرد کي هيسائڻ، ڪوڙو الزام مڙهڻ ۽ پورنو گرامي بابت مواد به هٽايو ويندو جڏهن ته ڄاڻي واڻي ڪوڙي معلومات پکيڙڻ، ورغلائيندڙ مواد شيئر ڪري خوف ۽ هراس پيدا ڪندڙن کي پنج سال قيد يا ڏهه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويندي. اختيارين موجب، اٿارٽي جو هڪ چيئرمين هوندو ۽ اِها ڇهن ميمبرن تي ٻڌل هوندي جڏهن ته اٿارٽي
جي فيصلي خلاف ٽربيونل سان رابطو ڪري سگهبو.